SindhiBooksSuportt

SindhiBooksSuportt its all about litrature سنڌي ادب

02/08/2021

مخدوم آسيہ قريشي

!
هڪ ڪتاب جيڪو منهنجو جاڳي ڏٺل خواب هو،
هٿن تائين آيو ته اکين کي يقين ڪندي ٻه سال گذري ويا.
هيءُ ڪتاب مونکي محبوب جي مقدس اکين جيان عزيز آهي.
هيءُ ڪتاب ”تنهنجي“ هٿن جهڙو خوبصورت آهي.
باقي لوڪ منهنجو ڪتاب پڙهي ٿو پڙھڻ چاهي ٿو يا نه مونکي ناهي خبر.
(جَي پڙهڻ چاهيو ته ___ هيٺ ڏنل ايڊريس تي آنلائن به گهرائي سگهو ٿا.
ڪتاب جي قيمت 300 آهي.)
ڪتاب ملڻ جا هنڌ .....
ڪنگ پن بوڪ هائوس حيدرآباد
احساس پبليڪيشن ۽ ڪتاب گهر حيدرآباد
نسيم نگر بوڪ اسٽال قاسم آباد حيدرآبادڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد
فڪشن هائوس ڪتاب گهر حيدرآباد
دانيال ڪتاب گهر قاسم آباد حيدرآباد
حيدرچوڪ چانئيز هوٽل جي سامهون ارشد بوڪ اسٽال حيدرآباد
۔۔ انهيء کان علاوه هنن ڪانٽيڪٽس نمبرز تي اوهان آنلائن به ڪتاب گهرائي سگهو ٿا٠
03013324100
03155577538
احسان آڪاش
۔۔۔۔۔۔۔۔۔
03110137786 ۔۔۔۔۔

ٿوھر ھيٺان ننڊ جي تخليقڪارفراق هاليپوٽو جو نثري نظم جو نئون ڪتابمجسمن سان ڳالھيون
22/12/2020

ٿوھر ھيٺان ننڊ جي تخليقڪار
فراق هاليپوٽو جو
نثري نظم جو نئون ڪتاب
مجسمن سان ڳالھيون

02/10/2020
28/06/2020

Reached 2000+ Followers ⚘⚘

Khaleeque Bughio Writes on Mujeeb Otho's BookBARISH KHA BARISH TA-Eفڪشن تنقيد*مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون  ** سماجي نظرين کا...
16/06/2020

Khaleeque Bughio Writes on Mujeeb Otho's Book
BARISH KHA BARISH TA-E
فڪشن تنقيد
*
مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون

** سماجي نظرين کان ڏور، جديد آرٽ جو سفر

خليق ٻگھيو
لاڪ ڊائون جي ڏينھن ۾ مون ، مجيب اُوٺي جو ڪَھاڻي- ڪتاب" بارش کان بارش تائين“ پئي پڙھيو آھي، ھيءُ ڪتاب آڪٽومبر 2019ع ۾ "ڪنول پبليڪيشن ،قنبر" ڇپيو آھي، بنا مُھاڳن واري ھن ڪتاب جي، ارپنا “پروفيسر اروشيءَ“ جي نالي ڪئي وئي آھي، بيڪ پيج تي ، پروفيسر اروشي ، رحمت اللہ ماڃوٺيءَ ۽ منور سراج جا مختصر ترين رايا آھن ،ڪارنر ورقن ۾ معشوق ڌاريجو ۽ شاھنواز خاصخيليءَ جا مختصر ترين رايا شامل ڪيا ويا آھن، ڪتاب ۾ ڪُل اُوڻيھين" مختصر مختصر ڪھاڻيون" آھن، اڪثر ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ نتيجي اخذ ڪرڻ ۾ نھايت آسان آھن ، ڪَھاڻين جي ٻولي نھايت سَھل/ سَڀاويڪ /عام فھم آھي، اُنھن ڪارڻن جي ڪري ، پڙھندڙ ڪِٿي بہ بوريت جو شڪار نٿو ٿئي، پڙھندڙَ ڪِٿي بہ عدم دلچسپي جو شڪار نٿو ٿئي ، ڪَھاڻين ۾ پيغام رسائيءَ جي برعڪس ، فرد جي داخليت کي مابعد الطبيعاتي تصور ۾ تورڻ / تڪڻ جو سعيو ساريو ويو آھي،سڀني ڪھاڻين ۾ فرد ئي آھي، سماج ڪونھي

مُجيب اُوٺي جون ڪھاڻيون حياتيءَ /سماج جي objective معروضي حقيقتن کي ثانوي حيثيت ڏيندي، مُوضوعي Subjectivity جي بيانيي کي جَنمين ٿيون، ھِن قِسم جي بيانيي ۾، سماج جي اجتماعي واقعن جي برعڪس، مُوضوعي انفراديت، ۽ داخلي وارتائن کي، وڌيڪ افادي حيثت سان، پيش ڪيو ويندو آھي ، ھن ڪتاب جون ڪھاڻيون پڻ ، انفرادي ڀوڳنائن ۽ وُجودي نراسائيءَ جي وارتائن جي ڪُننَ ۾ ڦرندڙ ڪھاڻيون آھن، ڪھاڻين ۾ اِھڙن ڪردارن کي فوڪس ڪيو ويو آھي ، جيڪي ڪردار، روان سماجي وھڪ کان ڪٽيل ڪردار چَئي سگھجن ٿا ، مارڪسٽ ٿيوريءَ موجب ، اِھڙا سماجي ڪردار ، سماجي پيداوار ۽ اُپت کان ڇِنل ڪردار ٿين ٿا، جن کي ويڳاڻپ ۽" نظريہ بيگانگيء" جا شڪار ٿيل ڪردارَ چَئبو آھي َ، مُجيب اُوٺي جون ڪَھاڻيون ، وُجودي فلسفي جي باقاعدي پيروي نہ ڪندي بہ ، لاشعوري طرحَ وجودي فلسفي جي روشنيءَ جي عَڪسن ۾ ئي پَسي سگھجن ٿيون ، ڪِٿي ڪِٿي/ ڪن ڪن ڪھاڻين جي ڪردارن ۾ شعور جي روء ِStreams of Consciousness آھي ، ھِن قِسم جي ڪھاڻين کي،جديد ڪھاڻيون /جدت ڀريون ڪھاڻيون سَڏي سگھجي ٿو ، ڪتاب جي نوَن ڪھاڻين ڪجھ مفصل“ سير حاصل “ ڪريون ٿا :

1 دل جي آڳنڌ تي لڙي آيل جدائي
______________________________

ھِن ڪھاڻيءَ جو عنوان ئي آرٽسٽڪ ۽ شاعراڻو آھي، سموري ڪھاڻي تجسس ڀري آھي، مرڪزي ڪردار ھڪ عورت جو آھي، جنھن جي شاديءَ جي پھرين سالگرہ آھي، ھوءَ شاديءَ جي پھرين سالگرہ تي ھوءَ پُوري شوق سان ، سنبري ٿي ،پنھنجي ڀريل بُت تي سرھائي محسوس ڪري ٿي،پُونيءَ ۾ ٻڌل وارا ڇوڙي ٿي ،ڊگھن ڪارن وارن کي نئين سنئين ڦڻي ڏئي ٿي ، سرد ھَوا ۾ مڙس جو انتظار ڪندي بي چين ٿي وڃي ٿي ، ڪھاڻيءَ ۾ موجود جماليات، حِسي ادراڪ ، خلقي ٿي ، سندس مڙس جو ڪٿان پتو نٿو پوي ھُو گُم ٿي وڃي ٿو ،گھر جو دروازو طلسماتي طور تي ٺڙڪي ٿو ، ھوءَ پاڳلن جيان، لُوھَ پائي ٿي ۽ در سان لڳي/ ٽَڪرائي ڪِري پوي ٿي ، ڪھاڻيءَ جي ڪلائيمڪس ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو تہ جنھن در سان ٽَڪرائجي ٿي، سو پاڳل خاني جو ئي در ھُوندو آھي ، ڪلائيمڪس کي ڪھاڻيڪارَ ، آخري اڌ سٽ ۾ تخليقي ٿو ، جيڪا ھڪ الڳ فني ڪرافٽ مئنشپ آھي ، ڪھاڻي پُراسرار لڳي ٿي ، ڪھاڻيءَ جو ڪلائيمڪس پڙھندڙ جي نتيجي کان بدلجي، غير امڪاني ٿي پوڻ ئي، جديد ڪھاڻيءَ جو آرٽُ آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ھونئنءَ بہ پڙھندڙن کي بہ رياضيءَ جي حسابن جيان آخر ۾ ڪھاڻيءَ جي رٿا ۽ تسلسل وارو نتيجو نہ ملندو آھي.

2 سائي چادر جو ڏک
______________________________

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ٻُھاريدار /ڀَنگيءَ جو ڪردار، مرڪزي ڪردار آھي، جنھن جي زال کي ڇِتو ڪُتو کائي ٿو ۽ ھُن کي گھر ۾ ئي آئيسوليشن ۾ رکيو وڃي ٿو ، گھر جا ڀاتي سندس بتالجڻ جو مُدو ٽي ڏينھن،اڍائي مھينا ۽ اڍائي سال ٻُڌائن ٿا، گھر جي ڀاتين پاران امڪاني طرح ڇِتي ڪُتي کاڌل فرد کي ، پاڻيءَ جي بوڙين ۽ جھرڻن مان بتاليل ٻڌائن ٿا، ڪھاڻيءَ ۾ متاثر عورت کي پائخاني ۾ ننڍڙيون ڏيڏرين مثل ننڍڙا گُلر اچڻ واري ڳالھ پڻ ٿيل آھي، خبر ناھي ھنن ڳالھين جو ميڊيڪل سائنس سان ڪيترو ربط ھُجي!

ڪھاڻيڪار ان قسم جا سوال پڙھندڙ جي اڳيان اُڀاريا آھن،َ آخر ۾ اُھا عورت مري وڃي ٿي ۽ گھر جا ڀاتي سندس مٿان ، سائي پُسيل چادر وجھي ڇڏين ٿا، ڇِتي ڪُتي جي انجيڪشن واري علاج واري ڳالھ ، ڪھاڻيءَ ۾ ڪٿي بہ موجود ڪانھي ، ھيءَ ڪھاڻي سسپينس رکي ٿي ، ڏند- ڪٿائي تصورن جي ڀرسان گُذرندي ، محسوس ٿئي ٿي ، متاثر عورت پنھنجي مڙس سان بيحد محبت ڪندڙ عورت آھي، مڙس/ڀنگي پنھنجو انتقام ھر ڪُتي کان وٺي ٿو ، جيڪو ڪُتو ڏِسي ٿو ، سو مختلف طريقن سان ماري ڇڏي ٿو ، ايتري قدر جو ، جيئرن ڪُتن کي ، گٽرن ڏئي پُوري ماري ڇڏي ٿو ، ڀنگي سُوچي ٿو ، تہ سَرنھن جي گُلن جي خوشبوءِ واسجڻ سان ، ڪُتا ڇِتا ڇو ٿا ٿين؟ مڙس /ڀنگيءَ جي ڪردار جي نفسياتي روڳ کي ڪھاڻيءَ ۾ فوڪس ھيٺ آندو ويو آھي ، انتقامي نفسيات جي ڪيترن رُخن کي کوليندڙ ھيءَ ڪھاڻي ڀرپور ڪلائيمس رکي متاثر ڪري ٿي .

3 پھرين انام ڪھاڻي
______________________________

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ آرٽ گيلريءَ جي مُجسمي جا تجسيمي Personification روپ ۾ اظھاريل آھن ، ھڪ آرٽ- گئلري آھي ، جنھن ۾ ھڪ مُجسمي بابت ٻُڌايو وڃي ٿو تہ ھِن جو سنگتراش گُم ٿي ويو آھي، سمنڊ مُنھن -ڪري ويو آھي/مُجسمي ۾ پاڻ َ تحليل ٿي ويو آھي، ڪھاڻيڪار اُن جون مختلف رخن کان تصويرون ڪڍي ، اُنھن مان اُن مجسمي جي تاثرات کي نمائشي ٿو، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ڪِٿي مجسمي کي پريشان ، ڪِٿي درويش، ڪِٿي نرواڻ جي تلاش ۾ ڀَٽڪيل ڪردار ،ڪِٿي ٻار جنھن کي ڳل تي چماٽ لڳل ھُجي ، ڪٿي ٻار جيڪو ماءُ لاءِ روئندو ھُجي ،ڪٿي روڊ تي آورگي ڪندڙ نوجوان، ڪٿي پوڙھو جنھن جي ڏاڙھيءَ ۽ وار وڌيل ھُجن ، ڪٿي شھر جي منافقيءَ ۽ اُداسيءَ جي شڪايت ڪندڙ، مختلف ڪرداري تاثرات، ڪھاڻيڪار عَڪسي ٿو ، ڪلائيمڪس تحت سڀ ڪرداري عڪس، ڪھاڻيڪار کي پنھنجا ئي لڳن ٿا ۽ اينٽي- ڪلائيمڪس ۾ وري سڀ ڪجھ گُم ٿي وڃي ٿو ،نہ آرٽ گئلري نہ مُجسمو ، ڇوتہ ھڪ پوڙھو شخص کيس ٻُڌائي ٿو تہ ھتي ڪا آرٽ گئلري نہ پر ھتي قبرستان آھي ،

ھِن ڪھاڻي ۾ تصورن ، خوابن ۽ ڌنڌلي حقيقتن جو سنگم تہ آھي ، پر ڪھاڻيءَ مان قاريءَ کي ، ڪھاڻي- پَڻي جو ڪو مزاج ۽ سڀاءُ نٿو حاصل ٿئي، ڪھاڻيءَ ۾ علامت نگاريءَ کي استعمال ڪندي ، زندگيءَ جي مختلف رخن کي ، آرٽسٽڪ زاوين سان ڏيکارڻ جي ڪامياب ڪوشش ضرور ڪئي وئي آھي، پر ڪھاڻي، ظاھر ۾ ڪھاڻي نہ تاثراتي ڊائريءَ جو ورق لڳي ٿي

4 خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻھو
______________________________

ھن ڪھاڻيءَ ۾ خوابيدہ ڪائنات کي شاعراڻي اک سان پُرجھيو ويو آھي ۽ ڏند -ڪٿائي تصورن جي خاڪا - سازي ڪئي وئي آھي، ڪھاڻي پَڙھندي، مَحسوس ائينءَ محسوس ٿئي ٿو تہ ڪھاڻيءَ جي ھيئت ۾ ڪيترا ئي نثري نظمن جا شاعراڻا اسٽروڪس پوشيدہ آھن نئرٽوز بلڪل شاعراڻي مزاج جي نمائندگي ڪن ٿا،

جديد ڪھاڻيءَ ۾ ھونئنءَ بہ مقرر فني لوازمات تي ڪھاڻي لکڻ ضروري ناھي ڇوتہ جڏھن ڪھاڻي ، ڪھاڻيڪار تي غالب پوندي آھي تہ ڪھاڻيڪار وٽان ڪھاڻيءَ جي فني رٿا غائب ٿي ويندي آھي ، جنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس زوردار نٿو ٿئي يا جن ڪھاڻيءَ ۾ ڪلائيمڪس ناھي ھُوندو ، اُن قِسم جي ڪھاڻيءَ مان اُھا نظريا سازي ڦُٽندي آھي تہ حياتيءَ جي ھلندڙ سفر تي يقين رکجي ۽ حالتن کان زوريءَ نتيجا وٺڻ جي ڪوشش غير فطري آھي ، ڇوتہ حياتي خود ڪلائيمڪس- ليس ھُوندي آھي، فطري طرحَ حياتي ڪِٿي بہ مقرر فيصلن جي محتاج ناھي ھوندي ، جتان ڪھاڻي شروع ڪبي آھي، اُتي ان کان اڳ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھُونديون آھن ،جتي ڪھاڻي ختم ٿيندي آھي ، دراصل اُتان ڪھاڻي نئون موڙ وٺندي آھي ، جديد ڪھاڻين جي آرٽُ پڻ ڪلائيمڪس- ليس ٿئي ٿو ، جديد آرٽ ھيءُ آھي تہ ڪھاڻي پڇاڙڪن سٽن ۾ پڙھندڙن کان ڄڻ ڌڪ پٽي وٺندي آھي، جديد ڪھاڻين ۾ ڪلائيمڪس سڀ ڪجھ ناھي ھُوندو ، پر ڪلائيمڪس کان پوءِ ڪٿي ڪٿي اينٽي ڪلائيمڪس ھُوندو آھي،

ھِن ڪھاڻيءَ ۾ عنوان ٺھڪندڙ ڪونھي، پر ھن ڪھاڻيءَ ۾َ ڪلائيمڪس ضرور آھي ، ڪھاڻي ھڪ ڇوڪري جي ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو ننڍي ھُوندي کان خوابن جو مُتلاشي ھُوندو آھي، خوابن کي گُڏين جھڙو تصور ڪندو آھي، پکين جا اڪثر خواب ڏسندو آھي، پکين جي نرسنگ ڪندو آھي، پکين جي موت تي روئندو آھي ۽ خوش ٿيندو آھي،پھريون خواب جھرڪين جو ڏسندو آھي ، آخر ۾ خواب ئي سندس اکين کي ساڙيندا آھن ۽ اُن عمل کي ڪھاڻيڪار ڪلائيمڪس بڻائي ان کي “خوابن مان خارج ٿيل ماڻھو“ سَڏيو آھي ، ڪھاڻيءَ جو ڪردار فطرت ۽ نفسيات جي وچ تي بُولاٽيندو کائيندو رھي ٿو، ۽ ڪھاڻيءَ جي آخر ۾ پُراسراريت ھيءَ آھي ، نيٺ خواب ڏسندڙ اکيون سڙڻ لڳن ٿيون .

5 رھجي ويل ملاقات جو لمحو
_____________________________

ھيءَ ھڪ رُومانوي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ڪنھن شخص جي پريمڪا، کائنس وِڇڙي مري وڃي ٿي، پر ھُو خواب ۾ کيس ساڳيو جوان ۽ تازو ڏسي ڇِرڪي پوي ٿو، ھُن کي يقين نٿو ٿئي تہ ھوءَ مرڻ کان پوءِ بہ، اچڻ سان ساڳي قسم خوشبوءِ پکيڙي سگھي ٿي ، مري ويل پريمڪا جون يادون ساري ٿو ، ھُن کي ائينءَ ٿو لڳي ڄڻ ھُوءَ کيس وٺڻ آئي ھُجي نيٺ ھُو سندس قبر تي ساڻس ملڻ وڃي ٿو ، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻي - پڻو ڪونھي،پر رنگين تخيل پرستي آھي، سموري ڪھاڻي داخلي احساسن جي ڊائريءَ جي ورقن جيان لڳي ٿي ، ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيل خيالَ مابعد الطبيعاتي وھمن مان نچوڙجي، قاريءَ جي تجسس کي وڌائن ٿا ، مُنھنجي خيال ۾ ھيءَ ڪھاڻي، لاشعوري طرحَ پريمڪا جي مري وڃڻ کان پوءِبہ، محبت جي وجود تي ايمان آڻڻ جي مابعد الطبيعاتي فلسفي تي زور ڏئي ٿي ۽ اڻَ- سِڌي طرح، محبت جي مادي تصورن کي ردُ ڏئي ٿي ، ڪھاڻيءَ ۾ جيئري انسان کي مُئل پريمڪا جو انتظار ڪندي ڏيکاريو ويو آھي، سموري ڪھاڻي ممڪنات ۽ ناممڪنات جي تصورن تي بيٺل آھي.

6 سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري
______________________________

ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڇوڪري ، جيڪا يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ييئر ۾ آھي ، پنھنجي جيون -ساٿيءَ چُونڊڻَ لاءِ ھڪ مرد جي چونڊ ڪري ٿي، ھوءَ بي خبريءَ ۾ خواھشن جي گھوڙي تي سوار ٿئي ٿي، ھُن کي شديد خواھش ٿئي ٿي تہ ھوءَ پنھنجي پريم کي حاصل ڪري وٺي ، اُھو پريم ڪندڙ، جنھن سان صرف ھڪ ڀيرو ملاقات ٿي ھيس ، جنھن ملاقات ۾ کيس ٻہ ڀاڪر ۽ ٻہ چُميون ئي نصيب ٿي سگھيون ھُيس، سندس ماءُ کيس چَئي ٿي تہ “جنھن مرد جي سيني تي گھاٽا وار ٿيندا آھن ، سي بيوفا ٿيندا آھن“

پوءِ اتفاق اِھڙو ٿئي ٿو تہ جو ماءُ جي اُھا چَوڻي ئي ھُن ڇوڪريءَ جي، عملي زندگيءَ ۾ سچ ثابت ٿيندي آھي، ڇوتہ ھُن ڇوڪريءَ سان ھڪ اِھڙو مرد ئي بيوفائي ڪري ٿو ، جنھن جي سيني تي گھاٽا وار ھُوندا آھن ، ھيءَ ڪھاڻي سائنس ۽ سماجي نظرين جي برعڪس ، پُراڻي مفروضياتي قِسم جي ساڳي چَوڻيءَ تي مشتمل آھي، تہ “ سيني تي گھاٽن وارن وارا مرد بيوفا ٿين ٿا“ ، ڪھاڻيءَ ۾ عورت جي نسواني نفسيات ۽ رومانس ۾ اندر جي آنڌ مانڌ کي ، سگھاري آرٽسڪ نموني پيش ڪيو ويو آھي، ھيءَ ڪھاڻي عنوان سان ٺھڪندڙ، ڪلائيمڪس ڏيندڙ ڪھاڻي آھي.

7 اڪيلائيءَ جو آخري ڇرڪ
______________________________

ھيءَ ڪھاڻي بنا ڪلائيمڪس جي، ھڪ اداس ملول، حساس ،اڪيلي ۽ محروم شخص جو پورٽريٽ آھي، ھڪ اِھڙو شخص ، جيڪو ماڻھن جي روين کان خوفزدہ ھجي، جنھن کي پنھنجي پيءُ ڪڏھن نہ ٻُڌو پر نظر انداز ڪيو، جنھن ڪري وڏو ٿيڻ کان پوءِ بہ نفسياتي محروميءَ جو شڪار رھي ٿو ، سندس گھر واري پڻ وفات ڪري وڃي ٿي، پر ھُو ٻي شادي بہ نٿو ڪري ۽ محبوبہ جي ساروڻين ۾ مصروف رھي ٿو ، ھي ڪردار ھڪ اھڙي شخص جي جيون - خاڪسازيءَ تي مشتمل آھي،جنھن جي نراس جيوت ئي، ھن ڪھاڻيءَ جي آٿم -ڪٿائي نئرٽوز ِ جو سبب بڻيو آھي، ڪھاڻيءَ ۾ کوڙ خوبصورت جملا حوالن ڏيڻ جھڙا آھن،

ڪھاڻيءَ جو ڪردار، رشتن کان ٽُٽل ڪردار آھي،ويڳاڻو ۽ مايوس ڪردار آھي، ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار جي مختلف ڪيفيتن جي قِسمن کي دريافت ڪيو ويو آھي، ڪھاڻيڪار ، ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي اندر جي ڪائنات کي چڱي طرحَ ڇنڊيو ڇاڻيو آھي،

8 ڪھاڻين جو ديوتا
______________________________

ھن ڪھاڻيءَ ۾ مختلف ڪھاڻين کي تجسيمي روپ سروپ ۾ پسڻ جو سعيو ساريل آھي،ھن ڪھاڻيءَ کي علامت نگاري پڻ چَئي سگھجي ٿو ۽ ڪِٿي ڪِٿي سررئيلسٽڪ ۽ فينٽسي اندازن جي گاڏڙ- ساڏڙ تاثر پڻ ملن ٿا ، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڪھاڻيڪار کي ڪھاڻين جو ديوتا سڏيو وڃي ٿو، جيڪو خانہ بدوش آھي ، صرف ڪھاڻين جا قافلا ئي کيس ڳُولي لھن ٿا ، ڇوتہ ھُو ڪھاڻين کي امرتا بخشي ٿو ، ھُو خود پاڻَ بہ ڪڏھن ڪھاڻيءَ ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو ، ھُو ڪھاڻين سان ئي جاڳي ۽ سُمھي ٿو ، ڪِن ڪھاڻين کي ھُو ڇِتِ تي لٽڪائي ڇڏي ٿو،ڪھاڻيون ھُن اڳيان دانھين ٿيون تہ کين وڪڻيو وڃي ٿو، مختلف ڪھاڻيون کيس ساڻن ٿيل زيادتيءَ کان آگاھ ڪن ٿيون، نيٺ آخر ھُو پاڻ پيٽ لاءِ لکيل ڪھاڻين جي موت کي ڏسي ، پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي لکڻ چاھي ٿو ، پر پَنن وٺڻ لاءِ نڪرندي، ھُو ھميشہ لاءِ گُم ٿي وڃي ٿو يا مري وڃي ٿو،

پر ھيءَ ڪھاڻي عُنوان سان اڻَ- ٺھڪندڙ ڪھاڻي آھي مذڪورہ ڪردار ، ڪھاڻين جو ديوتا ڪيئنءَ ٿيو ؟ ڪھاڻيء جي آخر َ ۾ ڪردار کي خوامخواہ ماريو ويو آھي، جيڪا آرٽسٽڪ ڪمزوري آھي، ڇوتہ ڪردار کي مارڻ جي باوجود، ڪھاڻي امڪاني تاثرات ڇڏڻ کان، محروم رھجي وئي آھي ، ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار صرف سوچ کي پروفائيل ڪري سگھيو آھي، ۽ ڪھاڻيڪارُ ڪردار تي، ڪِٿي بہ پڄاڻيءَ لاءِ ڪردار تي غالب پئجي ڪونہ سگھيو آھي مرڪزي ڪردار سندس گرفت کان آخر ٻاھر نڪري ويو آھي

9 بارش کان بارش تائين
______________________________

ھيءَ ھِن ڪتاب جي ٽائيٽل- ڪھاڻي آھي، ھِن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ شخص جي زال، پنھنجي مڙس سان بي انتھا پيار ڪرڻ چاھي ٿي، پر سندس مڙس کيس نظر انداز ڪندي ، ھڪ اھڙيءَ پاڙيسري عورت جي عشق ۾ انڌو ٿي ويٺو آھي ، جيڪا عورت شَھر ڇڏي ھَلي وئي آھي، ڪلائيمڪس اُھو آھي، جو مڙس آخر ۾ پنھنجو اُھو راز پاڻ ئي پنھنجي زال کي ٻُڌائي ٿو تہ آئون پاڙي واري عورت سان محبت ڪندي ، خالي ٿي ويو آھيان مان ھاڻي توسان محبت نٿو ڪيان، ھيءُ ڪلائميڪس جي لحاظ کان خود سنڌي سماج جي ڪلچرل ماحول ۾ غير منطقي ۽ غير عقلي ۽ مصنوعي لڳي ٿو ، ڇوتہ ان قَسم جي راز ٻُڌائڻ جي حماقت اسان جي سماجڪ ماحول / ازدواجي زندگيءَ ۾ نہ عورت ڪري ٿي ۽ نہ ئي مرد ڪري سگھي ٿو ،

پر جيئنءَ تہ ڪھاڻيءَ جو ڪو مخصوص وطن ناھي ھُوندو، ڇوتہ ڪھاڻيءَ جو زمان مڪان ڳولڻ ئي ان کي محدود بڻائڻ جي مترادف آھي جنھن ڪر ڪھاڻي ، ڪنھن بہ سماج ۾ لاڳو ٿي سگھندي آھي ، پوءِ بہ ڪھاڻي پڄاڻيءَ وقت، پنھنجو تاثر ، ڀرپور ڏئي ڪونہ سگھي آھي، ڪھاڻيءَ جو ڪھاڻي - پڻو بہ ڪمزور آھي، ھن ڪھاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگھ بہ ڪيل نظر اچي ٿي ، ھيءَ ٽائيٽل -ڪھاڻي ايتري اھميت جوڳي ڪانھي، پر اُن کي ، ٽائيٽل -ڪھاڻيءَ ڪري ، زوريءَ اھم بڻايو ويو آھي .
_____________________________

جيڪي ڪھاڻيون مون کي غير اھم ۽ گھٽ متاثر ڪندڙ ڪھاڻيون لڳن ٿيون، سي ھي آھن :

“احساس جون لھرون “ ڪھاڻي ٿوري جادوئي حقيقت نگاريءَ نما بہ آھي، تہ وري اُن ۾ سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي ڇيد جھڙو لقاءُ پڻ مڪس ڪيو ويو آھي، مڪسنگ تجربي جي ڪري ڪھاڻيءَ جو پيغام منتقليءَ جي فن کان محروم ٿي ويو آھي،

ڪھاڻي “سيئي سڪان ساريان“ پڻ ھڪ عجيب ۽ مُنجھيل ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ عورت ھڪ ئي وقت مڙس ۽ ھڪ ٻئي شخص سان بي انتھا پيارَ ڪري ٿي ،

ڪھاڻي “زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سڙيل ساھ“ جو ڪو خاص مقصد نٿو نڪري، ھيءَ ڪھاڻي صرف ھڪ سڙيل انتظار واريءَ دل جي، ھُڏ ٻُڏُ ، چنتائون اوسيئڙا ۽ خود ڪلامي سانڍي ويٺي آھي ، ھن ڪھاڻيءِ ۾ ڪھاڻيءَ واري فضا موجود ڪانھي، جنھن ڪري ڪھاڻي ھڪ ڪردار سازيءَ جي عمل کان اڳتي ارتقائي سفر ڪونہ ڪري سگھي آھي ،

ڪھاڻي “ٺري ويل چانھ جو ڪوپ “ ٻن پريمڪارن جي جواني گُذري وڃڻ جي پڇتاءَ جي صرف نمائندگي ڪري ٿي ،ڪھاڻيءَ جون صرف آخري سٽون متاثر ڪندڙ آھن،

ڪھاڻي “ خوف جي خوشبوءِ“ ۾ موت جي خوف کي عڪسڻ جي ڪوشش ٿيل آھي،موت جو خوف آخر مذڪورہ ڪردار کي پاڳل ڪري وجھي ٿو ۽ ھُو روڊن تي ڊوڙندو چوندو وتي ٿو “ تہ مان مري ويندسانوَ! “ ڪردار جي علاج بابت ڪا بہ ڄاڻ نٿي پوي ،

ڪھاڻي “ ھِن دل جي خانہ بدوشي “ تي ڪِن ڌرمي عقيدن جو اثر آھي، پر ڪھاڻي ڌرمي عقيدت پرستيءَ ۽ وھمن ۾ ڦاسجي رھجي رھجي وئي آھي ، ھڪ شخص کي پنھنجي پريمڪا نانگڻ جي روپ ۾ پنھنجو وجود پَسائي ٿي، نانگن جو انسان ٿيڻ ۽ انسان مان نانگ ٿيڻ بابت ھِن قسم جا ڪيتريون ئي فلمون ۽ ڊراما پاڙيسري ملڪ جا ڪيبل تي اڳ بہ ڏسندا آھيون

باقي بچيل ڪھاڻيون ، ڪتاب جي ڀراءَ جون ڪھاڻيون آھن ، سُڪي ويل گل جي خوشبوءِ، ڪھاڻيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري ، ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص، وائلن جي ٽُٽل تار جھڙي ڇوڪري.

ڪھاڻين ۾ ڪي مڪالما نھايت تخليقي، آرٽسٽڪ زاويا دريافت ڪندڙ ، من جي ڪائنات کي ڇُھندڙ ، سگھارا ۽ خوبصورت آھن، جن جو تعلق جتي سماجي زندگيءَ جي ڪردارن سان جسم ۽ روح جيان آھي، اُتي اُھي مڪالما ڊي ڪوڊنگ ڪندي، جيڪڏھن ڀڃ- گھڙ تنقيد Deconstruction جي تحت ڏسجن تہ اُنھن مان مختلف معنويت جا تَھَ کُولي سگھجن ٿا، اِھڙن جملن جي نشاندھي ڪجي ٿي :

“جڏھن ماءُ مري ويندي آھي تہ پوءِ ماڻھو محبوبہ جي سھاري جيئڻ لڳندو آھي“

“زندگيءَ جي اُنھن سوالن ۾ مون کي محسوس ٿيو تہ : خواب پکين جيئن آھن “

“ھن کي ھاڻ اُھا پڪ ٿي وئي تہ: ، خواب موت جھڙو آھي “

“ھيءُ بہ ڪيڏو وڏو حادثو آھي، جو ماڻھو خوابن جي لاشن کي پنھنجي اندر دفنائي خود ھڪ زندہ قبر ۾ بدلجي ويندو آھي “

“جڏھن مرد جو روح رڙيون ڪندو آھي تہ اھا عورت جيڪا ساڻس محبت ڪندي آھي اھا ئي اھي خاموش رڙيون ٻڌي سگھندي آھي “

“اداس دليون خانہ بدوش ھونديون آھن “

“ هن کي ٻاروتڻ ۾ ٻُڌو نہ ويندو آھي،اُھي وڏا ٿي خاموش ٿي ويندا آھن “

“ڇا ڀلا نانگڻ جي فنا بہ ٿيندي آھي؟“

“شاديءَ کان پوءِ عورت جي انا مري ويندي آھي ۽ نانگڻ جي انا پوءِ بہ زندہ رھندي آھي “

“پيٽ ڀرڻ ۽ پيٽ کان ھيٺ جي ڪھاڻي ھڪ ٻئي سان جڙيل آھن “

“ٻين ڪاڻ اداس رھندڙ شخص جي ذات ئي مڪمل ھُوندي آھي“

“ھُو ھميشہ ھڪ پُراڻي خوشبوءِ جو متلاشي ھو“

مجيب اُوٺي جون ڪھاڻين تي ڪنھن بہ سياسي سماجي نظرئي جو رنگ چڙھيل ڪونھي، پر سندس ڪھاڻيون، زندگيءَ جي اصلي سچائين کي عڪسين ٿيون ، يا ائينءَ چَئجي تہ سندس ڪھاڻيون ، نراس رُوحن جا آٿم - ڪَٿائي بيانيہ آھن، مجيب جون ڪھاڻيون رومانس کان محروم ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن ، جيڪي حياتيءَ ۽ ڪائنات جي ڪشش کان معذور آھن، جن وٽ رڳو ويراڳ آھي، سنجوڳ ڪونھي، جنھن ڪري اُھي ڪردار اھڙا ذھني مريض پڻ آھن ، جن کي جديد سائنسي دور ۾ نفسياتي علاج کان محروم رکيو ويو آھي، ڪھاڻين ۾ سندس علاج جو ڪو نشان ئي ڪونھي، اُھي ڪردار جيڪي زماناسازيءَ جي ڪري ، زندہ لاش بڻيل آھن ، ٻئي تناظر ۾ ھُو خوابن جو ڪھاڻيڪار آھي، خوابن جي رستي ھُو فرد جي لاشعور جي پردن کي کولڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ،ڪٿي عڪيسل ڪردار ، ڪيفياتي سطح تي يڪسانيت جو شڪار آھن ، ڪردارن جا نالا گم آھن، سموري ڪتاب ۾ ڪردارن جا فرضي نالا بہ ٻہ ٽي مشڪل سان ملن ٿا ، ھُو ڪردارن کي ڄڻ نثري نظمن ۾ سمجھائي ٿو ،انھن جي ڪيفيتن کي ، نظمي سٽن ۾ اُوتي ٿو ،ھُو ڄڻ تہ ڪھاڻيون نٿو لکي، پر صرف ڪردار سازي ڪري ٿو، ھُو ڪردارن جي نفسياتي لاڙن کي رونما ڪندڙ ڪھاڻيڪار آھي، سندس فڪشن ۾ آرٽ زبردست آھي،پر مايوس ادب بہ جھاتيون پائي ٿو

، اھڙو “ مايوس ادب“ سماج کي اجتماعي سطح تي ، فائدو نٿو پُھچائي، پر فرد سان مخاطب آھي ، اداس مايوس ادب سماج ۾ سُست ۽ غير متحرڪ ڪردارن کي خلقي ٿو،پر جديد ڪھاڻيڪارَ ان جي پرواھ نٿا ڪن، مُجيب اُوٺي جي ڪھاڻين جا ڪردار پڻ ، غير متوازن ، غير توانا ، غير مُتحرڪ ۽ غير انقلابي آھن ، پر اُھي ڪردار پنھنجي ئي وُجود جي غمن ۾ ٻُڏي ويندڙ ڪردار آھن ،ٻئي پاسي جديد ڪھاڻيءَ جي آرٽ جي لحاظ کان ،َ اُھي ڪردار پنھنجي من ۾ جھاتي پائيندڙ ڪردار آھن ، رُومانس کان ڇنل ڪردار ، محبتن کان محروم ڪردار،خوشين کان لاوارث ڪردار، حسرتن ۾ غوطا کائيندڙ ڪردار ، جيڪي مليل ڀاڳ کي ورثو سمجھن ٿا ۽ تدبير جي سماجي سائنس کان لاتعلق آھن ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ جي برعڪس، حالتن جي پُٺيان رُوحاني سفر ڪن ٿا ، ڀاڳن کي موٽائڻ لاءِ جُستجو نٿا سارين، ليکڪ / ڪھاڻيڪار جو اُن ۾ ڏُوھ ناھي ، خود سماج ۾ اھڙا اڳواٽ ڪردار موجود آھن.

مُنھنجي خيال ۾ اِھڙي قِسم جي ادب ۾ ڪِٿي نہ ڪِٿي ، ماڻھو پنھنجي جذبن جي ڪٿارسس جو ڦل ڳولي ٿو ،مُجيب اوٺي جي ڪھاڻين کي پڻ ساڳي محسوسات سان پَسي سگھجي ٿو، سندس ڪَھاڻين ۾ محرومين جا رُومانس آھن ، بي دين غمن جي اوڊيڙ آھي، حياتيءَ جي “وڃايل جوھر“ جي نمائش آھي،

ھِنن ڪھاڻين جي اُونھاين ۾ وڃڻ سان انسان جي دُکي درد ، رنج غم ، مفاد پرستيءَ، خود غرضيءَ بيوفائيءَ جي ڪَٿَ ڪري، سماج جي بُنيادي محرڪن ۽ ڪارجن کي نئين سر پرکي سگھون ٿا.

ڪتابَ جيئرا وجود ٿين ٿا، پوءِ ڪي ماڻھو ،اُنھن ڪتابن سان جيئري ئي بيوفائي ڪن ٿا، ڪي ماڻھو ڪتابن سان ئي سموري حياتي نڪاح وجھي ويھي رھن ٿا ، ڪتاب ئي ٿين ٿا ،جيڪي مُئلن ۾ ساھُ وجھن ٿا ، مايوسيءَ کي اُتساھُ، نراس کي آس ، ھيڪلتائيءَ کي محفل ،وڇوڙي کي سنجوڳ ، ڏُک کي سُک ، غم کي خوشيءَ ، بيگانگيءَ کي مانڊاڻُ ويراني کي چمن ، ارھائيءَ کي سرھائي ،اپمانُ کي مانُ ، رد کي قبوليت، ناڪاميءَ کي ڪاميابي ، نفيءَ کي اثبات ، راھَ کي منزل ۽ منزل کي مقام ڏيڻ وارا ڪتاب ئي ٿين ٿا ،پر انھن جي فڪري محرڪن /ڪارجن کان اڻڄاڻائي ئي ، ماڻھوءَ کي ، اُنھن کان پري ڪري ٿي،

اڄوڪي ڊجيٽل سائنسي ، مڪينڪي ، صنعتي ۽ سائيبر ادب ۽ علم جي وڌيڪ دعويدار ، پھرين دنيا جي سڌريل دنيا ، آميريڪا ۽ يورپ جي دنيا پڻ، ڪتابن جي ماھيت کي خُوب سمجھي ٿي ، ڪتابن جي افاديت ڪير انھن کان پُڇي ڏسي ، پر رڳو ائينءَ بہ ڪُونھي تہ ڪتاب توھان جي لُڙڪن کي ، مُرڪن ۾ بدلاءُ بخشي وٺن ، اھنجن کي سھنج ارپي وٺن ، پنگلن کي سگھ ڏئي وٺن ، ذھني بيماريءَ جي مسيحائي بڻجي وڃن ، ڪڏھن ڪڏھن، ڪي ڪتاب روئارين ٿا ، گھائن تي لُوڻُ ٻرڪين ٿا ، سرد خانن ۾ پيل دردن کي نئين سر سيراب ڪري، ڏُکن جي کيتيءَ کي اُکوڙين ٿا، رُڪيل ڳُوڙھن جي، وھڪرن کي روان ڪن ٿا، وجودن ۾ پيھي وڃن ٿا، روحَ ۾ بسيرو ڪن ٿا ، مٺي درد کي جاڳائن ٿا ، ڪڙين حقيقتن جا تاڪيا کُولين ٿا، سُورن جا نئين سِر بخيا اُڊويڙن ٿا، اِھڙن ڪتابن مان ھڪ ڪتاب “بارش کان بارش “ تائين پڻ آھي، جنھن جو ڪھاڻيڪارُ مُجيب اوٺو، قاريءَ کي، پنھنجي ڪھاڻين وسيلي ، پنھنجي پاڻَ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، دنيا جھانَ کان ڇِنجي ، پنھنجي پاڻ سان ملاقات ، جيتوڻڪ انفرادي تجربو آھي، پر ھر تجربو ڌار معنوي وجود رکي ٿو .

”خوف ۾ ورتل ماڻھو“ سرور غزاليءَ جي چونڊ ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو آھي. سرور غزالي اردو، جرمي۽ انگريزي ٻوليءَ م لکندڙ ادب جو ھ...
30/04/2020

”خوف ۾ ورتل ماڻھو“
سرور غزاليءَ جي چونڊ ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو آھي. سرور غزالي اردو، جرمي
۽ انگريزي ٻوليءَ م لکندڙ ادب جو ھڪ بِنھ منفرد ليکاري آھي. ھن ھڪ ناول جرمني ۽ ھڪ اردوءَ ۾ لکيو آھي.
ڪھاڻي جا 3 ڪتاب شايع ٿيل اٿس
مختصر ڪھاڻي سرور غزاليءَ جي اھم سڃاڻپ آھي، جنھن جي موضوعَ ۽ اسلوب کیس ادب ۾ وڏي پذيرائي ڏياري آهي

ڪتاب آن لائين گهرائڻ لاء رقم =/200 موبي ڪيش نمبر 03022275567 تي موڪلڻ کان پوءِ گهر ويٺي پوسٽ رجسٽري ذريعي گهرائي سگهجي ٿو. اداري جا ڪي به 5 ڪتاب گهرائڻ تي اڌ ملهه جي رعايت ڪئي ويندي. پوسٽ خرچ بنا ــ رابطي لاء: 03022275567

معروف ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار حيدر دريا جو ھوش ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب تي لکيل تجزيو۔ڳنڍيندڙ جي ڳولا ( حيدردريا )  دنيا ۾ هر ٻو...
13/04/2020

معروف ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار حيدر دريا جو ھوش ڀٽيءَ جي ڪهاڻي ڪتاب تي لکيل تجزيو۔

ڳنڍيندڙ جي ڳولا
( حيدردريا )

دنيا ۾ هر ٻولي ڳالهائڻ ، ڳائڻ، پڪار ۽ پچار، تعلق ۽ لکت وارن لڇڻن لاءِ آهي. ۽ ٻوليا هو وسيل آهي جيڪو زندگي جي سماج سان گڏ خدا ۽ خلق جي وجود جو ضامن آهي.
ڪنهن ڪجھ لکيو آهي يا لکي پيو ته ان لکت جا ٽي ڀاڱا اهم هن ٿا. هڪ؛ معرفت ٻيو؛ مقصد ۽ ٽيون ؛ نتيجو .
ادب جي هر صنف به ان اصول جي پابند آهي، نظم توڙي نثر جي خوبصورتي لاءِ مذڪوره ٽي بنيادي اصول اهم هوندا آهن. ڪنهن به لکت ۾ اهي ٽي اهم نقطه نٿا هجن ته لکت پنهنجي هيئت ۾ نامڪمل هجي ٿي. اها الڳ ڳالھ آهي ته دنيا سڄي هن تيز رفتار دور سبب پنهنجي مقصد واري شهرت جي نتيجي لاءِ، تڪڙي اُپاءُ واري عمل سبب، ڪيترائي قلمڪار پنهنجي تڪڙي مُراد واري معاملي کي، نامراد مقابلن جي منهن ۾ وجھي، پنهنجي اميد کي ڄڻ هڪ اهڙي آکاڙي ۾ وجھندا آهن، جنهن ۾ اصول، اهميت، نتيجن ۽ ڪاميابي وارو احساس ئي فوت ۽ فنا ٿيو وڃي. _ ۽ جيڪڏهن ايئن چئجي ته، دنيا دنگ جو ليڪو ڪڍي، هڪڙي ئي رُخ ۾ رهي سوچيندي هجي، ته اهو به ناممڪن آهي.
لکڻ، پڙهڻ واري معاملي ۾ ڪجھ شعبه اهڙا به آهن، جن ۾ سواءِ خوشامد جي باقي شهرت جي سفارش لاءِ ناڻي جون نديون نٿيون وَهن. ۽ شهرت جا اگھ خاص توڙي عام لاءِ اگھامن ئي ڪون ٿا. _ ابهب شعبن مان ادب اهو شعبو آهي جنهن ۾ شهرت جي خريداري ۽ وڪرو حقيقي مانِ ماڻيدڙ هر گز ناهي. ادب ۾ مڃتا ماڻڻ لاءِ محنت ۽ وقت درڪار هجي ٿو. تخليقار کي جيترو گھڻو علم، شعور ۽ جذبو هاصل هوندو آهي. ان کي اوترو ئي گھڻو ڊگھو وقت ڏيئڻو پوي ٿو.
ان کان علاوه ادب آهي ئي قوم، سماج، رياست، ملڪ ۽ نظرين جي نفسيات، تهذيب، ٻولي ۽ حالتن تي نظرون ڄمائي رکڻ وارو عمل. يعني ادب، خارجي توڙي اندروني حالتن تي درست لکڻ وارو اُهو خفو آهي، جنهن تي ڪم ڪندي، هڪ بي دين ۽ ملحد جهڙا مهڻا هنڍائيندي، خود خود ۽ خدا تي به سچ لکڻو پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ ڪوئي به پنهنجي شهرت جو شهر اڏي ان جي بازار جا مُلھ پنهنجي مرضي جا مقرر ڪري، خيال خريد ڪرڻ سان نوبل پرائز نٿو ماڻي سگھي !
ادب جي اسڪول ۾ رڳو داخلا وٺڻ لاءِ به هوش محمد ڀٽي جهڙي نوجوان جيان پنهنجي جواني جون سڀئي خوبصورتيون جواني سميت ادب جي نانءُ ارپنا ڪري، پنهنجو سموريون صلاحيتون سچ لاءِ خرچ ڪرڻيون پون ٿيون.
هوش محمد ڀٽي، جنهن کي ڪيترا ئي دوست “هوش ڀٽي” يا “ هوشو ” جي نانءُ سان پڪاري ڄڻ “ مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون ” ان نعري کي اهميت ڏيئي هوشو شيدي جي تاريخي وفا کي ورجائيندا هجن. جنهن ميرن جي غلامي ۽ سنڌ وطن جي آزادي لاءِ تلوار واهيندي پاڻ به پڙ تي وڍجي وطن لاءِ شهيد ٿي ويو
اسان جو دوست هوش محمد ڀٽي، توڻي جو هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پهلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. پر نظرياتي طور پنهنجي نالي جي نسبت سان جڙيل آهي. ۽ لکاري جي جي حيثيت سان ناول، شاعري، ڪهاڻي وغيره جي مختلف صنف تي ڪتاب لکيا اٿس. ان سان گڏ سنڌي ادب جي مٿبت تنقيد جو تجرباتي نقاد پڻ آهي. ۽ گاهي،ماهي گھڻ رخي تنقيد جا جوهر به سندس فلڪياتي فن وارِي ڪائنات مان جرڪي پوندا آهن.
مان سندس ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” جيڪو 2018ع ۾ مُرڪ پبليڪشن ڪراچي وارن ڇپيو آهي. سندس اهو ڪتاب پڙهڻ وقت، سندس ڪهاڻين تي مختصر نوٽ لکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ قلم اڳ م ئي پاڻ واٽ ايئن موجود رکيا، جيئن ڪوئي ڪتاب پڙهڻ وقت اڪثر ان تي مختصر نوٽ لکي ان ڪتاب ۾ ئي رکي ڇڏيندو آهيان.
اهڙي طرح هوش محمد ڀٽي، جي ڪهاڻين تي ٿورو ڪجھ لکڻ وقت سندس فني ۽ تمثيلي رڌم کي ڇڏي صرف باقي رڳو سندس ڪهاڻين جي نتيجن تي مختصر لکڻ لاءِ ڪيفيت ۽ قلم ساٿ ڏنو، جنهن ۾ سٽاءُ موجب پهرين ڪهاڻي جو آهي “ مُڙو ”
مُوڙو، لفظ جي ڪير معنيٰ ڪڍي ٿو ته اها ان جي مرضي، پر ان لفظ جي مفهوم موجب اُن جي مراد اها آهي، جيڪا نڪاح کانپوءِ، شادي جي وقت، لائون لهڻ بعد، منهن ڏسڻ مهل ڪنوار کي بخشش طور نقد يا سوکڙي سوغات جو انعام ڏيئڻ.
( اهو انعام ڪنوار کي ڇو ٿو ڏنو وڃي ؟ ) اهو هڪ الڳ وڏو مفهوم آهي. ان تي ڪنهن ٻيئي وقت لکبو فلحال مان ڪهاڻي ان موضوع واري ڪهاڻي جي نتيجي تي ٿو لکان. جنهن ۾ هڪ ڪمزور نفسيسات عاشق، پنهنجي محبوبا جي شادي ڪنهن ٻيئي مرد سان ٿي وڃڻ کانپوءِ، ان جي رخصتي جي وقت هو کيس هٿو هٿ هزار جو نوٽ مُوڙي ۾ اين ٿو ڏيئي، جيئن ڪو عشق جي جنگ ۾ هارايل عاشق پنهنجا زخم سيڪيندي، پنهنجي نا اهلي کي نديندو به نه هجي! ۽ ڪهاڻيڪار ڪهاڻي ۾ عاشق جي نفسيات ۽ ڪيفيت کي ان ڪيف ۾ پڌرو ڪيو آهي جنهن کي عاشق ۽ عشق جي سماج ۾ حيا، حجاب ۽ احترام چئي سگھجي ٿو. جڏهن ته عاشق لکيو پڙهيو ۽ عشق عالمگير ڪيفيت آهي. شايد ڪاهاڻيڪار عشق جي ايوان ۾ علم ۽ عقل کي هيجاني حالت ۾ وجھي حقير ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. پر پوءِ به ڪتاب ۾ ليکڪ جي شروعاتي ڪهاڻي، باقي ڪهاڻين کي پڙهڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
ان کانپوءِ ٻيو نمبر ڪهاڻي “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي آهي. جيڪا پنهنجي موضوع جي حساب سان، ليکڪ جي سوچ ۽ ڪتاب ۾ موجود ڪيترين ئي ڪهاڻين جي مرڪزي خيال جي نمائندگي ڪندڙ آهي.
هن ڪهاڻي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جو تجزيو پيش ڪندي، تحريڪ کي مفادن جي طوفان ۾ ورهايل ڏيکاريو ويو آهي، ان ان ۾ قومي تحريڪ جي بانيڪار محترم جي،ايم سيد جي عالمي شخصيت هجڻ واري اهميت کي روحاني انداز ۾ ان جي طبيعت، مزاج ۽ رويا وغيره شاه عبدالطيف ڀٽائي سان ڀيٽيندي ڪهاڻي اڳتي وڌائي ٿو. جنهن ۾ ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار سائين جي،ايم سيد واري مزار جي پيراندي کان ويهي، سوچيندي سندس من ۾ هڪ ايذائيندڙ اهو سوال اڀري ٿو ته _ “ هي سنڌ ۾ قومي سياست جي گروه بندي واري سوچ آخر ڪهڙو بهتر نتيجو ڏيندي؟ ” ۽ پوءِ انهيءَ سوال جي معرفت، ليکڪ هر وطن پرست واري ڪيفيت جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. جنهن نتيجو مايوس حالتن کي پڌرو ڪري ٿو، پر مرڪزي ڪردار پوءِ به بااميد آهي!
ڪهاڻي ۾ ڪجھ ٻيا ڪردار به ڄڻ اهڙا محسوس ٿين ٿا، جيڪي ڳالهائن ڪجھ نٿا پر تمثيل ۾ اهڙي احساس کي پڙهندڙ لاءِ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي. ۽ اهو اهڙو فن يا ڏانءُ هرهڪ ڏات ڌڻي کي حاصل نٿو هجي، جيڪو هوش محمد ڀٽي جو احساس سندس ڪهاڻين کي پختگي بخشي ٿو.
ان کانپوءِ ٽيون نمبر ڪهاڻي “ مائوٿ آرگن ” مائوٿ آرگن هڪ سازيندي جو نالو آهي. مونکان جيڪڏهن ان لفظ جي ڪوئي معنيٰ پڇي، ته مان ان کي ان جي معنيٰ “ محبت ۽ سنگيت جو سنگم ” ئي ٻڌائيندس.
سنڌ جي عظيم شاعر، شاه لطيف به ساز ۽ سنگيت جي معاملي کي ٻيجل ۽ جھوناڳڙھ جي راجا راءِ ڏياچ جو قصو بيان ڪري، تند جي تنوار تي واري، واري سر وڍي ڏيئڻ جو ذڪر ڪيو آهي، _ هن ڪهاڻي ۾ به هيروئن کي محبت جو مريض ڏيکاري، ان کي مائوٿ آرگن جي وڄت واري سوز جي معرفت، ذهني سڪون واري احساس ذريعي مريضه کي صحت ياب ٿيندي پيش ڪيو ويو آهي. احساساتي پيچيدگي کي پڌرو ڪرڻ واري اظهار لاءِ، ڪنهن حد تائين ڪهاڻيڪار جو فني ڪمال چئي سگھجي ٿو.
چوٿون نمبر ڪهاڻي؛ “ امن جو خواب ” هن ڪهاڻي ۾ هڪ فوجي آفيسر، جيڪو جنگ ۽ امن جي وچڙيل ويچارن جو ڪردار آهي.۽ جيڪو عالمي امن بابت روايتي انداز ۾، هڪ فوجي سپاهي جيان پنهنجي ملڪي سرحد تي پنهنجي هم منسب سپاهين کي پياسي موت مرندي ۽ تڙپندي ڏسي، خود به دنيا کي آزادي جهڙي بهشت ڏيئڻ واري خيال سان ، سيني ۾ دشمن جي گولي جو گھاءُ کائيندي، سندس امن پسند روح به ڪبوتر جيان پرواز ڪيو وڃي.۽ هڪ جنگجُو جو خواب قتل ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. ايئن ڪهاڻي ۾ عالمي امن وارو نقطو دهرائن جي ڪوشس ڪئي وئي آهي.
پنجون نمبر ڪهاڻي؛ “ پنهنجو ديش اوپرا ماڻهو ” هن ڪهاڻي ۾ راجا ڏاهر نالي ڪردار، ڄڻ جُون مٽائي، عربن جي بدلي افغانين جي نفرت جو نشانو بڻجي ٿو _ ڪهاڻي ۾ تمثيلي ڏانءُ سان اهو پڌو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي ته، عربن کان انگريزن تائين ۽ هاڻ سنڌ وطن ۾ موجود ڌارين جون لوڌون، سنڌ وطن جي وارثن کي نفرت، ڪيني ۽ حسد جي نظر سان پيون ڏسن، پوءِ به سنڌي پاڻ ۾ ورهايل آهن ۽ قومي وحدت جو کين احساس ئي ناهي!
“ ناچڻي، ڪام ۽ ڪروڌ ” هن ڪهاڻي ۾ شهوت جي باھ، دل ۽ دماغ تي ٻري وڃڻ کانپوءِ ڪيفيت ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاڙهي کي جنسي لذت جي نالي سان، نفسياتي احساس محسوس ڪرائڻ لاءِ تمثيل گھڙي ويئي آهي. ڪهاڻي ۾ نفسياتي خواهش تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي پيو، پر جڏهن ته ڪهاڻيڪار رڳو احساسن کي ڇُهيو آهي ۽ مان سندس پندرنهن ڪهاڻين جي صرف نتيجن تي مختصر پيو لکان ۽ باقي ٻن آخري ڪهاڻين سميت تفصيل سان لکڻ، ٻين لاءِ پيو ڇڏيان .
“ دادلو درياھ ” هن ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار اعجاز جي نالي سان آهي، جيڪو موهن جي دڙي جو رهائش پذير آهي _ جنهن 1980غ واري ٻوڏ کان 30 سال اڳ؛ يعني 1950ع سندس پيءُ درياھ تي وٺي ايندو آهي. تڏهن اعجازان جي عمر اندازي موجب 08 سال آهي ۽ ان عمر کان سندس من ۾ درياھ سندس عقيدو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو 1980ع واري ٻوڏ دوران عمر ۾ 38 سالن جو شادي شده ۽ اولادي آهي، تڏهن به سنڌو درياھ ۾ پاڻي کوٽ سبب، سنڌي ماڻهن جي سياسي احتجاج، مظاهرن، مطالبن ۽ سائينسي انجنيئرنگ واري ويڙھ کان وڌيڪ عقيدي کي اهميت ڏيئي، دريا کي پاڻي سان پلٽائي، سڄي سنڌ کي ٻوڏ جي عذاب ۾دربدر ڏيکاريو ويو آهي. جنهن مان دعا جي دهشت جو عڪس ته اڀري ٿو، پر عقل ۽ علم واري اُنس کان، انسانيت محروم ڏيکاري وئي آهي! اهڙي طرح هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج کي ارتقا کان، هن ڪهاڻي لکڻ تائين احتجاج ۽ اعتراض جهڙي جدوجهد کان وڌيڪ سماج کي عقيدي جي احساس جو اهڙو ئي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي، جيئن شاھ لطيف سُر سهڻي ۾ محبت جي هڪ ڪمزور ڪردار، ميهار جي زباني چوي ٿو.
“ درياھ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!“ (شاه)
ان کانپوءِ “ ڪامريڊ II ” ۽ “ ڪامريڊ III ” اهي ٻئي ڪهاڻيون نمبروار گڏ ڏنل آهن. ڪتاب ۾ موجود اڪثر سڀني ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار، انساني نفسيات جي احساسن جو ڄڻ تجربو ڪيو آهي . پر ان ۾ وطن پرستي واري قومي فڪر جي جھلڪ بلڪل واضح آهي _ ڪوئي منفي سوچ رکندڙ نقاد ڪجھ ڪهاڻين کي ته نعري باز ڪهاڻيون به چئي سگھي ٿو!
مذڪوره ٻنهي ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي ۾ شبير نالي قوم پرست ڪامريڊ جو ڪردار آهي، جيڪو بدين جو رهاڪو آهي، جنهن پنهنجي سڄي عمر قومي فڪر جي پرچار ۾ قربان ڪئي آهي. پر پڇاڙڪي عمر ۾ ان جي حالت ڄڻ سگريٽن جا ٽوٽا پييئندڙ هڪ پينو فقير واري ڏيکاري ويئي آهي ۽ وطن پرستي لاءِ جيڪو هن پورهيو ڪيو، ان لاءِ ماڻهو کانئس ڪجھ ٻڌڻ لاءِ دائرو ٻڌي بيهن ٿا ته، انهن کي به جانوري سوچ سان انسان جي شڪل ۾، اُهي ڄڻ رول ڪتا ڪري ڏيکاريا ويا آهن! _ اهڙي طرح اهو قوم پرست ڪامريڊ ڪردار ، قوم پرستي جو ڄڻ نفسياتي ديوانو ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس سياسي جدوجهد جو نتيجو نا اميدي ظاهر ڪري ٿو!
ساڳي طرح “ ڪامريڊ III ” ڪهاڻي ۾ راشد جتوئي نالي مرڪزي ڪردار آهي ۽ صوفي شاھ عنايت شهيد جي نگري جو رهاڪو آهي، جيڪو پهريان پپلزپارٽي جو جيئالو ڪارڪن آهي، پر پي پي جي مفاد پرست وڏيرن جا ڪڌا عمل ڏسي، قوم پرستي جو نعرو هڻي، انهن وڏيرن جو سخت مخالف ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ اچانڪ ئي ان پرچار ۾ هميشه لاءِ گم ٿي وڃي ٿو نه پاڻ ٿو هٿ اچي ۽ نه سندس نعري جو ڪوئي نتيجو. بس رڳو انهن وڏيرن هٿان اغوا ٿي وڃڻ جا اشارا آهن.
هن ڪهاڻي ۾ “ جو کيڙي سو کائي ” ان نعري جو بانيڪار صوفي شاھ عنايت کي ڏيکاريو ويو آهي، پر حقيقت ۾ اهو معاملو تاريخ ۾ اڃا ديبل بندر جيان زيرِ بحث ۽ تحقيق طلب آهي.
ڪتاب ۾ ڏهون نمبر ڪهاڻي جو نالو آهي “ ملان شريف ” هن ڪهاڻي ۾ مسجد جي پيش امام جو عمل سندس نالي جي ابتڙ آهي. سندس نالو شريف آهي پر نيت بدمعاش اٿس.، پر ملي جو اهڙو ئي رواجي ڪردار آهي، جيئن صدين کان سنڌ جا صوفي شاعر مُلي بابت تُڪ بندي ڪندا آيا آهن. تنهن ڪري هڪ نفس پرست پيٽُوڙي ملي جي ڪردار ڪهاڻي کي به روايتي رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي.
“ مهين جو دڙو ” هن ڪهاڻي ۾ موهن جي دڙي جي تاريخي اهميت ۽ دراوڙن جي ترقي يافتا تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ويئي آهي ۽ ان ماڳ تي تفريح خاطر ايندڙ ماڻهن جي بدسلوڪي، پن ج هزار سال پراڻي تاريخي ماڳ کي پنهنجو ورثو سمجھي ان کي سنڀالن، سنوارڻ جي بجاءِ انهن جي ذريعي ان جي لتاڙ ڏيکاري وئي آهي. اهڙي طرح ڪهاڻي جي اختتام ۾ سنڌي قوم جي سڌاري وارو امڪان گھٽ ڏيکاريو ويو آهي. پر منهنجي خيال ۾، ليکڪ ڪهاڻي جو ڪلائميڪس شعوري طور ايئن شايد نه پيو ڏيئڻ چاهي، بلڪه لکڻي دوران ڪڏهن، ڪڏهن اسلوب پنهنجي لکاري کان پنهنجي مرضي مڃائي وٺندو آهي _ اهو منهنجو امڪان آهي _ ٿي سگھي ٿو ايئن نه به هجي، پر مونکي جيئن محسوس ٿيو تيئن لکيم.
ان کان علاوه هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ جي مشاهدي ۽ مطالعي واري علم ڳنڍ ۾ ٻڌل موتي ڳڻي سگھجن ٿا، ڪهاڻي ۾ منظرڪشي خوبصورتي سان چٽي ويئي آهي.
“ گھايل گھٽائون جيون ” هن ڪهاڻي پڙهڻ سان ليکڪ جي ذاتي سوچ ڏانهن ذهن ڇڪجي وڃي ٿو، جنهن مان ايئن محسوس ٿيندو آهي، ته ليکڪ ڄڻ جنسي لذت واري نفسيات کي واضح ڪرڻ جو ڪوئي ذاتي مقصد رکندڙ آهي، جنهن ڪري ٻين ڪهاڻين جيان هي ڪهاڻي به انسان جي رئيس عضون سان ذهن وندرائڻ ۽ جنسي لذت واري چسڪي ۾ مڙهي ويئي آهي! جنهن ۾ جنسي لذت واري مريض کي سچي محبت واري مسيحائي کان محروم ڏيکاريو ويو آهي. ايتري تائي جو عورت جي خاص عضون کي ماکئ جو رس مکي، انهن عضون کي اکيون پوري چٽڻ واري حوس ۽ چس وٺن واري چرپڻ کي چڱي طرح چٽو ڪيو آهي. پر زندگي جي مقدس رشتن تي پوندڙ منفي اثر جو ڪوئي اشارو ۽ ان خواهش واري انتها سبب پيدا ٿيندڙ نفسياتي بيمارين جي آگاهي لاءِ، هڪ اڌ ڪنايو ڏيئڻ به ليکڪ جو خيال خاموش آهي. جڏهن ته ليکڪ نفسيات بابت چڱي ڄاڻ رکندڙ به آهي.
“ ڇو نٿو مون کي سڏين ” هن ڪهاڻي ۾ به محبت ۽ جنسي تعلق جا احساس دوهرايا ويا آهن، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار يا ان کي ڪهاڻي جي هيروئن چئون، اها شادي کان اڳ ۾ ڪنواري محبت جي لذت ۽ شادي کان پوءِ ڪنوارپ واري پراڻي لذت جا احسادس ۽ پنهنجي جسم لاءِ ٻن عاشقن وارو جنسي لطف، جنهن ۾ هڪ زال ۽ ٻيو محبوبا جي حيثيت سان ان جنسي ڪيف ۾ سوچون ورهائيندي خود به ورهائجي وڃي ٿي ۽ ٻهِ پُڙي سڻڀي اڦراٽي جيان پچندي به ان احساس کان محروم آهي ته، ( محبت ۾ جنسي لذت ۽ زندگي جي اصل حقيقت، ٻه الڳ،الڳ احساس آهن ) بلڪه ايتري تائين جو شهوت جي باھ دوران، سنجوڳ جي وقت، جسم جي اڳ، پُٺ واري ساڃاھ سالم رکڻ کان به محروم آهي ! شايد سنجوڳ واري جنسي جولان ۾ ليکڪ، ماڻهپي جو موت ڏيکاريڻ جي ڪوشس ڪئي آهي.
“ افطاري ” ڪتاب ۾ هي ڇوڏهون نمبر ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ تخليق ڪيل ڪردار، هڪ اهڙي بي حس سماج جي نادان روين سان ڌڌڪاريو ويو آهي، جيڪو سماج غير مهذب ۽ قومي غلامي واري محروميت سبب انسانيت جي اهڃاڻن کان به محروم آهي ۽ اوکي ويل، پنهنجي آدميت به سلامت رکي نه سگھيو آهي.
هي هڪ اهڙي احساساتي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ باشعور فرد کي پنهنجي قومي جاڳرتا لاءِ سندس ستل احساس کي بيدار ڪري ٿي.
“ گاريون ” هي سَو سوا لفظن تي مشتمل مائڪرواسڪوپ ڪهاڻي، جنهن ۾ شادي جي خواهش سبب، مقدس رشتن کي ڌڪاري، ماڻپي کي رشتن جي احساس کان محروم ڏيکاريو ويو آهي.
مائڪرو اسڪوپ ڪهاڻي جو پلاٽ ئي ايترو هجي ٿو، جنهن کي ٿورن لفطن ۾، تڪڙو نتيجو ڏيندڙ قصو يا ڪهاڻي چيو ويو آهي. _ هي تمام مختصر اسلوب ڪهاڻي باشعور، ترقي يافته ۽ مصروف ترين سماج ۾ پنهنجو ملڪو ماڻي چڪي آهي، پر سنڌي ادب ۾ ان تي اڃا تڪرار ايئن هلندڙ آهي، جيئن سنڌ جي نامڪمل تاري تاريخ تي تحقيق هلندڙ آهي! _ ان جو خاص ڪارڻ غلام سماج ۽ محڪوم قوميت آهي. جنهن ڪري قصا، ڪهاڻيون ۽ ناول وغيره وڏي مغز خور ڊيگھ ۽ ڊگھِي مدت تائين مرِي،مرِي جيئڻ واري حالت مان گذرن ٿا، ايتري تائين جو سماج جا رويا ۽ نسل به تبديل ٿيو وڃن ۽ قصن، ڪهاڻين جا نتيجا ان تبديلي جي محور ۾ ئي گم ٿيو وڃن يا مريو وڃن. پر هڪ سڄاڻ ليکڪ اهو سمجھي ٿو ته، صحتمند ۽ سگھاري ٻولي ۾ تخليق ڪيل ادب تاريخ ۾ زنده رهي ٿو. تنهن ڪري اُهو ليکڪ پنهنجن لکڻين وارن تجربن کي ترڪ نٿو ڪري ۽ پنهنجي تخليق کي تاريخ جي تهن ۾ جمع ڪندو رهي ٿو ۽ ان عمل ۾ ٿڪي هرگز نٿو ۽ نه پنهنجي پورهيي مان نا اميد رهي ٿو. اصل ۾ ان کي ئي آدرش، مستقل مزاجي ۽ ادب سان سڄي عمر جو تعلق جوڙي رکندڙ هڪ لکاري کي اديب چيو ويوآهي. جيڪو پنهنجو سڀئي صلاحيتون سچائي سان، ڪُل وقتي پنهنجي مقصد لاءِ وقف ڪندڙ آهي.
محترم هوش محمد ڀٽي به پنهنجي عمر جو گھڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. جنهن ۾ کيس نظم توڙي نثر تي ڪافي تجربو حاصل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب 2018ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ سندس سترهن ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻين ۾ ٻولي کي دلچسپ بڻائڻ لاءِ تجنيس خطي ۽ من موهيندڙ رڌم واري روانگي تي وڏو ڌيان ڏنو اٿس، جنهن ڪري پروف جون ڪافي غلطيون محسوس ئي ڪون ٿيون ٿين. ليکڪ جي اها مهارت ساراھ جوڳي آهي. ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي پنهنجي ٻولي سان پرڀائي ٿو وٺي _ پر ڌيان ڏئي پڙهندڙ لاءِ پروف جون غلطيون ڄڻ سندس ڪيفيت جون نسون ڪپي وڌيڪ پڙهڻ کان روڪينديون هجن. ليڪن ليکڪ جي ڏاهپ انهن غلطين کان پوءِ به مٿڀري آهي. جيڪا ڪردارن کي پنهنجي ڪِرت ۽ ادائگي ۾ سندن ڪردار مطابق، شڪل چٽڻ واري مصوري، سندس ڏات کي نروار ڪندڙ آهي. البت ايئن ڪجھ محسوس بلڪل ٿيئي ٿو ته، ٻولي تي سندس ايترو عبور حاصل نطر نه پيو اچي، جيترو سندس جذبو انساني نفسيات پرکڻ ۾ جذب ٿيو اهي. ان جو ڪارڻ اهو به شايد ٿي سگھي ٿو ته، دنيا ۾ جيتريون صورتون اوترا چاهيندڙ ۽ اوتريون ئي ڪهاڻيون،قصا آهن. ۽ انهن لاءِ سوچيندڙ اوترا ئي آهن پر انهن تي لکندڙ اوترا ناهن ٿوررا ڪي آهن. جنهن ڪري هر ڪهاڻيڪار جي حصي ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پنهنجا قصا ۽ منظر پيش ڪندڙ رهيون آهن ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي هر ڪهاڻي کي سونهائيندڙ ذيور پارائي نه سگھيو آهي!
سنڌ وطن ۽ سنڌي ادب سان محبت رکندڙ هوش محمد ڀٽي لاءِ ايترو ضرور چئي سگھجي پيو ته، ادبي ڌارا ۾ سندس ٻيڙي ترندي ڏسي، ائين لڳي ٿو ته، پاڻ اهڙي پتڻ جو پاتڻي آهي، جتان سوچن جا ڪيئي مسافر سِير کي سامهون سينو ساهي زندگي جي ٻيڙي اجھاڳ سفر ۾ هاڪاريندڙ آهن.
زندگي جھاڳ، اجھاڳ جي جھاڳور ۾ چانڊوڪي رات دوران رلندڙ ڪڪر جيان آهي، جنهن جي موت کان سواءِ باقي ڪنهن منزل جي يقيني پروڙ نٿي رهي، ۽ هي اهو سفر آهي جيڪو رڪڻ سان به نٿو رڪجي. اهو ئي سبب آهي جو، زندگي جي ان اڪيلي سفر لاءِ ماڻهو محبتون جوڙن، ڳنڊين ٿا ۽ پنهنجين عمرين سان گڏ قوم، وطن، سماج، ٻولي ۽ تهذيب کي جيئارن ٿا. _ هوش محمد ڀٽي پنهنجي ڪتاب جو نالو “ ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ ” شايد انهيءَ خيال سان ئي رکيو آهي ۽ ڪتاب ۾ اڪثر ڪهاڻين جو مرڪزي خيال به، ايئن زندگي جي سفر کي, نفرتن جي نيئرن مان ڇڏائي, ڪنهن اهڙي اجتماعي اتحاد کي ڳولي، ان سان ڳنڍيندڙ آهي، جيڪو سياسي، سماجي، علمي توڙي معاشي ترقي واري ڌارا جي مست درياھ مان پار اڪاري، آزادي ۽ خوشحالي جهڙيون آسائشون پنهنجي وطن واسين لاءِ پيدا ڪندڙ هجي. ۽ اهڙو آدرش هڪ سٺي ۽ سيبتي ليکڪ جو ئي هجي ٿو.
Hyder Darya
MirPurBathoro

Address

Sharjah

Telephone

+971558778132

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when SindhiBooksSuportt posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category