06/08/2026
گرمي جون موڪلون ختم ٿي ويون، پر گزياڻي لنڊجو اسڪول ن کلي سگهيو
ڳوٺ گزياڻي لنڊ جي بوائيز پرائمري اسڪول ۾ ماستر مقرر ن ٿي سگهيو جنهن سبب معصوم ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم بڻيل آهن.
ڳوٺاڻن موجب اسان جو اسڪول مسلسل سال کان وٺي بند هجڻ جي ڪري موڪلن کان پوء ب ھفتو گذرڻ جي باوجود استاد مقرر ن ٿي سگهيو جو
روزانو معصوم ٻار اسڪول پهچي ماستر جون واٽون نهارين ٿا، پر مايوس ٿي واپس گهر موٽي وڃن ٿا. ٻئي طرف والدين پڻ سخت پريشان آهن، ڇو ته سندن ٻارن جو قيمتي تعليمي وقت ضايع ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي، ٽي اي او، ميل جوھي ۽ ڊي اي او ميل دادو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، مسلسل سالن کان بند پيل اسڪول کوليا وڃن ت جئين باقاعده تعليمي سرگرميون بحال ٿي سگهن ت جيئن معصوم ٻارن جو مستقبل وڌيڪ تباه ٿيڻ کان بچي پوي