Shah Latif Kitab Ghar

Shah Latif Kitab Ghar Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Shah Latif Kitab Ghar, Book shop, Shah Latif Kitab Ghar , Press Street , Ghari Khato, Hyder Chowk, Hyderabad.

23/08/2023
17/02/2019

مون هيءُ ڪتاب آگسٽ 1988ع جي وچ ڌاري پورو ڪيو هو. انهيءَ عرصي ۾ پتو نه پوندو هو ته سج ڪڏهن ٿو اُڀري ۽ لهي. شايد جيڪي اچي رهيو هو، ان جا منهنجي من تي پاڇاوان پئجي رهيا هئا. مون کي ايئن ٿي لڳو ته گهڙو ڀرجي ڀرجي هاڻي ڇُلڪندو. اوچتو جنرل ضياءُ الحق اڏامي ويو. جيستائين ادل سومرو ڪتاب نقل ڪري ئي ڪري، اليڪشن ٿي، سنڌ ۾ رجعت پرست پاڙان پٽجي ويا، ۽ ساري سنڌي قوم جي اتفاق راءِ ۽ ٻين صوبن ۾ اڪثريت جي ووٽن سان شهيد ڀُٽي جي ڌيءَ محترمه بينظير ڀُٽو اقتدار ۾ آئي. ايشيا جي بدترين آمريت کان هن ڌرتيءَ کي نجات ملي ۽ آئينده امن ۽ محبت جا امڪان پيدا ٿيا. جيئن هي ڪتاب پورو ٿيو هو، تيئن فيروز احمد پنهنجن ڪتابن ۾ ان جي عنقريب اشاعت لاءِ اشتهار ڏنا هئا. ٻه سال اڳ جڏهن مون حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سالياني ميڙ جي پهرين صدارت ڪئي هئي، ته مون من ۾ فيصلو ڪيو هو ته، پنهنجي صحت کي مدنظر رکي، هڪ سياستدان وانگر ته مان سياست ۾ بهرو نه وٺندس ۽ ون يونٽ واري دور وانگر ساريءَ سنڌ جي شهر شهر ۾ ادبي جلسن ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي ادب کي کاٻيءَ ڌر جي سياست جو همرڪاب نه بڻائي سگهندس، پر ڏينهن رات پورهيو ڪري، ڪتاب لکي، اُنهن جي اشاعت سان هن دور جي ترقي پسند سياست کي هٿي ضرور ڏيندس.
مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته منهنجي محنت سجائي ٿي آهي، منهنجون تحريرون سنڌ جي نئين ۽ پراڻي نسل ۾ باهه وانگر ڦهلجي ويون آهن ۽ منهنجي ادبي حاصلات لاءِ ساڳيو احترام ۽ محبت اُڀري آئي آهي، جا ڏهاڪو سال اڳي هئي، بلڪ اُن جو اظهار اڳ کان به وڌيڪ ٿي رهيو آهي. جي منهنجو ادب اُن وقت سنڌ کي ڪم اچي سگهي، جنهن وقت سنڌ جو وجود ئي خطري ۾ هجي، ته مون کي ان جي پرواهه نه آهي ته اُهو صدين تائين زنده رهي يا نه.
مان چاهيان ته سوويت ادب تي ٻه ٽي سؤ صفحا لکي سگهان ها، پر ڪتاب ڏاڍو وڏو ٿي وڃي ها. ان ڪري مون اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ ان تي مختصر نگاهه وڌي آهي، پر سولزي نٽسن تي ڪجهه تفصيل سان لکيو آهي، ڇو ته اها ئي مزاحمت جي وڏي ۾ وڏي ۽ زندهه نشاني آهي.
مون في الحال روس جو سفرنامو، اڌ ۾ لکي، رکي ڇڏيو آهي، ڇو ته هاڻي ته ظاهر ٿي پيو آهي ته روس جي تاريخ ۽ ترقيءَ جي باري ۾ انگ اکر غلط آهن.
آخر ۾ مان پنهنجي نوجوان دوست، ادل سومري، جو ٿورائتو آهيان، جنهن نهايت لگن سان هن ڪتاب جو نقل ڪيو آهي. هو مدد نه ڪري ها ته، منهنجين بي انتها مصروفيتن سبب، هن ڪتاب جي اشاعت ۾ وڌيڪ دير لڳي وڃي ها.

شيخ اياز

https://www.roshnipublication.com/
https://www.facebook.com/RoshniPublication
https://roshni-publication.business.site/
https://twitter.com/RoshniPub
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://plus.google.com/u/0/+RoshniRublication
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/44012104-karachi-ja-deenah-ain-ratiyoon

Book No . 924
Book Name: Karachi Ja Deenah Ain Ratiyoon (Diary/Notes)

by: Shaikh Ayaz

First Edition: New Fields Publications, Hyderabad 1989
Second Edition © Roshni 2019
Pages: 208
Size: Demy
Published By: Roshni Publication, Kandiaro, Sindh
Price Rs. 275.00

ISBN 978-969-9726-05-7

Contact: 03331-2285746
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Roshni Books, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

Stockist

Karachi: Kathiawar Store, Urdu Bazaar, Karachi + Mashallah Bookpoint, Urdu Bazaar, Karachi
Hyderabad: Bhitai Bookhouse, Orient Centre, Hyderabad
Larkana: Rabail Kitab Ghar, Larkana + Rahbar Book Academy, Rabia Center, Larkana + Sindhica Bookshop, Larkana
Nawabshah: Suleman Brothers, Nawanshah + Ashraf Bookstall, Masjid rd, Nawabshah + Awami Kitab Ghar, Nawabshah
Khipro: Mehran Book Depot, Khipro + Muhammad Yaqoob, Khipro
Sanghar: Al-Mehran Adabi Kitab Ghar, Sanghar + Mehboob Sodho, Sanghar
Mirpur Khas: Kangri Bookshop, Mirpur Khas + Hur Kitab Ghar, Mirpur Khas + Hilal Kitab Ghar, Mirpur Khas
Umerkot: Al-Aaziz Kitab Ghar, Umerkot
Dadu: Saleem News Agency, New busstand, Dadu
Mehar: Razaq Book Depot, Mehar
Badin: Mirchu Lal Book Depot, Badin
Mithi: Thar Kitab Ghar, Mithi
Sukkur: Aziz Kitab Ghar, Barrage rd, Sukkur + Faizan Book Depot, Neem Ki Charhi, Sukkur
Khairpur Mirs: Tehzeeb News agency, Khairpur Mirs
Khuhra: Muqtaba Azizia, Khuhra
Naushahro Feroze: Memon Book Depot, Naushahro Feroze
Kandiaro: Sarang Kitab Ghar, Kandiaro

06/06/2018

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل واقعا، 1923ع ۾ آفريڪا جي اُڀرندي ساحل تي ٿيل بغاوت جي عيني شاهدن جا بيان ڪيل آهن. ڪتاب جا مختلف ڪردار حقيقي آهن. انگريز آبادڪارن موجب انهن واقعن جو هيرو ڪئپٽن جارج سمپسن هو، جنهن کي بغاوت جي خبر سڀ کان پهرين پئي ۽ جنهن بغاوت کي چيڀاٽي ڇڏيو.

ڪرسٽوفر نڪول

۽ اسان جي خيال ۾ هن ڪتاب جو هيرو، اهو نوجوان نيگرو آهي، جنهن جي سيني ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪي اُٿي هُئي ۽ جنهن چاهيو ٿي ته سندس ڌرتي، ڌارين کان آزاد ٿئي ۽ غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان نڪري وڃي.

نصير اعجاز

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/40281179-negro-ishq-ain-baghawat

Book No . 904
Kitab Jo Nalo: Negro, Ishq Ain Baghawat (Novel)

Author: Christopher Nicole
Translated by: Nasir Aijaz

Third Edition © Roshni 2018
Second Edition October 1996 (New Fields)
First Edition June 1984

Pages: 144
Size: Demy
Published By: Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

23/05/2018

ناسي ۽ نيرن خوابن بدران سرمئي خوابن تي مشتمل ڪجهه حقيقتون کڻي هڪ نئين انداز سان اوهان جي عدالت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حاضر ٿي رهيو آهيان... نيرين اکين ۽ سرمئي خوابن تي مشتمل هنن حقيقتن کي اوهين ڪهڙي رنگ ۾ ٿا وٺو، انهيءَ جو فيصلو شايد آئون نه ڪري سگهان. ڇو ته هر فيصلي جو اختيار هميشه جيان هن ڀيري به اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ ئي آهي... بس آئون رڳو ايترو ئي چوندس ته مون جيئن ڏٺو، جيئن محسوس ڪيو ۽ جهڙين ڪيفيتن ۾ هي سڀ ڪجهه لکيو، سو اوهان جي سامهون ۽ اوهان جي هٿن ۾ آهي. چاهيو ته پسند جو ٺپو هڻي، مون ڏانهن پوسٽ ڪري سگهو ٿا ۽ نه چاهيو ته منڌيئڙو پائي هن ڪتاب کي ڪنهن ڪٻاڙ ۾ اڇلائي سگهو ٿا. سڀ ڪجهه اوهان جي پسند ۽ ناپسند، اختيار ۽ هٿن ۾ آهي... ها! سبجيڪٽ سان اختلاف اوهان جو حق آهي ۽ لکڻ منهنجو فرض. ۽ اسان سڀئي ايمانداريءَ سان پنهنجو پنهنجو فرض نڀائيندا رهون ٿا، ڇو ته هونئن به اسان سڀئي لڪيرن جي ٻن ڌار ڌار پاسن ۾ ورهايل آهيون.
سچ ڇاهي...؟ شايد اسان مان ڪوبه انهيءَ منجهيل، وچڙيل ۽ گهنجريل سوال جا پيرا کڻي نه سگهي. ڇو ته اسان سڀئي زمان ۽ مڪان جي هڪ ڊگهي پنڌ تي بيٺا آهيون، ها!... اهو به هڪ سچ آهي، جيڪو اوهين ڏسو ۽ سوچيو ٿا. ۽ اهو به هڪ سچ آهي، جيڪو آئون ڏسان ۽ سوچيان ٿو... ها! بس فرق آهي ته رڳو اسان جي وچ ۾ نڪتل لڪيرن جو ئي آهي، جنهن جي هڪ پاسي اوهين آهيو ته ٻئي پاسي اسين. هن طرف اوهان کي ڇهن جو انگ ٿو ڏسڻ ۾ اچي ۽ هن طرف اسان کي نو ٿا نظر اچن. پاڻيءَ گلاس لاءِ اوهين چئو ٿا، اڌ ڀريل آهي ۽ اسين چئون ٿا، اڌ خالي آهي... انهيءَ اسٽيج تي اچي سچ وارو سوال ڏاڍو منجهائيندڙ ٿو لڳي!!
ائين ئي ڪڏهن هند جي سٺي ۽ مشهور ناول ”چتر ليکا“ ۾ ڀڳوتي چرن شرما لکيو هو، ”اسان ته پاپ ڪيون ٿا ۽ نه پڃُ. اسان ته صرف اهو ئي ڪجهه ڪيون ٿا، جيڪو اسان کي ڪرڻو ٿو پوي.“
شرما جي پيرن جي خاڪ ڇاڻيندي سندس پيرن جي نشانن تي پويان هلندي آئون به ٿورڙي وڌاءَ سان اهو عرض ڪندو هلندس ته سچ رڳو اهو ئي ناهي، جيڪو اسان ڏسئون ٿا، پر سچ ته اهو به آهي، جيڪو اکين کان اوجهل ۽ اسان کي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ به آهي، جنهن کي اسان زمان جي ڏاڪڻ چڙهي، مڪان جي عينڪ پائي، نه سمجهي ٿا سگهون ۽ نه ئي ڪوئي اسان کي سمجهائي سگهي ٿو... منهنجي انهيءَ موقف کي ابوالڪلام جو اهو جملو ڪيڏي نه هٿي ٿو ڏي. جڏهن هو چوي ٿو: ”آئون رڳو اهو ئي ناهيان، جيڪو پنهنجو پاڻ کي سمجهندو آهيان. پر آئون اهو به آهيان، جيڪو ٻيا مون کي سمجهندا آهن.“
پيار ڇاهي...!؟
اهو هڪ ڪليئر ڪانسيپٽ آهي، ۽ يونيورسل سچ پڻ. پر پريمي جوڙن جي گهليل هوا اسان کي ڪهڙين ڇڙواڳين ۽ ڪهڙين بغاوتن ڏانهن ٿي وٺي وڃي، انهيءَ نئين ۽ انوکي انقلاب بابت سوچي آئون انهيءَ معاملي تي اچي ڏاڍو منجهي پوندو آهيان ته... پريمي جوڙن جي حقيقت ڇاهي!؟
بلڪل ائين ئي جيئن آئيڊيلزم ۽ مٽيريلزم واري بحث تي مٿي تي هٿ رکي ويهي رهندو آهيان ۽ پوءِ جڏهن به قلم کڻي انهيءَ معاملي تي لکڻ ويٺو آهيان ته ذهن تضادن جو ڪيڏارو بڻجي ويندو آهي، سوچن ۾ پريمي جوڙن جي وڪالت ۽ مخالفت وچ ۾ هڪ مهاڀارت ڇڙي پوندي آهي ته... مون کي ڪهڙي پاسي هئڻ گهرجي. ڇهن واري يا نون واري. اڌ ڀريل گلاس واري يا اڌ خالي گلاس واري. ۽ شايد هيءَ ڪهاڻي ”نيريون اکيون سرمئي خواب.“ به انهيءَ ئي ڪشمڪش ۽ تضادن مان ڦٽي نڪتل هڪ تضاد آهي، جنهن کي ادب جي ڌرتيءَ تي مون جهڙو سيکڙاٽ پانڌيئڙو پوريءَ طرح ايمانداريءَ سان نڀائي ۽ اڪلائي ناهي سگهيو، بحث کي سهيڙي ۽ اظهاري ناهي سگهيو، ڇو ته پروف ڏسندي شدت سان اها کوٽ محسوس ٿي رهي آهي ته اڃان گهڻو ڪجهه اڌ ۾ ڇڏيل ۽ گهڻيون ڳالهيون اڻپوريون رهجي ويون آهن... ۽ نازڪ ۽ حساس مسئلي تي مشتمل هن ڪهاڻيءَ ۾ بحث جي کوڙ ساري گنجائش ۽ ڇيد اڃان باقي رهي ٿو.
پر ڇا ڪجي... وت ۽ وس آهر جيڪو مون کان پڳو سو ڪاغذن تي اتاريو اٿم، انهيءَ اميد سان ته پهرين ڪتاب وانگر هن ڪتاب کي به پيار سان پڙهيو ويندو.
آخر ۾ آئون پنهنجي تمام پياري دوست امر اقبال جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪهاڻيءَ کي ”نيريون اکيون سُرمئي خوابَ“ جهڙو خوبصورت ۽ رومانٽڪ نالو ڏنو. ۽ انعام عباسيءَ جو پڻ، جنهن هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي.

پرويز ابڙو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/40165900-neryoon-akhyoon-surmai-khuwab

Book No . 888
Kitab Jo Nalo: Neryoon Akhyoon, Surmai Khuwab (Novel)

by: Pervez Abro

Second Edition © Roshni 2018
First Edition: Naon Niyapo Academy, Karachi, 2001
Pages: 199
Size: Demy
Published By: Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

09/03/2018

مهاڳ

جيئن ڪنهن خوفناڪ فلم (هارر مووي) جي مُنڍ ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته ڪمزور دل وارا ماڻهو هيءَ فلم نه ڏسن؛تيئن چوڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته حساس دل وارا ماڻهو هيءُ ناول نه پڙهن،پر اُهي پاڻ کان اِهو هڪ سوال ضرور ڪن ته سندن اِها دِلي ڪمزوري ختم ڪيئن ٿيندي؟ ڪهڙو ڪُشتو، ڪهڙو معجون، ڪهڙو نُسخو ڪهڙي تپسيا يا ڪهڙي ڪَسرت اِن ڪمزوريءَ جو ترياق آهي؟ ڀلا ايئن آهي ڇا ته هر تڪليفَ، خوفَ ۽ ڏُکَ کان اکيون ٻوٽي، اُن مان بچي سگهجي ٿو، ايئن ئي جيئن ڪنهن فلم جي اَڻ وَڻندڙ سِينَ کي اسان تيز ٽپائي (فاسٽ فارورڊ) اڳتي ڪندا آهيون؟ جيئن مشال خان جي موت جي وڊيو کوڙ سارن حساس ماڻهن کان ڏٺي ڪونه ٿي هوندي؟ پر حقيقت اِها آهي ته جنهن سماج ۾ ڏاڍُ آهي، جبرُ آهي، ڦُرلٽ آهي، اڻبرابري آهي، نفرت آهي، بُک آهي، قتل آهن، اُتي انهن سماجي بيمارين کي درگذر ڪرڻ بدارن انهن تي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ انهن خلاف مزاحمت ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجو حساس پڻو ۽ پنهنجو پاڻُ بچائي سگهون ٿا، ٻي صورت ۾ حساس هئڻ جي بهاني هيٺ اسان ويتر بي حس ئي ٿيندا وينداسين. ڇو ته اسان جيترو ٻئي جي تڪليف کان پاڻ بچائڻ جي ڪندا آهيون، اوترو ئي اسان ڦاسندا آهيون ۽ اوترو اسان پاڻ ٽري سگهندڙ تڪليفن جي وَرِ چڙهندا آهيون ۽ ساڳي وقت اڻٽر عذابن ۽ اهنجن سامهون به ڪمزور ثابت ٿيندا آهيون. اسان پاڻ بچائڻ ۽ پاڻ کي محفوظ رکڻ جي خبط ۾ ايترو ته ڦاسي ويندا آهيون جو تباهي، خوف ۽ مايوسي جي دورَ ۾ اسان قبر جي تابوت ۾ ئي پاڻ کي سولو سمجهندا آهيون.اهڙي ئي دور لاءِ اياز چيو هو ته:
ڪتا ڀئونڪن
ڀاڳيا ڀئونڪن
چور به ڀئونڪن ٿا!
ڪيڏي آ اُوناڙَ هوا ۾!
هر هر هينئين ڦاڙَ هوا ۾!
جارا ڇِرڪن
چارا ڇِرڪن
تارا ڇِرڪن ٿا!
۽ عوام دشمن حڪمرانَ اِهو ئي واحد ڪم ڀلي ۽ سهنجي نموني ڪري سگهندا آهن، يعني سماج ۽ عوامَ کي قبرستان وارو اَمنُ ڏيڻ. جنهن سماج ۾ سرمايو بنا ڪنهن مزاحمت جي عام عوامَ جي پيرن هيٺان سندس صدين واري زندگي جا وسيلا ڪڍندو وڃي، جتي قومي ۽ صنفي جَبرُ حالَ جي حقيقت هجي،اُتي اَمنُ حڪمرانن جو ظاهري نعرو هوندو آهي. جنهن هيٺ هُو هَرَ ويلَ عامَ عوامَ سان جنگ جي حالت ۾ هوندا آهن ۽ اسان هِنَ ڪارپوريٽ ميڊيا جي مهرباني سان اِهو سمجهڻ شروع ڪندا آهيون ته اها جنگ مون سان نه پر ٻي ڪنهن سان جاري آ. پر ”مان“ ڇا آهيان؟ ”مان“ ته ”تون“ جي مهرباني آ. ڇاڪاڻ ته جي ”تون“ نه هُجَي ته ”مان“ ڪٿي هوندي؟ جڳ مشهور جرمن فيلسوفَ هيگل چيو هو ته انسان وٽ ذاتِ جو شعورُ اُنَ ڪري آهي جو اُنَ جو واسطو ٻي ذات جي شعورَ (انسان) سان هوندو آهي. اِن ڳالهه کي ”ٻوليءَ“ حوالي سان پڻ سمجهي سگهجي ٿو،جيڪا عملي شعورُ آهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻئي لاءِ هوندي آهي. ڪُتي ٻِلي ۾ ذاتِ جو شعورُ ناهي ٿيندو. جانورن جي ذات سان اُنهن جو شعورُ جبلي طور هِڪُ هوندو آهي. تنهنڪري هڪ جبلت جي سامهون بس ٻي جبلت هوندي آ، ذات جو شعور ناهي هوندو. ذات جو شعورُ ماڻهوءَ جي سماجي وجود جي دَينِ آهي. ڪُلَ جو خيرُ ته پنهنجو خيرُ. اِهو ڪُلُ سماجُ آهي، ماڻهوءَ جي هيڪڙائي آهي.
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مارِ مَ مون؛
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي
)شاهه(
سو سڄي سماج کي مرندو ڏسي؛پاڻ بچائڻ جي ڪوشش، صرف سماج ۽ ڪنهن ٻي کان ويڳاڻپ کي ڪونه ٿي اظهاري، پر اها ذات کان ويڳاڻپ جو اظهارُ ۽ نتيجو به آهي.ٻئي سان ڌوڪو ۽ دولابُ اُهو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو پهرين پاڻ کي ٺڳي. اها ويڳاڻپ، ذات جو اِهو ڪوڙو ڀرمُ،اها ننڊ ئي ته آهي،جنهن سان هر دور جي عوامي مزاحمت جهيڙيو آهي.
سُتي سيجَ هُياسِ، مونکي آهَه اُٿاريو
جنين جاڳاياسِ، آءُ نه جيئندي اُنِ ريءَ.
(شاهه)
ميڪسم گورڪيءَ چيو هو ته هڪ انسانَ کي ٻئي انسانَ جي تذليلَ ۽ تڪليفَ ڪڏهن به نه وِسارڻ گهرجي، پر اسان اهو سڀ ڪُجهه وِساري پاڻ کي انسانُ سمجهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون.يعني جيڪا شئي اسانکي ٻين سان جوڙي ٿي ۽ اسانکي ذاتِ جو شعور ڏي ٿي، تنهن منجهان هَٿَ پَٽڻ لاءِ اسان هر وقت آتا هوندا آهيون. پر ڀٽ جو ڌڻي ايئن ڪونه ٿو سمجهي،هو چوي ٿو:
ڏُکَنِ ڏيکارِيومِ، گوندر گُسَ پِرِينءَ جو
سو ڏُکن جو پَنڌُ اِنَ ڪري شعوري طور ڪجي ته جيئن اڳيان هلي سُکَ جو ساهُه ماڻي سگهجي، مزاحمت اِنَ ڪري ڪجي ته جيئن اَمن سان صرف نالي ۾ نه،پر حقيقت ۾ ڳَرُ لهي سگهجي ۽ مزاحمت صرف سياسي ناهي ٿيندي يا صرف سياست تائين محدود ناهي هوندي، مزاحمت ۾ ثقافتي محاذُ پڻ سياسي محاذَ جيترو ئي اهم هوندو آهي .انقلابي ثقافتَ بغير انقلابي سياستَ جِي ۽ انقلابي سياست بغير انقلابي ثقافتَ جِي اوسر ناهي ٿيندي.انقلابي ثقافتَ، انقلابي سياست جي وجود لاءِ آڪسيجن مثل هوندي آ ۽ اَدبُ اُنَ ثقافتي محاذَ جو سگهارو مورچو آ. اَدبَ ۽ سياستَ جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. ٻئي هڪٻئي تي آڌاريندا ۽ هڪٻئي کي ساهُه ڏيندا ۽ وٺندا آهن. سياست جڏهن ساڻي ٿيندي آ ته ساهَه لاءِ ادبَ ڏانهن واجهائيندي آ، اَدبُ جڏهن مُنهُن مُونَن ۾ هڻندو آهي ته سياستَ اُنَ کي ٻاهر عام سان ڳنڍيندي آهي. ادب ۽ سياست جو اِهو سَنگ اسان وٽ (يعني سنڌ ۾) نوي جي ڏهاڪي ۾ جيڪو ٽُٽو سو اڃا تائين ڪونه جُڙيو. اُنَ پوري دور ۾ سياست ۽ ادبُ هڪٻئي تي تنقيدي ٿيڻ بدران هڪٻئي کان ويڳاڻا رهيا ۽ هڪٻئي کان ڇرڪندا رهيا. نتيجي طور ٻئي عوامي مورچا ڇَسا ٿيندي،ماضيءَ جي اوج واري ماليخوليا ۾ ڦاسندي، حال ۾ عوامي نمائندگيءَ جي دعوا ۽ عمل کان دُور ٿيندا رهيا. اَدبُ دنيا جو احساساتي اظهار آهي ۽ احساسَ به سماجي ٿيندا آهن. اُنهن جي به اَوسَرِ ٿيندي آ. اَدبُ اسان جي احساساتي تربيت ڪري ٿو. ڇسو اَدبُ ماڻهوءَ جي احساسن سان کيڏندو آهي، انهن کي مُڏو ڪندو آهي، اُنهن جي اَوسر ناهي ڪندو. بهتر اَدبُ پنهنجي حالتن تي تنقيدي ٿيندو آ، اُهو ننڊاکڙي ماڻهوءَ کي ڇرڪ ڏيندو آهي، چُنهُنڊِي پائيندو آ، هوشياري وٺرائيندو آ، اميدَ،حوصلو ۽ بهادري بخشيندو آ ۽ جي ڪٿي ضرورت پوي ته ڇسي اميد پرستيءَ کان جان ڇڏائيندي حقيقي مايوسيءَ جي مُنهَن مقابل ڪندو آ. لطيف جي هنن سٽن وانگي ته:
کُهي جا کنئي، وِکَ تنهن ويجهي ڪئي
هي ناول به اِهو ئي ڪُجهه ڪري ٿو. 1986ع ۾ ڇپجندڙَ هِنَ ناولَ (Requiem for woman’s soul) جو ليکڪ عمر روابيلا هڪ ارجنٽينائي
صحافي آهي.هيءُ ناولُ سوزانا نالي هڪ عورت جي جيلَ وارتا آهي،اُنَ تڪليف، تشدد، زنا ۽ زِيانَ جو داستانُ آهي، جيڪو هُونءَ به هر محڪومَ ۽ مظلومَ جو قصو آهي:
نقش فريادي هي ڪس ڪي شوخيءَ تحرير ڪا
ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪرِ تصوير ڪا.
(غالب)
ناول جو ٻيو اهم ڪردار اينتونيو هڪ ڪيٿولڪ پادري آهي، جنهنجو روحُ پاپائيت جِي روايت جِي صليب تي اڃا ناهي چڙهيو. هُو سوچي ٿو، ساهُه کڻي ٿو ۽ مَنَ ۾ سوالَ پالي ٿو. سندس مَنَ جي آنڌ مانڌ کي ڪو مُنهُن ڪونهي، پر هڪ ڏينهن جڏهن کيس هڪڙو بند دٻو ملي ٿو، جنهن کي کولڻ سان گُونهَن ۽ مُٽَ جي ڌَپَ سڄي ڪمري ۾ پکڙجي ٿي تڏهن اها ڌَپَ ته شايد ڏينهن ڏيڍ ۾ ختم به ٿي وڃي ٿي، پر اُنَ دٻي ۾ پنن ٽڪرين تي موجود لکڻيءَ جا اثر پادريءَ جي سموري زندگيءَ کي تبديل ڪري ڇڏين ٿا. پادري انهن لکڻين کي سٽاءُ ۾ آڻي هڪ جيل ڊائري کي جنمي ٿو ۽ بند کوليءَ جي ٽارچر کي پاڻ هڪ ترتيب ۾ محسوس ٿو ڪري. اهڙيءَ ريت ناول پڙهندڙَ مٿان کُلندو وڃي ٿو. پر اُنَ کول کي اڃا بهتر ڪرڻ ۽ ناول جو پس منظر سمجهڻ لاءِ اُن دور جي ارجنٽينا ۽ لاطيني آمريڪا جي سياسي سماجي بيهڪ تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي.
لاطيني آمريڪا ٽين دنيا جو اُهو کنڊ آهي؛ جيڪو پڻ آفريڪا ۽ ايشيا وانگي، بيٺڪيتي دور جي سمورن عذابن منجهان گذريو آهي، جنهن جي مزاحمت جا داستان پوري دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم عوام کي اُتساهيندا رهيا آهن، جيڪو جديد بيٺڪيتي دور ۾ پڻ سامراجي سازشن جي وَرِ چڙهندو رهيو آهي. 1959ع ۾ ڪيوبا جي انقلاب کانپوءِ آمريڪا پنهنجي پُٺِ کي سرخ سياستَ جي اثرن کان بچائڻ لاءِ فوجي جرنلن کي اڳيان ڪيو. 1964ع ۾ برازيلَ جي صدر گولارٽ جي حڪومت کي فوجي ڪُودتا سان ختم ڪيو ويو.1971ع ۾ بوليويا اندر جنرل بانزرَ چونڊيل حڪومت تي قبضو ڪيو. يوراگوئي اندر 1973ع ۾ فوجي آمريت قائم ٿي. اَڄُ آمريڪا ٽوئين ٽاورز تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ تاريخَ کي نائين اليون کان اڳ ۽ پوءِ جي دنيا ۾ ورهائي ڏسڻ چاهي ٿو، پر هڪ ٻيو نائين اليون (9-11) آمريڪا جي آشيرواد سان تاريخ ۾ پهرين به ٿي چڪو آهي، جڏهن سال 1973ع ۾ 11 سيپٽمبر تي جنرل آگستو پنوشي جي ڪمانَ ۾، چليءَ جي جمهوري حڪومتَ ۽ پهرين اشتراڪي چونڊيل صدر سِلوادور آلندي جو سندس ئي صدارتي محل ٻاهران ٽينڪن سان گهيراءُ ڪيو ويو ۽ هوائي فوج سان سندس ئي صدارتي محل تي حملو ڪيو ويو. آلندي هَٿُ ڪونه ڏنو ۽ خودڪشي ڪري ڇڏي. اِها آمريت 1990ع تائين جاري رهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارڻ سان گڏ هڪ لک ماڻهن کي ٽارچر سيلن منجهان گذاريو ويو. نه صرف ايترو پر 1975ع ڌاري سي آئي اي جي اٺن آفيسرن چليءَ ۾ هڪ ادارو Directorate of National intelligence (DINA) جوڙيو،جنهن تَرَ جي مختلف ملڪن جي فوجي آمرن ۽ هاءِ ڪمان عسڪري آفيسرن جي ميزباني ڪري عوام دوست قوتن خلاف بين الرياستي آپريشن شروع ڪيو،جنهن کي آپريشن ڪونڊر سڏيو ويو.24 مارچ 1976ع تي جنرل جارج رافيل وديلا ارجنٽائين جي جمهوري ۽ عوامي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ ڳجهه ڳوهَه ۾ پهرين کان جاري رياستي تشدد کي تيز ڪيو. ”عزيز هم وطنو!“ واري روايتي تقريرَ ۾ آمر رافيل وديلا چيو ته ”دهشتگرد اُهو ڪونهي جنهن جي هَٿَ ۾ بندوقَ يا بَمُ هجي پر هر اُهو ماڻهو دهشتگرد آهي،جيڪو اولهه ۽ عيسائي تهذيب جي اُبتڙ خيالن (سُرخ خيالن) جي واڌويجهه ڪري ٿو.“ اهڙيءَ ريت ”آپريشن ڪونڊر“ جي نالي هيٺ لاطيني آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن (ارجنٽينا، چلي، بوليويا، برازيل، پيراگوئي ۽ يوراگوئي) ۾ آمرن جي پُٺِ ڀرائي ڪري، عوامي حڪومتن جو منظم اندازَ ۾ تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ انقلابي پارٽين خلاف ڪاروائي ڪندي، سياسي ڪارڪنن کي چُونڊي چُونڊي ماريو ويو. (ان حوالي سان اوباما دور ۾ ئي 2016ع ۾ سي آئي اي پاران کوڙ ساري ڄاڻ ڊي ڪلاسيفاءِ ڪئي وئي آهي.) هيءُ ناول ارجنٽينا جي سياسي سماجي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي، جتي آمريت ۽ رياستي تشدد جي چِٻَ مُلڪ جي آکيري تي ڏهه سال ويٺي رهي، (1974 کان 1983 تائين) جنهن ۾ قومي تنظيمِ نَو جي نالي هيٺ هڪ ڪميونسٽ مخالف سٿ ( Argentine Anticommunist Alliance (Triple A)) جوڙي، ساڄي ڌر منظم انداز ۾ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن، ٽريڊ يونين اڳواڻن،شاگردن، دانشورن ۽ عوامي صحافين سميت هر اُنَ وجود تي حملي آور ٿي،جنهن ۾ عوامي سگهه تي ويساهَه، ساهُه کنيو ٿي. 30 هزار ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا، جيڪي پوءِ ڪڏهن به ظاهر نه ٿيا.نه وِساريو ته اتان جي عسڪري جنتا جو صلاحڪار پڻ اُهو ساڳو هينري ڪسنجر هو، جنهن ذوالفقار ڀٽي کي چيو هو ته اسان توکي بدترين مثال ۾ بدلائينداسين ۽ پوءِ ضياءَ جي صورت ۾ اها ساڳي فوجي آمريت پاڪستان مٿان 11 سالن تائين مڙهي وئي ۽ سماج جي جيڪا چيرَ ڦاڙَ ٿي، تنهن مان اڃا تائين رت ڳڙي ٿو پيو. ارجنٽائين ۾ آمريت 1983ع تائين جاري رهي ۽ هيءُ ناول 1986ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو.ليکڪ عمر روابيلا هڪ صحافي هو ۽ اِنَ شئي جا گهڻا امڪان آهن ته سندس ناولُ سندس تخيّل جو نه، پر اُنهن حالن احوالن جو ادبي اظهار هجي، جيڪي ٽارچر سيلن کان بچي نڪتل اڌ مئل ماڻهن ليکڪ سان ڪيا.سو اِنَ لحاظ کان هيءُ ناول ۽ هِنَ جي مرڪزي ڪردارَ سوزانا جِي وارتا نه رڳو ارجنٽينا پر لاطيني آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن جي حقيقي بيهڪ جو عوامي بيان آهي، جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق 50 هزار ماڻهو سڌيءَ ريت ماريا ويا، هزارين گم ڪيا ويا (غالب امڪانُ آهي ته اهي پڻ ماريا ويا) ۽ چئن لکن ماڻهن کي ٽارچر سيلن، ڪال ڪوٺڙين ۽ عذابن جي وَرِ چاڙهيو ويو.هِيءُ ناول اُنَ دور جي دانهَن آهي،جيڪو ڪڏهن هُتِ ته ڪڏهن هِتِ اڃا به جاري آهي. جَنهِن جِي بدترين صورتَ اڄ وچ اوڀرَ (عراق، افغانستان، لبيا، شام ۽ يمن) جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. جمهوريت جي علمبردار آمريڪا جي گوانتانامو بي ۽ اَبوغُرَيب جيل جون تصويرون ڪنهن کان وسريون هونديون،جنهن ۾ اُونڌي لڙڪايلَ اُگهاڙنِ ماڻهن مٿان مُٽيو ويو، مَٿن ڪُتا ڇڏيا ويا ۽ مَٿن تشدد جي نون حيواني طريقن جا تجربا ڪيا ويا.خود اسان جي سماج ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ اُنهن جي چچريل لاشن جو ملڻ اهو ئي ٻڌائي ٿو ته رياست، تشدد تي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکيو اچي. اهڙيءَ ريت ناول جو مرڪز نه پادري انتونيو آهي ۽ نه وري سوزانا، پر اُهو تشدد آهي جيڪو ٻنهي ڪردارن جو پاڻ ۾ رشتو جوڙي ٿو. اهو بي رحم تشدد ئي آهي، جنهن جي اُگهاڙپَ هر صاحبِ ايمان ماڻهوءَ جي ايمان تي سوال پيدا ڪري ٿي ۽ انسانيت يا سماجَ جي تضاد کي وائکو ڪري ٿي، جيڪا ڪٿي سياسي ادبَ ۾ فينن جي ٻولي ڳالهائي ٿي ته ڪٿي ايران جي اشرف دهقانيءَ جيان اعترافي ٿئي ٿي. پر اسان کي تاريخ جو اِهو سبق نه وِسارڻ گهرجي ته تشدد ڪو تخليقي عمل ڪونهي،پر اهو ٻين مادي ۽ تخليقي محرڪن جي نئين سِر جنم لاءِ ڪُجهه خاص حالتن ۾ اڻٽر ٿيندو آهي ۽ مونکي اهو چوڻ ڏيو ته سنڌ جي مزاحمتي سياستَ ۽ ادبُ اُهي خاص حالتون سمجهڻ کان هيل تائين نابري ويٺل آهن. اسانجي مزاحمتي سياست ۽ ادب کي کوڙ ساري عالمي مواد جي ترجمي جي ضرورت آهي ۽ دوست ننگر چنا هن ناول جو سنڌي ترجمو ڪري، ان ضرورت کي پوري ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، تنهن تي کيس سُرخ سلام پيش ڪجي ٿو.

بخشل ٿلهو
حيدرآباد
04.07.2017

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38896435-matam-hik-orat-jo

Book No . 892
Kitab Jo Nalo : MATAM HIK ORAT JO (Novel)

(Requiem for a Woman's Soul)
Originally Written in Spanish language : 1986

Author : Omar Rivabella
English Translation : Paul Riviera & Omar Rivabella
Sindhi Translation : Nangar Channa

First Edition © Roshni 2018
Pages : 159
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

13/12/2017

رسول بخش پليجي صاحب جي هن ڪتاب ”سنڌ پاڻي ڪيس: 1859ع کان وٺي ڪالاباغ ڊيم تائين“ ۾ سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي حصي پتيءَ جي پاڻيءَ تي پنجاب جي حڪمران طبقي طرفان گذريل ڏيڍ صديءَ کان غير قانوني، غير آئيني، زور زبردستي لڳندر ڌاڙن، ڪيل ويساهه گهاتين، اُرهه زوراين، ناانصافين، ڪيل سازشن، پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ لاءِ انگريزن جي دؤر کان وٺي ٺهيل مختلف ڪميشنن ، ڪميٽين انهن طرفان ڪيل فيصلن ۽ ٺاهن، پنجاب جي حڪمران ٽولي طرفان انهن فيصلن ۽ ٺاهن جون بار بار ڀڃڪڙيون ڪرڻ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي حصي پتيءَ جي پاڻيءَ تي لڳندر ڌاڙن خلاف ڪيل سنڌ ۽ ملڪگير جدوجهدن جو تفصيلي مواد تاريخي حقيقتن ۽ حوالن سان شامل آهي.
پنجاب ۽ سنڌ، ٻئي سنڌو درياءَ ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ ۾ تاريخي طور ڀائيوار آهن. پنجاب منڍ وارو ڀائيوار آهي ۽ سنڌ پوڇڙ وارو ڀائيوار. دنيا ۾ جيئن ٻين شين زمينن، ملڪيتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبار جي ڀائيواريءَ جا قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي قائدا ۽ قانون آهن، تيئن درياهن جي پاڻيءَ جي ڀائيوارن جا به قائدا ۽ قانون آهن.
رسول بخش پليجي صاحب سنڌو درياءَ ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ڀائيواريءَ جي مسئلي تي بي انتها علمي ۽ تحقيقي ريسرچ ڪري دريا هن جي پاڻي ۾ منڍ ۽ پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي حقن بابت هندوستاني، پاڪستاني، اسلامي توڙي بين الاقوامي قانونن ۽ قاعدن جي روشني ۾ مُستند دليلن ۽ تاريخي حوالن سان مختلف وقتن تي جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا هئا، پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ انٽرويوز ڏنا هئا، انهن کي سهيڙي گڏ ڪري جيئن جو تيئن ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي.
1995ع ۾ پليجي صاحب جو لکيل ڪتاب ”ڪالاباغ ڊيم خلاف ڏهن سالن جي جدوجهد جو تاريخي داستان“ به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پليجي صاحب هڪ طرف ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيندڙ پرامن عوامي جمهوري جدوجهدن، جنهن ۾ مظاهرن، بک هڙتالن، جلسن، جلوسن، ڪيل پيادل لانگ مارچن، پريس ڪانفرنسن، مختلف سياسي، سماجي تنطيمن، اديبن، شاعرن، صحافين، آبادگارن ۽ هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جي موقف ۽ انهن طرفان ڏنل اخباري بيانن سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڪيل دورن جا تفصيل ڏيڻ سان گڏ ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران ڪالاباغ ڊيم جو نالو بدلائي انڊس ڊيم رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. 20 جنوري جي روزانه ”جنگ“ ڪراچي، جي پهرين صفحي تي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نالي سان خبر ڇپي:
’’کالاباغ ڈ یم کے منصوبے میں ردوبدل کردیا ہے٬ انڈس ڈ یم کو یکسر مسترد نہ کیا جائے-‘‘ بینظیر
بي نظير ڀٽو جي مٿئين اعلان تي فوراً پليجي صاحب ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ”ڪلالاباغ ڊيم جو نالو ڀلي شاهه ڀٽائي رکو، پر ته به اهو ٺهڻ نه ڏبو. زهر تي آب حيات جو ليبل لڳائڻ سان اهو امرت ٿي ڪونه پوندو. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي درياءُ شاهه کي ايئن گهٽو ڏئي مارجڻ نه ڏيندو، جن به سازش ۾ شرڪت ڪئي، سي ماڻهن جي نظرن ۾ مير جعفر، ايوب کهڙي ۽ راشدي کان به بڇڙا ٿيندا.“
پيپلز پارٽي جي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر طرفان زور شور سان مهم هلائي وئي ته ”غازي ٿيندس يا شهيد پر ڪالاباغ/انڊس ڊيم ضرور ٺاهيندس.“ ڪالاباغ ڊيم انڊس ڊيم جي حق ۾ پيپلز پارتي طرفان هلايل مهم جو رڪارڊ پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان ڪالاباغ/انڊس ڊيم ٺاهڻ لاءِ وفاق ۽ پنجاب جي چونڊيل ميمبرن طرفان زوردار مهم هلائڻ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت، چونڊيل ميمبرن، وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جي ڦرندڙ گهرندڙ سياسي موقف ۽ بيانن جو ٺوس ۽ تُز تجزيو ڪري سڄي صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ۽ آپريشن ڪئي وئي آهي.
محترم رسول بخش پليجي صاحب جو هي ڪتاب سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن بابت هڪ اهڙو تاريخي، مَستند ۽ مدلل سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي مڪمل بچاءُ ۽ تحفظ لاءِ علمي، تحقيقي ۽ فڪري پورهئي ۽ ڪيل جدوجهد تي مشتمل ناياب ۽ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي عوام جي بنيادي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

اسماعيل خاصخيلي
لال جروار

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 851
Kitab Jo Nalo : SINDH PANI CASE
1859 KHAN WATHI KALABAGH DAM TAIN

by : Rasool Bux Palijo

First Edition © Roshni 2017
Pages : 392
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 550.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Address

Shah Latif Kitab Ghar , Press Street , Ghari Khato, Hyder Chowk
Hyderabad
71000

Opening Hours

Monday 09:00 - 21:30
Tuesday 09:00 - 21:30
Wednesday 09:00 - 21:30
Thursday 09:00 - 21:30
Saturday 09:00 - 21:30
Sunday 09:00 - 21:30

Telephone

0331-2285746

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shah Latif Kitab Ghar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Shah Latif Kitab Ghar:

Shortcuts

Share

Category