18/02/2021
نه آسمان ڪريو نه زمين دھڏي
دادو جي 3 سالن جي معصوم نياڻي سان ريپ💔😓
اي خير پئياڪ ٻڄڙا تنھنجي دانھون رڙين روئڻ تي زلزلو به نه آيو
جنھن ملڪ جي جج جي چئمبر ۾ ريپ ٿئي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ جي ٿاڻي تي فريادي کان وڏو منشي ايف آئي آر جا پئسه وٺي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ جي مولوين ملن زاڪرن مقدس جائين ۾ شاگردن سان ريپ ٿئي انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ ليڪچرار پروفيسر مارڪون ڏيڻ جي بدران شاگرداياڻي کي ياري رکڻ جو چوي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ دوڪان جو نالو حاجي غازي صوفي رکي ڪري ملاوٽ واري شيون ملن اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ جي شھرن ۾ گٽر کوليل ھجن معصوم ٻار ٻڏي مرن گٽرن جي ڍڪڻ جي بجيٽ کادي وڃي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ نارمل ويم واري ڳورھاري عورت کي چيو وڃي تنھنجي جان کي خطرو آ آپريشن ٿيندي ان کان پئسن جي لالچ ۾ وڍھه ٽڪ ڪئي وڃي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ پي نياڻي سان ريپ ڪري اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ پٽ پي کي ڪھاڙيون ھڻي ماري اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ جي کير ۾ پوڊر ملائي ٽيسٽ وڌائڻ ۾ بيماري عام ڪئي وڃي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ چٽي خاطر زال ڀيڻ کي بي ڏوھي ڪاري ڪري ماريو وڃي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ سرڪار جي پگھار کائي ڪري پرائيوٽ سينٽرن تي علاج جي صلاح ڏيو اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ نياڻي جي ڏاج لاء ماء روئي ھٿ ٻدي در در تي صدا ھڻي اتان انصاد ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ رت جي ٿيلي لاء ماء پي ھوڪو ڏين اسان جو گڙدو وٺو اسان جي ٻار کي رت ڏيو اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ ڪورٽن ۾ ڪيس 10 سال ھلي پي پٽ جو پلاند ڪري اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ دھشت گرد کي بھائي لوگ چئي ڪري ڊڳو وڃي اتان انصاف ڪٿان ملندو
جنھن ملڪ ۾ صحافي پئسه وٺي ڪري خبر ھلائي اتان انصاف ڪٿان ملندو
انصاف تڏھن ٿيندو جڏھن اھڙن وحشين کي سري عام چوڪ تي بيھاري ٽڪرا ڪيو وڃي