10/08/2025
منهنجو ڪوهستان
سفر نامو... قسط 1
هونءَ ته سڄي سنڌ هيرن کاڻ آهي. جنهن جي وک وک تي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جا چٽا اهڃاڻ واضح نظر اچن ٿا ۽ اها منهنجي خوش قسمتي آهي ته سال 2011 کان پوءِ روزاني هلچل اخبار ۾ نوڪري ڪرڻ دوران منهنجو سنڌ جي هر ضلعي ۾ وڃڻ ٿيو آهي. نه صرف هر ضلعي جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر پر ان جي ڏورانهن شهرن ۽ ڳوٺن کي به ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. بنيادي طور تي طبعي لحاظ کان سنڌ هڪ ميداني علائقو آهي. پر ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇو اهڙا علائقا آهن، جيڪي نه صرف باقي سنڌ کان رهڻي ڪهڻيءَ جي حوالي سان تمام گهڻو مختلف آهن پر تاريخي آثارن سان به ڀريل آهن. جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ اهي علائقا، خاص ڪري ٿر گهمڻ ۽ ڏسڻ جي تمام گهڻي خواهش رهي هئي. ان خواهش جي شدت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1983 ۾ پهريون ڀيرو ٿر ياترا لاءِ مون تياري ته ڪئي هئي، پر وڃي ڪو نه سگهيو هوس ۽ ٻيو ڀيرو 1986 ۾ مڪمل ارادي ۽ تياريءَ سان شڪارپور کان حيدرآباد تائين نڪري به آيو هوس. پر هن ڀيري به ٿر ڏسڻ ۽ گهمڻ واري خواهش پوري ڪو نه ٿي سگهي هئي، ۽ حيدرآباد کان واپس ورڻو پيو هو. جنهن جو سبب صرف ۽ صرف اهو هو ته ان وقت ملڪ ۾ ضيائي آمريت موجود هئي. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ تي ان آمراڻي حڪومت جو ڏمر ڪجهه سوايو ۽ سرس هيو. جڏهن ته انهن ٻنهي سالن دوران سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو زور هجڻ ڪري فوجي جنتا سنڌين مٿان تمام گهڻي ڏمريل به هئي. اهو ئي سبب هيو جو ٻئي ڀيرا دوستن منهنجي ٿر وڃڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ اهو چيو هو ته ٿر حساس علائقو هجڻ ڪري، هتي سنڌ جي ٻين علائقن جي ماڻهن کي سخت تڪليف ڏسڻي پوي ٿي. ايتري قدر جو غير ٿرين کي گرفتار ڪري تفتيش هيٺ به رکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح 2016 تائين ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇو گهمڻ واري منهنجي اها خواهش ماٺي ته ضرور ٿي هئي پر ختم ڪڏهن به ڪو نه ٿي. ان کان اڳ جو منهنجي اها خواهش حسرت ۾ تبديل ٿي وڃي، 2016 ۾ پهريون ڀيرو مون کي ڪوهستان وڃڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو هو جتي چار ڏينهن رهڻ دوران مون کي ڪوهستان جي هڪ وڏي علائقي بابت چڱي خاصي ڄاڻ به ملي هئي.
اها ڊسمبر 2016 جي ٻارهين تاريخ هئي جڏهن مون بشير ڪاٺ کي فون ڪري ڪوهستان گهمڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ۽ کيس چيو هو ته جيڪڏهن هو ۽ خدا بخش وڪيجو فارغ هجن ۽ مون کي ڪجهه ڏينهن ڪوهستان جو سفر ڪرائن ته مان اڄ ئي هنن وٽ نڪري اچان. بشير مون کي تمام گهڻي سٺي موٽ ڏني هئي ۽ خدا بخش سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو هو. مون جڏهن هن سان فون تي رابطو ڪري کيس پنهنجي خواهش کان آگاهه ڪيو ته، هن پاران به هاڪاري موٽ ملي هئي. اهڙي طرح مان منجهند جو ٻي وڳي ڌاري حيدرآباد کان روانو ٿي چئين وڳي تائين بشير ڪاٺ وٽ پهچي ويو هوس. جيڪو نوري آباد کان اڳيان بسم ﷲ هوٽل واري اسٽاپ تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. بشير ڪاٺ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ 2013 ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن مان رواني هلچل ۾ نوڪري ڪندو هوس. هن مون سان منهنجي صحافي دوست عبداش پنهور جي معرفت رابطو ڪيو هو ۽ نوري آباد ۾ اخبار لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ ٿي چاهي. عجيب اتفاق اهو آهي ته هو اخبار جو رپورٽر ته نه ٿي سگهيو هو، پر منهنجو هن سان دوستيءَ وارو تعلق جڙي ويو هو. اهو دوستاڻو تعلق اڄ به هن سان قائم آهي. خدا بخش وڪيجو سان به منهنجي ملاقات هن ئي ڪرائي هئي. هي ٻئي نوجوان روشن خيال ۽ سٺا پڙهيا لکيا ڪوهستاني آهن. علم، ادب ۽ سياست جي به گهري ڄاڻ رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو هو ڪوهستان جهڙي پٺتي پيل علائقي مان " ڪوهستان منظر" جي نالي سان هڪ سلسليوار ادبي ميگزين به شايع ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ ڪجهه ٻيا دوست به هنن جا سهڪاري آهن. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته خدا بخش وڪيجو اهڙو نوجوان آهي جنهن کي ڪوهستان بابت سٺي ڄاڻ حاصل آهي ۽ هو علمي ادبي حوالي سان به تمام گهڻو ڀَڙُ آهي. خدا بخش هن وقت هڪ صنعتي اداري پاران قائم ڪيل اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ٻارن کي پڙهائي ٿو. نظرياتي طور هو مون کي رسول بخش پليجي جي سياسي فڪر جو پانڌيئڙو لڳندو آهي. بشير ڪاٺ، ڳوٺ دوست محمد پالاريءَ جو رهاڪو آهي. هي ڳوٺ حيدرآباد کان ڪراچيءَ ويندي، دادا ڀائي سيمنيٽ فيڪٽري کان يارهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي روڊ کان سڏَ پنڌ تي موجود آهي. بشير ڪاٺ، مون کي ڳوٺ وٺي هلڻ بجاءِ، روڊ جي ٻي ڀر ان پيٽرول پمپ تي وٺي هليو هو، جيڪو ان وقت بند پيو هو ۽ بجليءَ جا ٿنڀا لڳائڻ واري ڪنهن خانگي ڪمپنيءَ کي مسواڙ تي ڏنل هو. بشير ٻڌايو هو ته موٽر وي ٺهڻ ڪري نه صرف هي پمپ پر ٻيا به ڪيترائي پيٽرول پمپ بند ڪرايا ويا آهن. پمپ جي پويان ٺهيل هڪ وڏي هال ۾ هٿ مُنهن ڌوئڻ ۽ اتي ئي ڪپڙن جو ٿيلهو رکي، اسان لالو پالاريءَ جي هوٽل تي چانھن پيتي هئي ۽ ان کان پوءِ خدا بخش جي ڏنل ڏس پتي تي روانا ٿياسين. بشير ٻڌايو هو ته خدا بخش اسان سان اتي ملندو.
ان ڏينهن اسان جي هن ڪوهستان واري سفر جي پهرين منزل ٽڪ مڪان جو پراڻو قبرستان هئي. جتي خدا بخش اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي موجود هيو. هي قبرستان دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽريءَ جي سامهون، پنجن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اولھ طرف ڪوڊير جبل جي وَٽِ ۾ آهي. ڪوهستان جي هن پراڻي قبرستان ۾ هونءَ ته گهڻي ڀاڱي نيون قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر هتي ڪجهه قبرون اهڙيون به موجود آهن، جيڪي ڏسڻ وٽان آهن. هي قبرون جيڪي پنهنجي اڏاوت جي لحاظ کان مڪلي ۽ چوکنڊي جي قبرستانن ۾ موجود قبرن جهڙيون ٺهيل آهن ۽ سوين سال پراڻيون ٿي سگهن ٿيون. ڇو ته هن وقت هن پاسي اهڙيون قبرون ٺهن ئي ڪونه ٿيون. ٽڪ مڪان جي وچ ۾ هڪ مٿاهين چبوتري تي ڇھ قبرون اهڙيون موجود آهن، جيڪي پيلي پٿر جون ٺهيل آهن. جن جي اوچائي ڏهن فٽن کان به مٿي آهي ۽ انهن تي رَنبيءَ جي اُڪر سان شاندار قسم جي چٽسالي به ٿيل آهي. هتي اهڙي ئي طرز جون ڪجهه ٻيون قبرون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، پر اهي ڪجهه ننڍيون آهن. مان جڏهن ڪوڊير جبل جي هڪ ننڍڙي پهاڙيءَ تي چڙهي ٽڪ مڪان جو سرسري جائزو ورتو هو ته دنگ رهجي ويو هوس ۽ قبرستان جي ايراضيءَ واري بيهڪ مون کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته مٿان کان ڏسڻ سان هن قبرستان جي بيهڪ سنڌ جي هاڻوڪي نقشي جهڙي نظر اچي ٿي. هن قبرستان جي حوالي سان منهنجي لاءِ اهو هڪ اهڙو اهم اتفاق هيو، جنھن کي مان نظر انداز نه ڪري سگهيو هوس.
ٽڪ مڪان جي قبرستان کان پوءِ اسان جي اڳين منزل ان پير جي مزار يا قبر هئي، جيڪو هن علائقي ۾ ڪوٽيرو پير اصحابيءَ جي نالي سان مشهور آهي. اسان لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽر ڪچي رستي تي سفر ڪرڻ کان پوءِ ان روڊ تي پهتا هئاسين جيڪو هٻڪاڻ کان ٿاڻو بولا خان وڃي ٿو. هنڌان هنڌان اکڙيل هن روڊ کان بهتر تہ اهو ڪچو رستو هيو، جنھن تي اسان پنج ڪلوميٽر سفر ڪيو هو. بحر حال ان رستي تي ٻہ ڪلوميٽر سفر ڪرڻ کان پوءِ اسان ان هنڌ پهتا هئاسين، جيڪو " مکي مار" اسٽاپ جي نالي سان سڏجي ٿو. ڪوٽيرو پير اصحابيءَ جي قبر به هن ئي اسٽاپ جي ڀر ۾ آهي. مون کي هن مکي مار اسٽاپ جو نالو ڪجهه عجيب لڳو هو. جنهن بابت مون خدا بخش ۽ بشير کان ڄاڻ ورتي هئي، جيئن معلوم ٿي سگهي ته ان اسٽاپ تي اهو مکي مار نالو ڪيئن پيو آهي. بشير ٻڌايو هو ته گهڻو وقت اڳ هتي صرف هڪڙو ئي هوٽل هوندو هو. جنھن تي ڳُڙ واري چانھن ملندي هئي. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺاڻي کي اهڙي چانھن ڏني وئي جنهن ۾ مئل مک پيل هئي. جنھن تي هن دانهن ڪري ٻي چانھن گهرائي. پر ٻي ڀيري به هن جي چانھن ۾ مک پيل هئي. اهڙي طرح جڏهن هن کي ٽيون ڀيرو چانھن ڏني وئي ته ان ۾ به مک پيل هئي. جنھن تي هو هوٽل وارن کي اهو چئي اٿي ويو هو ته، " رڳو ٿا چانھن ۾ مکيون ماريو". ان کان پوءِ هن اسٽاپ جو نالو مکي مار پئجي ويو هو. ڪوٽيرو پير اصحابيءَ جي قبر چاليھ فٽ ڊگهي ۽ پنج فٽ ويڪرو، سيمينٽ جو اهو دڪو يا ٿلهو آهي، جيڪو زمين کان چار فٽ مٿي ٺهيل آهي. جنهن جي مٿان ننڍي سائيز وارا ڪيترائي ڳاڙها، ساوا، نيرا ۽ پيلا پَڙَ پيل هئا. هتي اڌڙوٽ عمر واري مجاور کان سواءِ ڏهاڪو کن ٻيا ماڻهو به ويٺل هئا. جيڪي يقيني طور تي هن پير جا عقيدتمند هيا. قبر جي پيراندي واري پاسي کان مون کي اهي ٽي ". سلفي باز" همراه به نظر آيا هئا، جيڪي سنڌ ۾ هر پير جي درگاھ تي عام جام نظر ايندا آهن. اصحابي پير جي هيءَ چاليھ فٽ ڊگهي قبر ڏسي، مون کي ڪا به حيرت نه ٿي هئي، ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي پير ۽ درگاهون موجود آهن، جن بابت هٿرادو ڏندڪٿائن کان سواءِ ٻيو ڪو به حقيقي مواد موجود ناهي هوندو. ان ڪري مون هن پير بابت ان جي مجاور کان ڪو به سوال نه ڪيو هو. ڇو ته هن کان اهو سوال ڪرڻ ئي اجايو هو ته، اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ نبي ڪريم صلم جن جي حياتيءَ ۾ اهڙو ڪو به اصحابي موجود نه هيو جنهن جو قد چاليھ فٽ ڊگهو هجي. نه وري تاريخي طور اهو اهڙو دور هيو، جنھن ۾ ايتري ڊگهي قد وارا ماڻهو موجود هجن.
هتي مون کي ٻہ اَڌ ٿيل هڪ اهڙو وڏو پٿر به رکيل نظر آيو هو، جيڪو وڏي سائيز جي ديڳ وانگر تراشيل هيو. جنهن بابت به ان مجاور وٽ ڪا معلومات موجود نه هئي ته، اهو پٿر هن کي ڪٿان هٿ آيو هو، يا وري ڪڏهن کان هتي موجود آهي. اهو پٿر جهڙي طرح ديڳ جي شڪل ۾ تراشيل يا ڪٽائي ٿيل نظر اچي ٿو، ان حوالي سان ان جي ڪا اهميت ضرور ٿي سگهي ٿي. خدا بخش جو ڳوٺ، فضل پالاري به مکي مار اسٽاپ جي سامهون، روڊ جي ٻي پاسي کان آهي. ٽي چار سئو آباديءَ واري هن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول به موجود آهي. ڳوٺ جي رهواسين جي گذر سفر جو گهڻي ڀاڱي زراعت تي آهي. پر جڏهن کان نوري آباد جو صنعتي علائقو قائم ٿيو آهي تڏھن کان هن علائقي جا رهواسي فيڪٽرين ۾ به ڪمائڻ لڳا آهن. جيڪو هڪ مثبت عمل آهي. ڪوٽيرو پير اصحابيءَ جي قبر ڏسڻ کان پوءِ اسان رات جو ڏهين وڳي ڌاري ان ساڳي هال تي واپس موٽي آيا هياسين. جتي ڪراچيءَ جو هڪ نوجوان مھتاب زاهد اڳ ۾ ئي ويٺو هو. هو ٿنڀن لڳائڻ واري خانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿو. اسان ان رات ماني کائڻ کان پوءِ ڏيڍ وڳي تائين لوڊي راند به کيڏي هئي.