Kitab Nagar

Kitab  Nagar Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Kitab Nagar, Book shop, Hyderabad.

Pakistan 1st online bookstore Sindhi Urdu and English books, Novel, History, Autobiography, Short Stories, Educational and Exam books available COD all over Pakistan

مطالعي لاءِ سٺي سوکڙيڪتاب: سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي؟(How to be a Good Communist)موضوع: تنظيمي معاملن تي ناياب تحريرونليکڪ: ل...
09/09/2026

مطالعي لاءِ سٺي سوکڙي
ڪتاب: سٺو ڪميونسٽ ڪيئن ٿجي؟
(How to be a Good Communist)
موضوع: تنظيمي معاملن تي ناياب تحريرون
ليکڪ: ليو شائوچي (Liu Shaoqi)
سنڌيڪار: عطا محمد پنهور
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن
ڪنهن به سياسي يا ترقي پسند تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو مدار رڳو نعرن تي نه، پر ڪارڪنن جي فڪري پختگي ۽ تنظيمي اخلاقيات تي هوندو آهي.
چيني ڪميونسٽ پارٽي (CPC) جي اڳوڻي صدر ۽ نظرياتي اڳواڻ ليو شائوچي جو هي ڪتاب تنظيمي اڏاوت، پارٽي ڊسيپلين ۽ سياسي اخلاق جو هڪ عملي منشور آهي. هي ڪتاب واضح ڪري ٿو ته:
* هڪ سياسي ڪارڪن کي ذاتي مفاد مٿان تنظيمي ۽ عوامي مفاد ڪيئن ترجيح ڏيڻ گهرجي؟
* جمهوري مرڪزيت (Democratic Centralism) جو اصل روح ڇا آهي؟
* تنقيد ۽ خود تنقيد ذريعي تنظيم ۽ ڪردار جي اصلاح ڪيئن ممڪن آهي؟
نامياري اديب ۽ محقق عطا محمد پنهور هن بنيادي دستاويز کي انتهائي سادي ۽ روان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ جي سياسي شعور رکندڙ حلقن تائين پهچايو آهي.
سياسي، ادبي ۽ تنظيمي ساٿين لاءِ پڙهڻ جوڳو شاهڪار!
رابطي ۽ گهرائڻ لاءِ:
📞 فون / آرڊر:- 3522714-0331
0315-3688198
🌐 ويب سائيٽ: kitabnagar.pk

ڪتاب نگر آن لائن ڪتاب گهر📚 سنڌي ادب جو لازوال شاهڪار هاڻي دستياب آهي!سياست، فڪر ۽ سماجي شعور جي عظيم اڳواڻ رسول بخش پليج...
08/09/2026

ڪتاب نگر آن لائن ڪتاب گهر
📚 سنڌي ادب جو لازوال شاهڪار هاڻي دستياب آهي!
سياست، فڪر ۽ سماجي شعور جي عظيم اڳواڻ رسول بخش پليجو جو مشهور ۽ شاهڪار ڪتاب:
📖 ڪتاب: انڌا اونڌا ويڄ
✍️ ليکڪ: رسول بخش پليجو
💵 قيمت: رڳو 550 روپيا
ڪتاب پڙهندڙن ۽ علم دوست ساٿين لاءِ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جو حصو بڻائڻ جو بهترين موقعو.
📦 گهر ويٺي ڪتاب گهرائڻ لاءِ اڄ ئي رابطو ڪريو:
📞 فون / واٽس ايپ:
• 0331-3522714
• 0315-3688198
🌐 آن لائين آرڊر ڪرڻ لاءِ وزٽ ڪريو:
Kitabnagar.pk

انڌا اونڌا ويڄليکڪ رسول بخش پليجوقيمت 550ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو0331352271403153688198يا وزٽ ڪريو اسان جي ويب سائيٽ...
08/09/2026

انڌا اونڌا ويڄ
ليکڪ رسول بخش پليجو
قيمت 550
ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو
03313522714
03153688198
يا وزٽ ڪريو اسان جي ويب سائيٽ
Kitabnagar.pk

ڪتاب نگر آن لائين بُڪ اسٽور (Kitabnagar.pk)​سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪ قادر سولنگي جا ٻہ شاهڪار ناول هاڻي دستياب آهن:​1️⃣...
06/09/2026

ڪتاب نگر آن لائين بُڪ اسٽور (Kitabnagar.pk)
​سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪ قادر سولنگي جا ٻہ شاهڪار ناول هاڻي دستياب آهن:
​1️⃣ سرجيس تان سور. 300
2️⃣ پاڻيءَ منجھه جهوپڙا 350
​🏷️ خاص رعايتي قيمت: صرف 600 رپيا
فري هوم ڊليوري
🚚 سڄي پاڪستان ۾ ڪتاب گهر ويٺي گهرائڻ لاءِ اڄ ئي رابطو ڪريو!
​📞 آرڊر ڪرڻ لاءِ رابطو:
• 0331-3522714
• 0315-3688198
​🌐 آن لائين ويب سائيٽ وزٽ ڪريو:
Kitabnagar.pk
​

Sindhi Novel Sat Rangi Chokryoon by Saleem Jamaliسنڌي ناولست رنگي ڇوڪريونليکڪ سليم جماليسنڌي ادب ۾ ليسبين محبت(le***an l...
30/08/2026

Sindhi Novel Sat Rangi Chokryoon by Saleem Jamali

سنڌي ناول

ست رنگي ڇوڪريون

ليکڪ سليم جمالي

سنڌي ادب ۾ ليسبين محبت

(le***an love)

جهڙي ممنوع ٿيل موضوع تي لکيل پهريون ناول شايع ٿي چڪو آھي. ست_رنگي_ڇوڪريون سموري سنسرشپ، ڌماچوڪڙي ۽ ڪنڊيدار ديوارن کي ٽوڙي جنسي اقليتن (Sexual minorities) جي نفيس ڪيفيتن، احساسن، اُڌمن ۽ محرومين کي ڪاغذن تي پوئڻ وارو ساھتي سفر جاري رکندي، منهنجو نئون آيل ناول "ست رنگي ڇوڪريون" مختلف ڪتاب گهرن تي دستياب آھي.

سنڌي ادبي اتهاس ۾ ست رنگي پريت (Le***an love) تي لکيل پهريون ناول آھي. ھن ناول جا مرڪزي ڪردار رابيل ۽ نرگس ليسبين آھن، جيڪي زماني جون رنڊڪون ٽوڙي محبت ڪن ٿيون. ھنن جي وجود تي پهاڙ جيڏيون راتيون لٿيون، مگر چڪوري آس دل ۾ زنده رھي.

ست رنگي عورتن جي محبوبيت جو ڦهلاءُ وسيع، لامحدود، اڻٿڪ ۽ اڻکٽ ھوندو آھي.

بهرحال، ھن ڪتاب منجهہ گهوگهاٽيل سماج، دونهاٽيل زندگيون، خوابن جا ڪاڪ محل، سريلن جسمن جون رھاڻيون، چنڊ جي سهائي ۽ انڊلٺي روحن جي آوارہ گردي سميت ھر اھو منظر ڏسڻ لاءِ ملندو، جيڪو ذھني طور اپاھج ماڻهن جي شهر ۾ چُرپُر پيدا ڪري سگهي ٿو.
(سليم جمالي)

ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو
03313522714
03153688198
یا اسان جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو
Sindhi Novel Sat Rangi Chokryoon by Saleem Jamali https://kitabnagar.pk/store/sindhi-books/sindhi-novel-books/sindhi-novel-sat-rangi-chokryoon-by-saleem-jamali/

سنڌ جون انقلابي عورتونڊاڪٽر آزاد قاضيقيمت: 400گهرائڻ لاءِ رابطو ڪريو:ڪتاب نگر آن لائين ڪتاب گهر حيدرآباد 033135227140315...
27/08/2026

سنڌ جون انقلابي عورتون
ڊاڪٽر آزاد قاضي
قيمت: 400

گهرائڻ لاءِ رابطو ڪريو:
ڪتاب نگر آن لائين ڪتاب گهر حيدرآباد
03313522714
03153688198
يا وزٽ ڪريو اسان جي ويب سائيٽ
Kitabnagar.pk

يونيورسٽي جي آخري شام / نصير احمد چاچڙعبدالڪريم چناڪيمپس ڪهاڻي. آتم ڪٿائي ڇهاءَ واري ڪهاڻي. مکيہ ڪردار نويد نالي نوجوان ...
26/08/2026

يونيورسٽي جي آخري شام / نصير احمد چاچڙ
عبدالڪريم چنا

ڪيمپس ڪهاڻي. آتم ڪٿائي ڇهاءَ واري ڪهاڻي. مکيہ ڪردار نويد نالي نوجوان آهي جيڪو ضمير متڪلم واري انداز ۾ ورسٽي ڏهاڙن جي ڪٿا بيان ڪري ٿو. ڪهاڻي آخر ۾ انتهائي ڪمزور ۽ رواجي پڻي جي ور چڙهي وڃي ٿي.

لکڻيءَ ۾ گهٽ مطالعي ۽ پهرئين تجربي جون ڪچايون ظاهر آهن :
1. ڪهاڻي جو بيان ڪندڙ نويد آهي جيڪو ضمير متڪلم ۾ واقعا بيان ڪرڻ جي شروعات ڪري ٿو، پر صفحي 54 کان بيان جو انداز ڇوڪريءَ واري ڪردار سهڻيءَ سان "مخاطب ٿيڻ" ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. ان ريت سموري ناول اندر ڪنهن وقت پڙهندڙ کي Third Person طور مخاطب بڻايو آهي تہ ڪنهن وقت سهڻي کي تون Second Person ڪري مخاطب ڪيو ويو آهي. سهڻي کي مخاطب ڪرڻ وارو طريقو ڊائريءَ ۾ محبوبا سان مخطاب ٿي يادگيريون سهيڙڻ وارو انداز بڻيل لڳي ٿو. ناولائز ڪرڻ وقت ضمير متڪلم واري بيان ۽ سهڻيءَ سان لاڳاپيل واقعن ۽ ڳالهين کي ضمير حاضر "تون" بدران ضمير غائب "هوءَ/هن" ڪري پيش ڪجي ها. ان مکيه غلطيءَ سبب ناول اندر ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو طريقو ٽڪراءَ ۾ هليو ويو آهي.

2. ڪهاڻي زمان ماضيءَ Past Tense ۾ لکڻ جي ضرورت هئي پر زمان ماضي بعيد Past Perfecr Tense کي استعمال ڪري بيان کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي زمان ماضيءَ جو ڪيل استعمال بهتر لڳي رهيو آهي. اڪثر جاين تي ماضي ۽ ماضي بعيد جو ٽڪراءُ به هلندو رهيو آهي. ڪٿي ته هڪ ئي پيراگراف ۾ حال، ماضي ۽ ماضي بعيد اچي ويا آهن.

3. هر صفحي تي مختلف جملن ۾ لفظن جي غلط چونڊ سبب جملن مان فطري سونهن ۽ اثر نٿو ملي.

4. بياني انداز Narrative style واري لکڻيءَ ۾ تحريري انداز scriptive style وارا جملا استعمال ٿيڻ به ڪَچائي آهي. يعني جٿي ڪاما ( ، ) لڳڻ گهرجي ان جڳھ تي ڪولن ( : ) هڻي جملو پيش ڪيو ويو آهي.

5. جملي بيان ڪرڻ واري ٽيڪنڪ ۾ انورٽيڊ ڪاماز ( " " ) جو به سڄي ناول ۾ غلط استعمال ٿيل آهي. ڳالھ پوري ڪرڻ کانپوءِ انورٽيڊ ڪاماز لڳائي جملو بند ڪرڻ بدران فلاڻي چيو وارو حصو رکي آخر ۾ انورٽيڊ ڪاماز لڳائڻ واري غلطي عام بڻيل آهي.

6. جمع ۾ لفظ "جن" استعمال ٿيندو آهي پر هر هنڌ "جنهن" لڳايو ويو آهي. اهو ذهن ۾ رهي ته "جنهن" واحد لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

7. جملن اندر حالت فاعليءَ طور ضمير "مان" لڳائڻ بدران ان جي مفعولي حالت "مون" لڳائڻ جي وري وري غلطي ڪيل ملي ٿي.
مثال: مون هن کي ڏسندي ڏسندي سوچڻ لڳس.... (ص. 46)
هتي "مون" بدران "مان" استعمال ڪجي.
ان ريت "مون" جو غلط استعمال کوڙ جاين تي ملي ٿو.

8. ضمير "هُن" بدران وري وري "اُن" جو ٿيل استعمال به اڻ وڻندڙ لڳي ٿو.

9. ضميرن جي حالت اضافت بدران حالت فاعلي ۽ حالت مفعولي استعمال ڪرڻ واري غلطي عام جام بڻيل آهي. ان غلطيءَ سبب نثر جڏو ۽ ڦڪو بڻجي ويو آهي.

10. لکڻيءَ احساسن کي سگهارو بنائڻ لاءِ تشبيهن جي استعمال تي زور ڏنو ويو آهي. ڪافي جاين تي نثر سهڻو ملي ٿو پر ڪافي جاين تي تشبيهون ڏاڍيون ڪمزور ۽ اڻ ٺهڪندڙ استعمال ٿيل آهن.

11. اردو لفظن ۽ اصطلاحن کي سنڌي ويس پهرائي سنڌي بنائڻ جي خراب ڪوشش ڪيل آهي. جٿي سولا سهڻا سنڌي لفظ استعمال ڪجن ها اتي اجايو اردو لفظن کي وري وري آڻڻ سبب ٻوليءَ جي ڪچائپ ظاهر ٿئي ٿي.
مثال: اڱڻ بدران صحن، ٽهڪ بدران قهقهه، اوپرائپ بدران اجنبيت، ڏاڍو/ڏاڍي بدران تمام، سهڻو/سهڻي بدران خوبصورت ۽ حَسين، پاريهر بدران جهنگلي ڪبوتر، چؤڌاري/ ڀرپاسي بدران ارد گرد، رُڌل بدران مگن، لفظَ بدران الفاظ، بيوس بدران بي بس، پاڇو بدران سايو، ڇانوَ/ ڇانورو بدران سايو... وغيره

12. کوڙ جاين تي اهڙا جملا ملن ٿا جن جو اڳيون ۽ پويون حصو پاڻ ۾ ميلاپ نٿا رکن. بناوٽ جي اهڙي ڪچائپ نثر اندر رکائپ ۽ مونجهارا پيدا ڪري رکيا آهن.
مثال:
1. هن جي مسڪراهٽ ويتر بيحد پيارو نالو ان جي حسن ۽ ادائن جي ساک ڏئي رهيا هئا ته ان جي خوبصورت ۽ معصوميت کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪو به انڪاري نٿو ٿي سگهي. (ص. 52)

ان مان سنڌي ٻوليءَ جي گرامر grammar ۽ بيهڪ جي نشانين punctuation marks ۾ ڪچائپ، ۽ بناوٽ composition جي اصولن کان اڻوافقيت ظاهر ٿئي ٿي. ناول نگار طور ليکڪ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي، انڪري بهتر ائي رهندو ته مطالعي کي وڌائي سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن جي اصولن ۾ پختگي ماڻي ٻيهر ڪا تخليق سرجڻ وقت انهن غلطين کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

"دنيا ۽ سماج ۾ ڪجھ اھڙا زخم ھوندا آھن جيڪي وقت سان نـ وسرندا آھن نـ ئي ڪنھن ھڪ گھر تائين محدود ھوندا آھن اھي زخم پوري ڌر...
26/08/2026

"دنيا ۽ سماج ۾ ڪجھ اھڙا زخم ھوندا آھن جيڪي وقت سان نـ وسرندا آھن نـ ئي ڪنھن ھڪ گھر تائين محدود ھوندا آھن اھي زخم پوري ڌرتي کي پنھنجي ڏک,تڪليف ۽ پنھنجي صدائن سان ڀري ڇڏيندا آھن."

ناول :وڏيري جي ڌي ڪاري
ليکڪ: حاڪم علي بؙڙدي
ڪتاب آن لائين گهرائڻ رابطو ڪيو
03313522714
03153688198
يا وزٽ ڪريو اسان جي ويب سائيٽ
Kitabnagar.pk

Address

Hyderabad
71000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kitab Nagar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category