01/07/2026
پاڻي الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، پر جيڪڏهن اهو آلودہ هجي ته ڪيترين ئي خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) موجب پيئڻ جي پاڻي ۾ آرسينڪ (Arsenic) جي موجودگي انساني صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي. ڊگهي عرصي تائين آرسينڪ وارو پاڻي استعمال ڪرڻ سان گردن (ڪِڊني)، جگر، چمڙي ۽ ڪينسر سميت ٻين سنگين بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
دادو شهر جي زيرِ زمين پاڻي بابت ڪيل مختلف ٽيسٽن ۾ آرسينڪ جي موجودگي بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. تنهنڪري هر شهري کي پنهنجي گهر جي پاڻي جي جاچ ضرور ڪرائڻ گهرجي.
پاڻي استعمال ڪرڻ کان اڳ هي ٻه ٽيسٽ ضرور ڪرايو:
Arsenic (آرسينڪ)
TDS (Total Dissolved Solids)
بهترين معيار جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ TDS 300 mg/L کان گهٽ هجڻ بهتر سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن TDS 300 کان وڌيڪ هجي ته پاڻي کي مناسب فلٽريشن يا واٽر ٽريٽمينٽ کان پوءِ استعمال ڪريو.
پنهنجي ٻارن، بزرگن ۽ پوري خاندان جي صحت جي حفاظت ڪريو، ڇو ته احتياط ئي بهتر بچاءُ آهي.
هي اهم آگاهي وارو پيغام وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، جيئن هر گهر تائين صاف ۽ محفوظ پاڻي بابت صحيح ڄاڻ پهچي.
FRIENDS AQUA PURE DRINKING WATER
دادو پهريون رجسٽرڊ پلانٽ