13/04/2020
معروف ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار حيدر دريا جو ھوش ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب تي لکيل تجزيو۔
ڳنڍيندڙ جي ڳولا
( حيدردريا )
دنيا ۾ هر ٻولي ڳالهائڻ ، ڳائڻ، پڪار ۽ پچار، تعلق ۽ لکت وارن لڇڻن لاءِ آهي. ۽ ٻوليا هو وسيل آهي جيڪو زندگي جي سماج سان گڏ خدا ۽ خلق جي وجود جو ضامن آهي.
ڪنهن ڪجھ لکيو آهي يا لکي پيو ته ان لکت جا ٽي ڀاڱا اهم هن ٿا. هڪ؛ معرفت ٻيو؛ مقصد ۽ ٽيون ؛ نتيجو .
ادب جي هر صنف به ان اصول جي پابند آهي، نظم توڙي نثر جي خوبصورتي لاءِ مذڪوره ٽي بنيادي اصول اهم هوندا آهن. ڪنهن به لکت ۾ اهي ٽي اهم نقطه نٿا هجن ته لکت پنهنجي هيئت ۾ نامڪمل هجي ٿي. اها الڳ ڳالھ آهي ته دنيا سڄي هن تيز رفتار دور سبب پنهنجي مقصد واري شهرت جي نتيجي لاءِ، تڪڙي اُپاءُ واري عمل سبب، ڪيترائي قلمڪار پنهنجي تڪڙي مُراد واري معاملي کي، نامراد مقابلن جي منهن ۾ وجھي، پنهنجي اميد کي ڄڻ هڪ اهڙي آکاڙي ۾ وجھندا آهن، جنهن ۾ اصول، اهميت، نتيجن ۽ ڪاميابي وارو احساس ئي فوت ۽ فنا ٿيو وڃي. _ ۽ جيڪڏهن ايئن چئجي ته، دنيا دنگ جو ليڪو ڪڍي، هڪڙي ئي رُخ ۾ رهي سوچيندي هجي، ته اهو به ناممڪن آهي.
لکڻ، پڙهڻ واري معاملي ۾ ڪجھ شعبه اهڙا به آهن، جن ۾ سواءِ خوشامد جي باقي شهرت جي سفارش لاءِ ناڻي جون نديون نٿيون وَهن. ۽ شهرت جا اگھ خاص توڙي عام لاءِ اگھامن ئي ڪون ٿا. _ ابهب شعبن مان ادب اهو شعبو آهي جنهن ۾ شهرت جي خريداري ۽ وڪرو حقيقي مانِ ماڻيدڙ هر گز ناهي. ادب ۾ مڃتا ماڻڻ لاءِ محنت ۽ وقت درڪار هجي ٿو. تخليقار کي جيترو گھڻو علم، شعور ۽ جذبو هاصل هوندو آهي. ان کي اوترو ئي گھڻو ڊگھو وقت ڏيئڻو پوي ٿو.
ان کان علاوه ادب آهي ئي قوم، سماج، رياست، ملڪ ۽ نظرين جي نفسيات، تهذيب، ٻولي ۽ حالتن تي نظرون ڄمائي رکڻ وارو عمل. يعني ادب، خارجي توڙي اندروني حالتن تي درست لکڻ وارو اُهو خفو آهي، جنهن تي ڪم ڪندي، هڪ بي دين ۽ ملحد جهڙا مهڻا هنڍائيندي، خود خود ۽ خدا تي به سچ لکڻو پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪوئي به پنهنجي شهرت جو شهر اڏي ان جي بازار جا مُلھ پنهنجي مرضي جا مقرر ڪري، خيال خريد ڪرڻ سان نوبل پرائز نٿو ماڻي سگھي !
ادب جي اسڪول ۾ رڳو داخلا وٺڻ لاءِ به هوش محمد ڀٽي جهڙي نوجوان جيان پنهنجي جواني جون سڀئي خوبصورتيون جواني سميت ادب جي نانءُ ارپنا ڪري، پنهنجو سموريون صلاحيتون سچ لاءِ خرچ ڪرڻيون پون ٿيون.
هوش محمد ڀٽي، جنهن کي ڪيترا ئي دوست “هوش ڀٽي” يا “ هوشو ” جي نانءُ سان پڪاري ڄڻ “ مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون ” ان نعري کي اهميت ڏيئي هوشو شيدي جي تاريخي وفا کي ورجائيندا هجن. جنهن ميرن جي غلامي ۽ سنڌ وطن جي آزادي لاءِ تلوار واهيندي پاڻ به پڙ تي وڍجي وطن لاءِ شهيد ٿي ويو
اسان جو دوست هوش محمد ڀٽي، توڻي جو هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پهلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. پر نظرياتي طور پنهنجي نالي جي نسبت سان جڙيل آهي. ۽ لکاري جي جي حيثيت سان ناول، شاعري، ڪهاڻي وغيره جي مختلف صنف تي ڪتاب لکيا اٿس. ان سان گڏ سنڌي ادب جي مٿبت تنقيد جو تجرباتي نقاد پڻ آهي. ۽ گاهي،ماهي گھڻ رخي تنقيد جا جوهر به سندس فلڪياتي فن وارِي ڪائنات مان جرڪي پوندا آهن.
مان سندس ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” جيڪو 2018ع ۾ مُرڪ پبليڪشن ڪراچي وارن ڇپيو آهي. سندس اهو ڪتاب پڙهڻ وقت، سندس ڪهاڻين تي مختصر نوٽ لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم اڳ م ئي پاڻ واٽ ايئن موجود رکيا، جيئن ڪوئي ڪتاب پڙهڻ وقت اڪثر ان تي مختصر نوٽ لکي ان ڪتاب ۾ ئي رکي ڇڏيندو آهيان.
اهڙي طرح هوش محمد ڀٽي، جي ڪهاڻين تي ٿورو ڪجھ لکڻ وقت سندس فني ۽ تمثيلي رڌم کي ڇڏي صرف باقي رڳو سندس ڪهاڻين جي نتيجن تي مختصر لکڻ لاءِ ڪيفيت ۽ قلم ساٿ ڏنو، جنهن ۾ سٽاءُ موجب پهرين ڪهاڻي جو آهي “ مُڙو ”
مُوڙو، لفظ جي ڪير معنيٰ ڪڍي ٿو ته اها ان جي مرضي، پر ان لفظ جي مفهوم موجب اُن جي مراد اها آهي، جيڪا نڪاح کانپوءِ، شادي جي وقت، لائون لهڻ بعد، منهن ڏسڻ مهل ڪنوار کي بخشش طور نقد يا سوکڙي سوغات جو انعام ڏيئڻ.
( اهو انعام ڪنوار کي ڇو ٿو ڏنو وڃي ؟ ) اهو هڪ الڳ وڏو مفهوم آهي. ان تي ڪنهن ٻيئي وقت لکبو فلحال مان ڪهاڻي ان موضوع واري ڪهاڻي جي نتيجي تي ٿو لکان. جنهن ۾ هڪ ڪمزور نفسيسات عاشق، پنهنجي محبوبا جي شادي ڪنهن ٻيئي مرد سان ٿي وڃڻ کانپوءِ، ان جي رخصتي جي وقت هو کيس هٿو هٿ هزار جو نوٽ مُوڙي ۾ اين ٿو ڏيئي، جيئن ڪو عشق جي جنگ ۾ هارايل عاشق پنهنجا زخم سيڪيندي، پنهنجي نا اهلي کي نديندو به نه هجي! ۽ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي ۾ عاشق جي نفسيات ۽ ڪيفيت کي ان ڪيف ۾ پڌرو ڪيو آهي جنهن کي عاشق ۽ عشق جي سماج ۾ حيا، حجاب ۽ احترام چئي سگھجي ٿو. جڏهن ته عاشق لکيو پڙهيو ۽ عشق عالمگير ڪيفيت آهي. شايد ڪاهاڻيڪار عشق جي ايوان ۾ علم ۽ عقل کي هيجاني حالت ۾ وجھي حقير ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ۾ ليکڪ جي شروعاتي ڪهاڻي، باقي ڪهاڻين کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
ان کانپوءِ ٻيو نمبر ڪهاڻي “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي آهي. جيڪا پنهنجي موضوع جي حساب سان، ليکڪ جي سوچ ۽ ڪتاب ۾ موجود ڪيترين ئي ڪهاڻين جي مرڪزي خيال جي نمائندگي ڪندڙ آهي.
هن ڪهاڻي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو تجزيو پيش ڪندي، تحريڪ کي مفادن جي طوفان ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو آهي، ان ان ۾ قومي تحريڪ جي بانيڪار محترم جي،ايم سيد جي عالمي شخصيت هجڻ واري اهميت کي روحاني انداز ۾ ان جي طبيعت، مزاج ۽ رويا وغيره شاه عبدالطيف ڀٽائي سان ڀيٽيندي ڪهاڻي اڳتي وڌائي ٿو. جنهن ۾ ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار سائين جي،ايم سيد واري مزار جي پيراندي کان ويهي، سوچيندي سندس من ۾ هڪ ايذائيندڙ اهو سوال اڀري ٿو ته _ “ هي سنڌ ۾ قومي سياست جي گروه بندي واري سوچ آخر ڪهڙو بهتر نتيجو ڏيندي؟ ” ۽ پوءِ انهيءَ سوال جي معرفت، ليکڪ هر وطن پرست واري ڪيفيت جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. جنهن نتيجو مايوس حالتن کي پڌرو ڪري ٿو، پر مرڪزي ڪردار پوءِ به بااميد آهي!
ڪهاڻي ۾ ڪجھ ٻيا ڪردار به ڄڻ اهڙا محسوس ٿين ٿا، جيڪي ڳالهائن ڪجھ نٿا پر تمثيل ۾ اهڙي احساس کي پڙهندڙ لاءِ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي. ۽ اهو اهڙو فن يا ڏانءُ هرهڪ ڏات ڌڻي کي حاصل نٿو هجي، جيڪو هوش محمد ڀٽي جو احساس سندس ڪهاڻين کي پختگي بخشي ٿو.
ان کانپوءِ ٽيون نمبر ڪهاڻي “ مائوٿ آرگن ” مائوٿ آرگن هڪ سازيندي جو نالو آهي. مونکان جيڪڏهن ان لفظ جي ڪوئي معنيٰ پڇي، ته مان ان کي ان جي معنيٰ “ محبت ۽ سنگيت جو سنگم ” ئي ٻڌائيندس.
سنڌ جي عظيم شاعر، شاه لطيف به ساز ۽ سنگيت جي معاملي کي ٻيجل ۽ جھوناڳڙھ جي راجا راءِ ڏياچ جو قصو بيان ڪري، تند جي تنوار تي واري، واري سر وڍي ڏيئڻ جو ذڪر ڪيو آهي، _ هن ڪهاڻي ۾ به هيروئن کي محبت جو مريض ڏيکاري، ان کي مائوٿ آرگن جي وڄت واري سوز جي معرفت، ذهني سڪون واري احساس ذريعي مريضه کي صحت ياب ٿيندي پيش ڪيو ويو آهي. احساساتي پيچيدگي کي پڌرو ڪرڻ واري اظهار لاءِ، ڪنهن حد تائين ڪهاڻيڪار جو فني ڪمال چئي سگھجي ٿو.
چوٿون نمبر ڪهاڻي؛ “ امن جو خواب ” هن ڪهاڻي ۾ هڪ فوجي آفيسر، جيڪو جنگ ۽ امن جي وچڙيل ويچارن جو ڪردار آهي.۽ جيڪو عالمي امن بابت روايتي انداز ۾، هڪ فوجي سپاهي جيان پنهنجي ملڪي سرحد تي پنهنجي هم منسب سپاهين کي پياسي موت مرندي ۽ تڙپندي ڏسي، خود به دنيا کي آزادي جهڙي بهشت ڏيئڻ واري خيال سان ، سيني ۾ دشمن جي گولي جو گھاءُ کائيندي، سندس امن پسند روح به ڪبوتر جيان پرواز ڪيو وڃي.۽ هڪ جنگجُو جو خواب قتل ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. ايئن ڪهاڻي ۾ عالمي امن وارو نقطو دهرائن جي ڪوشس ڪئي وئي آهي.
پنجون نمبر ڪهاڻي؛ “ پنهنجو ديش اوپرا ماڻهو ” هن ڪهاڻي ۾ راجا ڏاهر نالي ڪردار، ڄڻ جُون مٽائي، عربن جي بدلي افغانين جي نفرت جو نشانو بڻجي ٿو _ ڪهاڻي ۾ تمثيلي ڏانءُ سان اهو پڌو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي ته، عربن کان انگريزن تائين ۽ هاڻ سنڌ وطن ۾ موجود ڌارين جون لوڌون، سنڌ وطن جي وارثن کي نفرت، ڪيني ۽ حسد جي نظر سان پيون ڏسن، پوءِ به سنڌي پاڻ ۾ ورهايل آهن ۽ قومي وحدت جو کين احساس ئي ناهي!
“ ناچڻي، ڪام ۽ ڪروڌ ” هن ڪهاڻي ۾ شهوت جي باھ، دل ۽ دماغ تي ٻري وڃڻ کانپوءِ ڪيفيت ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاڙهي کي جنسي لذت جي نالي سان، نفسياتي احساس محسوس ڪرائڻ لاءِ تمثيل گھڙي ويئي آهي. ڪهاڻي ۾ نفسياتي خواهش تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي پيو، پر جڏهن ته ڪهاڻيڪار رڳو احساسن کي ڇُهيو آهي ۽ مان سندس پندرنهن ڪهاڻين جي صرف نتيجن تي مختصر پيو لکان ۽ باقي ٻن آخري ڪهاڻين سميت تفصيل سان لکڻ، ٻين لاءِ پيو ڇڏيان .
“ دادلو درياھ ” هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار اعجاز جي نالي سان آهي، جيڪو موهن جي دڙي جو رهائش پذير آهي _ جنهن 1980غ واري ٻوڏ کان 30 سال اڳ؛ يعني 1950ع سندس پيءُ درياھ تي وٺي ايندو آهي. تڏهن اعجازان جي عمر اندازي موجب 08 سال آهي ۽ ان عمر کان سندس من ۾ درياھ سندس عقيدو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو 1980ع واري ٻوڏ دوران عمر ۾ 38 سالن جو شادي شده ۽ اولادي آهي، تڏهن به سنڌو درياھ ۾ پاڻي کوٽ سبب، سنڌي ماڻهن جي سياسي احتجاج، مظاهرن، مطالبن ۽ سائينسي انجنيئرنگ واري ويڙھ کان وڌيڪ عقيدي کي اهميت ڏيئي، دريا کي پاڻي سان پلٽائي، سڄي سنڌ کي ٻوڏ جي عذاب ۾دربدر ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان دعا جي دهشت جو عڪس ته اڀري ٿو، پر عقل ۽ علم واري اُنس کان، انسانيت محروم ڏيکاري وئي آهي! اهڙي طرح هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج کي ارتقا کان، هن ڪهاڻي لکڻ تائين احتجاج ۽ اعتراض جهڙي جدوجهد کان وڌيڪ سماج کي عقيدي جي احساس جو اهڙو ئي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي، جيئن شاھ لطيف سُر سهڻي ۾ محبت جي هڪ ڪمزور ڪردار، ميهار جي زباني چوي ٿو.
“ درياھ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!“ (شاه)
ان کانپوءِ “ ڪامريڊ II ” ۽ “ ڪامريڊ III ” اهي ٻئي ڪهاڻيون نمبروار گڏ ڏنل آهن. ڪتاب ۾ موجود اڪثر سڀني ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار، انساني نفسيات جي احساسن جو ڄڻ تجربو ڪيو آهي . پر ان ۾ وطن پرستي واري قومي فڪر جي جھلڪ بلڪل واضح آهي _ ڪوئي منفي سوچ رکندڙ نقاد ڪجھ ڪهاڻين کي ته نعري باز ڪهاڻيون به چئي سگھي ٿو!
مذڪوره ٻنهي ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ۾ شبير نالي قوم پرست ڪامريڊ جو ڪردار آهي، جيڪو بدين جو رهاڪو آهي، جنهن پنهنجي سڄي عمر قومي فڪر جي پرچار ۾ قربان ڪئي آهي. پر پڇاڙڪي عمر ۾ ان جي حالت ڄڻ سگريٽن جا ٽوٽا پييئندڙ هڪ پينو فقير واري ڏيکاري ويئي آهي ۽ وطن پرستي لاءِ جيڪو هن پورهيو ڪيو، ان لاءِ ماڻهو کانئس ڪجھ ٻڌڻ لاءِ دائرو ٻڌي بيهن ٿا ته، انهن کي به جانوري سوچ سان انسان جي شڪل ۾، اُهي ڄڻ رول ڪتا ڪري ڏيکاريا ويا آهن! _ اهڙي طرح اهو قوم پرست ڪامريڊ ڪردار ، قوم پرستي جو ڄڻ نفسياتي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس سياسي جدوجهد جو نتيجو نا اميدي ظاهر ڪري ٿو!
ساڳي طرح “ ڪامريڊ III ” ڪهاڻي ۾ راشد جتوئي نالي مرڪزي ڪردار آهي ۽ صوفي شاھ عنايت شهيد جي نگري جو رهاڪو آهي، جيڪو پهريان پپلزپارٽي جو جيئالو ڪارڪن آهي، پر پي پي جي مفاد پرست وڏيرن جا ڪڌا عمل ڏسي، قوم پرستي جو نعرو هڻي، انهن وڏيرن جو سخت مخالف ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اچانڪ ئي ان پرچار ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ٿو نه پاڻ ٿو هٿ اچي ۽ نه سندس نعري جو ڪوئي نتيجو. بس رڳو انهن وڏيرن هٿان اغوا ٿي وڃڻ جا اشارا آهن.
هن ڪهاڻي ۾ “ جو کيڙي سو کائي ” ان نعري جو بانيڪار صوفي شاھ عنايت کي ڏيکاريو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اهو معاملو تاريخ ۾ اڃا ديبل بندر جيان زيرِ بحث ۽ تحقيق طلب آهي.
ڪتاب ۾ ڏهون نمبر ڪهاڻي جو نالو آهي “ ملان شريف ” هن ڪهاڻي ۾ مسجد جي پيش امام جو عمل سندس نالي جي ابتڙ آهي. سندس نالو شريف آهي پر نيت بدمعاش اٿس.، پر ملي جو اهڙو ئي رواجي ڪردار آهي، جيئن صدين کان سنڌ جا صوفي شاعر مُلي بابت تُڪ بندي ڪندا آيا آهن. تنهن ڪري هڪ نفس پرست پيٽُوڙي ملي جي ڪردار ڪهاڻي کي به روايتي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي.
“ مهين جو دڙو ” هن ڪهاڻي ۾ موهن جي دڙي جي تاريخي اهميت ۽ دراوڙن جي ترقي يافتا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي ۽ ان ماڳ تي تفريح خاطر ايندڙ ماڻهن جي بدسلوڪي، پن ج هزار سال پراڻي تاريخي ماڳ کي پنهنجو ورثو سمجھي ان کي سنڀالن، سنوارڻ جي بجاءِ انهن جي ذريعي ان جي لتاڙ ڏيکاري وئي آهي. اهڙي طرح ڪهاڻي جي اختتام ۾ سنڌي قوم جي سڌاري وارو امڪان گھٽ ڏيکاريو ويو آهي. پر منهنجي خيال ۾، ليکڪ ڪهاڻي جو ڪلائميڪس شعوري طور ايئن شايد نه پيو ڏيئڻ چاهي، بلڪه لکڻي دوران ڪڏهن، ڪڏهن اسلوب پنهنجي لکاري کان پنهنجي مرضي مڃائي وٺندو آهي _ اهو منهنجو امڪان آهي _ ٿي سگھي ٿو ايئن نه به هجي، پر مونکي جيئن محسوس ٿيو تيئن لکيم.
ان کان علاوه هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ جي مشاهدي ۽ مطالعي واري علم ڳنڍ ۾ ٻڌل موتي ڳڻي سگھجن ٿا، ڪهاڻي ۾ منظرڪشي خوبصورتي سان چٽي ويئي آهي.
“ گھايل گھٽائون جيون ” هن ڪهاڻي پڙهڻ سان ليکڪ جي ذاتي سوچ ڏانهن ذهن ڇڪجي وڃي ٿو، جنهن مان ايئن محسوس ٿيندو آهي، ته ليکڪ ڄڻ جنسي لذت واري نفسيات کي واضح ڪرڻ جو ڪوئي ذاتي مقصد رکندڙ آهي، جنهن ڪري ٻين ڪهاڻين جيان هي ڪهاڻي به انسان جي رئيس عضون سان ذهن وندرائڻ ۽ جنسي لذت واري چسڪي ۾ مڙهي ويئي آهي! جنهن ۾ جنسي لذت واري مريض کي سچي محبت واري مسيحائي کان محروم ڏيکاريو ويو آهي. ايتري تائي جو عورت جي خاص عضون کي ماکئ جو رس مکي، انهن عضون کي اکيون پوري چٽڻ واري حوس ۽ چس وٺن واري چرپڻ کي چڱي طرح چٽو ڪيو آهي. پر زندگي جي مقدس رشتن تي پوندڙ منفي اثر جو ڪوئي اشارو ۽ ان خواهش واري انتها سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي بيمارين جي آگاهي لاءِ، هڪ اڌ ڪنايو ڏيئڻ به ليکڪ جو خيال خاموش آهي. جڏهن ته ليکڪ نفسيات بابت چڱي ڄاڻ رکندڙ به آهي.
“ ڇو نٿو مون کي سڏين ” هن ڪهاڻي ۾ به محبت ۽ جنسي تعلق جا احساس دوهرايا ويا آهن، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار يا ان کي ڪهاڻي جي هيروئن چئون، اها شادي کان اڳ ۾ ڪنواري محبت جي لذت ۽ شادي کان پوءِ ڪنوارپ واري پراڻي لذت جا احسادس ۽ پنهنجي جسم لاءِ ٻن عاشقن وارو جنسي لطف، جنهن ۾ هڪ زال ۽ ٻيو محبوبا جي حيثيت سان ان جنسي ڪيف ۾ سوچون ورهائيندي خود به ورهائجي وڃي ٿي ۽ ٻهِ پُڙي سڻڀي اڦراٽي جيان پچندي به ان احساس کان محروم آهي ته، ( محبت ۾ جنسي لذت ۽ زندگي جي اصل حقيقت، ٻه الڳ،الڳ احساس آهن ) بلڪه ايتري تائين جو شهوت جي باھ دوران، سنجوڳ جي وقت، جسم جي اڳ، پُٺ واري ساڃاھ سالم رکڻ کان به محروم آهي ! شايد سنجوڳ واري جنسي جولان ۾ ليکڪ، ماڻهپي جو موت ڏيکاريڻ جي ڪوشس ڪئي آهي.
“ افطاري ” ڪتاب ۾ هي ڇوڏهون نمبر ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ تخليق ڪيل ڪردار، هڪ اهڙي بي حس سماج جي نادان روين سان ڌڌڪاريو ويو آهي، جيڪو سماج غير مهذب ۽ قومي غلامي واري محروميت سبب انسانيت جي اهڃاڻن کان به محروم آهي ۽ اوکي ويل، پنهنجي آدميت به سلامت رکي نه سگھيو آهي.
هي هڪ اهڙي احساساتي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ باشعور فرد کي پنهنجي قومي جاڳرتا لاءِ سندس ستل احساس کي بيدار ڪري ٿي.
“ گاريون ” هي سَو سوا لفظن تي مشتمل مائڪرواسڪوپ ڪهاڻي، جنهن ۾ شادي جي خواهش سبب، مقدس رشتن کي ڌڪاري، ماڻپي کي رشتن جي احساس کان محروم ڏيکاريو ويو آهي.
مائڪرو اسڪوپ ڪهاڻي جو پلاٽ ئي ايترو هجي ٿو، جنهن کي ٿورن لفطن ۾، تڪڙو نتيجو ڏيندڙ قصو يا ڪهاڻي چيو ويو آهي. _ هي تمام مختصر اسلوب ڪهاڻي باشعور، ترقي يافته ۽ مصروف ترين سماج ۾ پنهنجو ملڪو ماڻي چڪي آهي، پر سنڌي ادب ۾ ان تي اڃا تڪرار ايئن هلندڙ آهي، جيئن سنڌ جي نامڪمل تاري تاريخ تي تحقيق هلندڙ آهي! _ ان جو خاص ڪارڻ غلام سماج ۽ محڪوم قوميت آهي. جنهن ڪري قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول وغيره وڏي مغز خور ڊيگھ ۽ ڊگھِي مدت تائين مرِي،مرِي جيئڻ واري حالت مان گذرن ٿا، ايتري تائين جو سماج جا رويا ۽ نسل به تبديل ٿيو وڃن ۽ قصن، ڪهاڻين جا نتيجا ان تبديلي جي محور ۾ ئي گم ٿيو وڃن يا مريو وڃن. پر هڪ سڄاڻ ليکڪ اهو سمجھي ٿو ته، صحتمند ۽ سگھاري ٻولي ۾ تخليق ڪيل ادب تاريخ ۾ زنده رهي ٿو. تنهن ڪري اُهو ليکڪ پنهنجن لکڻين وارن تجربن کي ترڪ نٿو ڪري ۽ پنهنجي تخليق کي تاريخ جي تهن ۾ جمع ڪندو رهي ٿو ۽ ان عمل ۾ ٿڪي هرگز نٿو ۽ نه پنهنجي پورهيي مان نا اميد رهي ٿو. اصل ۾ ان کي ئي آدرش، مستقل مزاجي ۽ ادب سان سڄي عمر جو تعلق جوڙي رکندڙ هڪ لکاري کي اديب چيو ويوآهي. جيڪو پنهنجو سڀئي صلاحيتون سچائي سان، ڪُل وقتي پنهنجي مقصد لاءِ وقف ڪندڙ آهي.
محترم هوش محمد ڀٽي به پنهنجي عمر جو گھڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. جنهن ۾ کيس نظم توڙي نثر تي ڪافي تجربو حاصل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب 2018ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس سترهن ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ ٻولي کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ تجنيس خطي ۽ من موهيندڙ رڌم واري روانگي تي وڏو ڌيان ڏنو اٿس، جنهن ڪري پروف جون ڪافي غلطيون محسوس ئي ڪون ٿيون ٿين. ليکڪ جي اها مهارت ساراھ جوڳي آهي. ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي پنهنجي ٻولي سان پرڀائي ٿو وٺي _ پر ڌيان ڏئي پڙهندڙ لاءِ پروف جون غلطيون ڄڻ سندس ڪيفيت جون نسون ڪپي وڌيڪ پڙهڻ کان روڪينديون هجن. ليڪن ليکڪ جي ڏاهپ انهن غلطين کان پوءِ به مٿڀري آهي. جيڪا ڪردارن کي پنهنجي ڪِرت ۽ ادائگي ۾ سندن ڪردار مطابق، شڪل چٽڻ واري مصوري، سندس ڏات کي نروار ڪندڙ آهي. البت ايئن ڪجھ محسوس بلڪل ٿيئي ٿو ته، ٻولي تي سندس ايترو عبور حاصل نطر نه پيو اچي، جيترو سندس جذبو انساني نفسيات پرکڻ ۾ جذب ٿيو اهي. ان جو ڪارڻ اهو به شايد ٿي سگھي ٿو ته، دنيا ۾ جيتريون صورتون اوترا چاهيندڙ ۽ اوتريون ئي ڪهاڻيون،قصا آهن. ۽ انهن لاءِ سوچيندڙ اوترا ئي آهن پر انهن تي لکندڙ اوترا ناهن ٿوررا ڪي آهن. جنهن ڪري هر ڪهاڻيڪار جي حصي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پنهنجا قصا ۽ منظر پيش ڪندڙ رهيون آهن ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي هر ڪهاڻي کي سونهائيندڙ ذيور پارائي نه سگھيو آهي!
سنڌ وطن ۽ سنڌي ادب سان محبت رکندڙ هوش محمد ڀٽي لاءِ ايترو ضرور چئي سگھجي پيو ته، ادبي ڌارا ۾ سندس ٻيڙي ترندي ڏسي، ائين لڳي ٿو ته، پاڻ اهڙي پتڻ جو پاتڻي آهي، جتان سوچن جا ڪيئي مسافر سِير کي سامهون سينو ساهي زندگي جي ٻيڙي اجھاڳ سفر ۾ هاڪاريندڙ آهن.
زندگي جھاڳ، اجھاڳ جي جھاڳور ۾ چانڊوڪي رات دوران رلندڙ ڪڪر جيان آهي، جنهن جي موت کان سواءِ باقي ڪنهن منزل جي يقيني پروڙ نٿي رهي، ۽ هي اهو سفر آهي جيڪو رڪڻ سان به نٿو رڪجي. اهو ئي سبب آهي جو، زندگي جي ان اڪيلي سفر لاءِ ماڻهو محبتون جوڙن، ڳنڊين ٿا ۽ پنهنجين عمرين سان گڏ قوم، وطن، سماج، ٻولي ۽ تهذيب کي جيئارن ٿا. _ هوش محمد ڀٽي پنهنجي ڪتاب جو نالو “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” شايد انهيءَ خيال سان ئي رکيو آهي ۽ ڪتاب ۾ اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال به، ايئن زندگي جي سفر کي, نفرتن جي نيئرن مان ڇڏائي, ڪنهن اهڙي اجتماعي اتحاد کي ڳولي، ان سان ڳنڍيندڙ آهي، جيڪو سياسي، سماجي، علمي توڙي معاشي ترقي واري ڌارا جي مست درياھ مان پار اڪاري، آزادي ۽ خوشحالي جهڙيون آسائشون پنهنجي وطن واسين لاءِ پيدا ڪندڙ هجي. ۽ اهڙو آدرش هڪ سٺي ۽ سيبتي ليکڪ جو ئي هجي ٿو.
Hyder Darya
MirPurBathoro