Indus valley Books

Indus valley Books Indus Valley Books, established in 2016, is Karachi’s beloved bookstore, offering a curated selection of books for all readers.

From classics to contemporary titles, we foster a love for literature with quality reads. Spreading reading culture in SIndh.

ٻاراڻي راءِ (يووال نوح حراري جي ڪتاب نيڪسس جو پارشل جائزو)خياماچو تہ توھان کي ان دنيا ۾ وٺي ھلون جتي مادي نالي ڪنھن شيءِ...
08/07/2025

ٻاراڻي راءِ (يووال نوح حراري جي ڪتاب نيڪسس جو پارشل جائزو)
خيام
اچو تہ توھان کي ان دنيا ۾ وٺي ھلون جتي مادي نالي ڪنھن شيءِ جو وجود ڪونھي. فقط معلومات ئي معلومات آھي. تصوراتي معلومات جا خزانا آھن. ان معلومات جو ھڪٻئي سان تعلق آھي. ھڪڙي معلومات ٻيءَ معلومات کي بنا ڪنھن سبب ۽ نتيجي جي پيدا ڪري رھي آھي. انساني لاشعور ان معلومات سان ڏينھو ڏينھن منور ٿي رھيو آھي. پر اتي ڪا بہ مادي شيءِ موجود ناھي. ھڪڙو خواب جو عالم آھي. پر جيئن تہ ان ۾ مادي وجود جو تصور ڪونھي ان ڪري نہ تہ اتي ڪا ذات آھي ۽ نہ ان جو نالو. ھڪڙي پاسي کان روشنيءَ جا ڪرڻا اچن ٿا جيڪي انسان کي ھڪڙي شيءِ بابت ٻڌائن ٿا. پر ٻڌائن الائي ڪھڙي زبان ۾ ٿا ڇو تہ زبان جي لاءِ نالا ضروري آھن ۽ نالن جي لاءِ مادي وجود ۽ ان سان ڪا نسبت ضروري آھي. ھاڻي اسان ڪافي ڪجهہ ڄاڻڻ لڳا آھيون پر اسان اھو ڪنھن کي ٻڌائي نہ ٿا سگهون ڇو تہ اسان کي پاڻ کي اھا خبر ڪونھي تہ ڪيترو ڄاڻون ٿا ۽ ڇا جي باري ۾ ڄاڻون ٿا! پر مزي جي ڳالھ آھي تہ اسان جي معلومات ھڪٻئي سان ملندي ھڪڙو نيٽورڪ ٺاھي، ڪھاڻيون جوڙي ھڪ تمام وڏي طاقت جو روپ ڌاري ٿي ۽ ان طاقت جي مدد سان اسان حڪمراني ڪري سگهون ٿا. ڪنھن تي حڪمراني ڪري سگهون ٿا ۽ ڇا تي حڪمراني ڪري سگهون ٿا؟ اھا ڳالھ نہ ٿا ٻڌائي سگهُون ڇو تہ ان جو تعلق وري مادي وجود ۽ ان سان سلھاڙيل مختلف وجودن سان آھي. توھان ٿورو اڳتي سوچيندوَ تہ مون وانگر ھڪ وڏي ابھام ۾ مبتلا ٿي ويندئو تہ ھي ڇا ٿو چوڻ چاھي؟ اھو مان نہ ٿو چوڻ چاھيان پر مشھور دانشور يوال نوح حراري ٿو چوي.
”معلومات کي فلسفين ۽ حياتدانن کان ويندي طبعياتدان پڻ حقيقت جو بنيادي جزو سمجهن ٿا ۽ ان کي مادي ۽ توانائيءَ کان بہ وڌيڪ بنياي تصور ڪن ٿا“ حراري،2024 . ان کان اڳتي وڌي لکي ٿو تہ ”معلومات جي ڪا مخصوص وصف نہ ٿي بيھاري سگهجي ۽ نہ وري ان جو ڪو اندازو ڪري سگهجي ٿو تہ اھا فزڪس، بايولاجي سميت ٻين سمورن علمن ۾ ڪيئن واضع ڪري سگهبي تہ ان جي وصف ڇا آھي. اسان جو ان سان ڪم بہ ڪونھي. جيئن تہ ھيءُ (نيڪسس ڪتاب) ھڪ تاريخ جو ڪتاب آھي جيڪا انساني سماج جي ماضيءَ ۽ مستقبل ۾ واڌاري کي زير بحث آڻيندي آھي ان ڪري اسان فقط تاريخ ۾ معلومات جي وصف ۽ ڪردار تي ڌيان ڏينداسين“ حراري، 2024.
ان کان اڳ ۾ جو اسان فقط ان ھڪڙي اقتباس جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيون، اچو تہ پھرين ان ڪتاب سان روشناس ٿيون، جنھن جي باري ۾ اڄ اسان کي بحث ڪرڻو آھي.
يووال نوح حراري، اسرائيل سان تعلق رکي ٿو ۽ اسرائيل جي ھيبريو يونيورسٽي يروشلم ۾ تاريخ جو پروفيسر آھي. ھن وقت تائين سندس ڏھاڪو کن ڪتاب اچي چڪا آھن جن ۾ سيپيئنز 2011، ھومو ڊيوز 2015، ٽوينٽي ون ليسنز آف ٽوينٽي فرسٽ سينچري 2018 ۽ نيڪسس 2024 اھم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ھن ٻارن جي لاءِ ھڪ سيريز، دي انسٽاپبل اس پڻ لکي آھي.
”يوال نوح حراري پاڻ کي ايڪويھين صديءَ جي اھم ترين ۽ دستياب تاريخدانن ۾ شمار ڪرايو آھي. ھن نہ صرف ماضيءَ جي تاريخ جو ڇيد ڪيو آھي پر ان سان گڏ مستقبل جي تاريخ جي پيش خيمي بيان ڪرڻ جي جسارت پڻ ڪئي آھي“ نيڪرڪ، 2020.
پاڻ نيڪرڪ سان گهڻو سھمت نہ ٿا ٿي سگهون ڇو تہ سندس بحث ان ڳالھ سان شروع ٿئي ٿو تہ يوناني دور کان وٺي ما بعد از جديد دور جي تاريخدانن فقط ماضيءَ جي واقعن کي قلمبند ڪري ان کي تاريخ سمجهيو آھي پر حراري جي ھڪڙي خوبي اھا بہ آھي تہ ھن ماضيءَ سان گڏ مستقبل جي عڪاسي ڪرڻ کي فرض سمجهيو آھي جنھن ۾، نيڪرڪ مطابق ھو تمام گهڻو ڪامياب ويو آھي. اسان ھڏ چم جا ماڻھوجيئن تہ اڃان مستقبل ۾ پھتا ئي ناھيون ان ڪري اھو نہ ٿا چئي سگهون تہ حراري مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪرڻ ۾ڪيترو ڪامياب ويو آھي ۽ اھو بہ تہ مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪرڻ واري علم کي ڇا ٿو چئي سگهجي. پر سچي ڳالھ اھا آھي تہ ھينئر جو مستقبل، ايندڙ وقت جو حال آھي ۽ ھلندڙ وقت ايندڙ وقت جو ماضي. ان ڪري ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ جيڪڏھن ڪو ڳانڍاپو موجود آھي تہ اھو فقط، ھلندڙ وقت آھي مطلب ھينئر ۽ ھتي. ان ڪري اسان سندس ڪتاب نيڪسس ڏانھن وڌون ٿا. پاڻ پھرين ان ڪتاب جو مختصر خاڪو پيش ڪري، ان ۾ موجود سموري مواد جي نہ پر ان جي فقط فڪري بنيادن کي سامھون رکي ۽ پوءِ ان تي حال سارو تجزيو ڪنداسين.
ڪتاب جو خاڪو: 437 صفحن جي ھن ڪتاب جا ٽي حصا آھن. 1. انساني نيٽورڪ (رابطن جو ڄار) 2. غير نامياتي نيٽورڪ 3. ڪمپيوٽر پاليٽڪس.
پھرين حصي ۾ ڪل پنج باب آھن، انھن مان پھريون باب آھي تہ معلومات ڇا آھي؟ ٻيو باب اسٽوريز: انلميٽيڊ ڪنيڪشنز، ٽيون باب، ڊاڪيومنيٽس: بائٽس آف دي پيپر ٽائيگرس، چوٿون، اررز: دي فنٽاسي آف ان فاليبلٽي ۽ پنجون، ڊسيشنز: اي بريف ھسٽري آف ڊيماڪريسي اينڊ ٽوٽليٽيرينزم.
ٻئي حصي ۾ ٽي باب، دي نيو ميمبرز، رلينٽليس ۽ فاليبل آھن. جڏھن تہ ٽئين حصي ۾ بہ ٽي باب، ڊيماڪريسيز، ٽوٽليٽيرنيزم ۽ فاليبل آھن.
پاڻ ڪتاب جي ھر ھڪ باب جو مفصل احوال لکڻ ويھنداسين تہ ھي مضمون تمام وڏو ٿي ويندو ان ڪري فقط پھرين حصي جي بابن کي ڏسون ٿا ڇو تہ ھن ڪتاب ۾ موجود بحث ۽ ان جي نتيجن جو بنياد پھرين حصي تي ئي آڌاريل آھي. ائين کڻي چئجي تہ ڪتاب جو پھريون حصو باقي ٻن حصن جي لاءِ فڪري بنياد اڏي ٿو تہ اھو غلط ڪونہ ٿيندو.
پھرين باب جي پھرين ئي صفحي جو اقتباس پاڻ اڳواٽ ڏسي چڪا آھيون جنھن ۾ حراري ان ڳالھ سان سھمت ٿيندو نظر اچي ٿو تہ انفارميشن جي ڪا ھڪڙي وصف موجود ڪونھي. ٻيو تہ ھن دور جا وڏا ڏاھا ماڻھو بہ معلومات کي مادي ۽ توانائي کان وڌيڪ بنيادي جزو سمجهن ٿا. حراري جو خيال اھو آھي تہ انساني تاريخ ۾ جنھن شيءِ سڀ کان اھم ڪردار ادا ڪيو آھي اھا معلومات آھي. اھا معلومات جنھن جو ڪو خاص طئہ ٿيل مقصد ڪونھي. ھو ان ڳالھ کان پھرين اھو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ معلومات جي باري ۾ ھڪڙي ٻاراڻي راءِ (Naive View) آھي ۽ ھڪڙي وري ڇنڊيل ڦوڪيل علمي راءِ آھي جنھن کي ليکڪ ٻاراڻي راءِ تي فوقيت ٿو ڏئي. پر ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ خبر ٿي پوي تہ اسان ايترو وقت فقط ھڪ ٻاراڻي راءِ جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
ھو چوي ٿو تہ ” جيئن ٻاراڻي راءِ آھي تہ معلومات فقط انساني نشانين جو ھڪ ميڙ آھي، ائين بلڪل ناھي“ . ھن جو خيال آھي تہ بائبل ۾ ھڪ جاءِ تي نوح نبيءَ کي انڊلٺ جي ذريعي ھڪڙو پيغام ڏنو ٿو وڃي. اتي ھو اھو بہ مثال ڏئي ٿو تہ قديم دور جا فلقياتدان تارن جي پوزيشن ڏسي معلومات حاصل ڪندا ھيا ۽ نجومين جي لاءِ تارا ۽ قطيون اھڙي آفاقي تحرير آھن جن مان ھو مستقبل جو اڳڪٿيون ڪندا آھن. ان جي ڪري سندس خيال ۾ معلومات يا معلومات جي ڪا ھڪ وصف مقرر ڪرڻ ممڪن ئي ڪونھي. پر ان جي باوجود بہ اھا انساني تاريخ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. ھو ھڪڙو واقعو ٿو ٻڌائي تہ پھرين جنگ عظيم جي دوران امريڪي فوجي ھڪڙي ڪمانڊر جي اڳواڻيءَ ۾ جرمن فرينچ بارڊر تي دشمن جي پاسي ٽپي ويا. سندن پويان امريڪي آرمي جي ٻي ڪمپني آئي پئي ۽ سندن آرمي پنھنجي ئي اڳڀري فوج تي بمباري ڪري رھي ھئي. ان ڪري پھرين دستي جي ڪمانڊر ورٽ ٻيو ڪوبہ رسد جو ذريعو نہ ھجڻ جي ڪري ھڪڙو ڪبوتر جنھن جو نالو چر آمي ھيو، ان جي چنبي سان ھڪڙي چٺي ٻڌي پوئتي اماڻي وئي تہ ھو گولاباري بند ڪن. وچ ۾ جيئن تہ جرمن فوج جي بمباري ھلي رھي ھئي. ھڪڙو شيل ان ڪبوتر کي اچي لڳو ۽ اھو ڪبوتر سخت زخمي ٿي پيو. پر پوءِ بہ چاليھ ڪلوميٽر اڏامي بيس تائين نياپو پھچائي پوءِ مري ويو. ان کي سرڪاري طور شھيد جو درجو ڏئي ۽ قومي ھيرو قرار ڏنو ويو ڇو تہ ان ڪمانڊر ونسلي سميت ڪيترين ئي فوجين جي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ھيو.
توھان جيڪڏھن ھن ڪھاڻيءَ کي غور سان پڙھو تہ محسوس ٿيندو تہ ڪھاڻيءَ جو بحث جي اصل موضوع سان ڪو بہ تعلق ڪونھي. فقط ايتري ڳالھ آھي تہ ڪبوتر ھڪڙو پيغام رسائيندڙ ھيو جيڪو مارجي ويو. ان سان اھا ڳالھ ڪٿي بہ واضع ڪونہ ٿي ٿئي تہ معلومات کي سمجهائڻ جا تمام گهڻا نڪتئہ نّظر آھن جن جي ڪري معلومات جو فقط عامياڻو نڪتئہُ نظر قبول نہ ٿو ڪري سگهجي يعني اھو تہ معلومات انسانن جي بنايل علامتن جو ھڪ ميڙ آھي.
اڳتي ھلندي ھو ھڪ ٻہ ٻيون جنگي ڪھاڻيون ٻڌائي ٿو جن ۾ سارا آرونسن ۽ پراجيڪٽ نيلي جي باري ۾لکي ٿو تہ ٻيءَ جنگ عظيم ۾ فلسطين واري علائقي تي اتحادين جو قبضو ٿيو تہ اتي موجود ماڻھن سان رابطو ممڪن نہ ھيو. پراجيڪٽ نيلي ھڪڙي علامتي ٻولي ھئي جيڪا ڳجهي معلومات جي رسد جي لاءِ جوڙي وئي ھئي. سارا آرونسن جو گهر سمند ڪناري تي ھيو ۽ ان گهر کي چار دريون ھيو. ھوءَ انھن درين مان ڪجهہ کليل ۽ ڪجهہ بند درين جي ذريعي امريڪين کي ڳجهي معلومات ڏيندي ھئي جنھن مان پري سمنڊ ۾ بيٺل آرمي پنھنجو مقصد حاصل ڪندي ھئي. ھاڻي ان ڳالھ جو عالماڻو ڇيد تہ پاڻ اڳتي ھلي ڪنداسين پر عامياڻو ڇيد ڪيون ٿا تہ، آسمانن ۾ موجود ستارا ھجن، يا مينھن وسڻ کان پوءِ انڊلٺ ھجي، جنگ جي دوران نياپو کڻي پھچائيندڙ ڪبوتر ھجي يا سارا آرونسن جي ٻولي، انھن سڀني ۾ ھڪجھڙائي ڪھڙي آھي؟ فقط اھا تہ اھي سڀ معلومات جا قسم آھن. پر انھن معلومات جي قسمن جا بنياد ڪنھن وڌا؟ ستارن جي ترتيب کي صدين کان وٺي ڪنھن پئي جانچيو ۽ مشاھدو ڪيو؟ خدا جيڪا انڊلٺ سامھون آندي سان ڪنھن انسان جي سامھون يا ڪنھن جانور جي سامھون؟ ڪمانڊر ونسلي جنھن ڪبوتر ۾ خط ٻڌي اماڻيو سا معلومات انسان جي ٻوليءَ ۾ ھئي يا ڪنھن ڪبوترن ۽ جانورن جي اشارن ۾ لکيل ھئي؟ سارا آرونسن ماڻھو ھئي يا ڪا آسماني مخلوق؟ ۽ جن جي لاءِ سارا اھي درين جي بند ھجڻ ۽ کلڻ وارا ڪوڊ جوڙيا ھيا اھي انسانن جي لاءِ ھيا يا ڪنھن ٻيءَ مخلوق جي لاءِ؟ جيڪڏھن ھر ھڪ مثال ۾ مستقل وجود انسان آھي تہ ان جو مطلب تہ معلومات سڌي سنئين انسان جي شعوري ڪوشش سان پيدا ڪيل علم جو نالو آھي. ڀلي کڻي اھا فطرت جي ڪنھن اڻڌريي لقاءَ ۾ ئي پڌري ٿيندي ھجي پر انسان ان کي تڏھن معلومات جو نالو ٿو ڏئي جڏھن ھو ان کي شعوري ارادي ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ اچو تہ ڏسون عالمن جي ان جي باري ۾ راءِ ڪھڙي آھي؛
گريگوري بيٽيسن موجب، ” جيڪا بہ شيءِ انسان لاءِ اھم ھجي، اھا معلومات آھي، پوءِ اھا ڀلي خارجي ماحول مان نڪرندي ھجي يا نفسياتي طور اندروني دنيا مان“ بيٽيسن، 1991.
”ڪنھن شيءِ جي باري ۾ غير يقينيت کان آجي علم کي معلومات چئبو آھي“ شينن،1963.
”ٻاھرين دنيا مان مليل مواد جڏھن انسان ان کي ڌارڻ لڳي، ان کي انفارميشن چئبو آھي“ وينر، 1983
انھن سميت جيتريون بہ انفارميشن جو وصفون کڻنداسين انھن سڀني ۾ٻہ شيون مستقل ڏسڻ ۾ اينديون، اول تہ انھن ۾ علم يا ڄاڻ جو ڪو خارجي يا داخلي محرڪ ٻڌايل ھوندو ۽ ٻيو تہ سڌي يا اڻسڌي طرح ان ۾ انسان جي شعوري ڪوشش جو ذڪر ھوندو. مثال طور، بيٽيسن جي وصف جيڪڏھن اکيلينداسين، تہ ان جا جيڪي جزا يا ڪي ورڊ نڪرندا اھي ھي آھن، شيءِ، انسان، اھم، خارجي دنيا ۽ داخلي دنيا. مطلب شيءِ جي وجود جي معنا الڳ معاملو آھي، پر انساني معلومات تائين رسائيءَ جي لاءِ ان کي انساني شعور جي ڪسوٽيءَ منجهان گذرڻو پوندو. اھو پڻ ضروري آھي تہ انسان ان شيءِ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاھي ٿو يا نہ. اھو ارادو سندس ضرورت تي ڀاڙي ٿو. جيڪڏھن ھن جي لاءِ ان شيءِ جي اھميت آھي تہ ان جي باري ۾ ڄاڻيندو.
ٻي وصف آھي شينن جي، جنھن جي ڪيورڊس کي ڏسنداسين تہ، شيءِ، غير يقينيت، ۽ علم. ھاڻي وري ساڳيا عنصر سامھون اچن ٿا تہ، شيءِ خارجي وجود آھي، ان جي باري ۾ يقينيت يا غير يقينت ڪنھن جي ٿي سگهي ٿي؟ ظاھر آھي جانور ۽ بيجان شيون تہ ان خفي کان آجيون آھن. ان ڪري اھا يقيني ۽ غير يقيني ڄاڻ فقط انسان لاءِ آھي. انسان کان اڻڌري ۽ ڪٽيل ڪڏھن بہ ناھي. باقي وينر جي ٻڌايل وصف کي تہ اکيلڻ جي ضرورت ئي ڪونھي ڇو تہ ھن ٻاھرين دنيا مان ملندڙ مواد کي انساني قبوليت سان مشروط ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري ڪابہ شيءِ يا وجود، ڀلي کڻي پنھنجي آزاد ھيئيت رکندو ھجي، تيسين انسان جي لاءِ معلومات جو ذريعو نہ ٿو بڻجي جيسين انسان ارادي طور ان جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪري.
ھاڻي اسان ھڪ ڀيرو وري ان تصور ڏانھن واپس ھلون ٿا جتان اسان پنھنجي ڳالھ شروع ڪئي ھئي تہ جنھن ۾ حراري چيو ھيو تہ معلومات جي ھڪ وصف مقرر نہ ٿي ڪري سگهجي ڇو تہ ان جا مختلف تناطر آھن. ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونھي تہ ان جا مختلف تناظر آھن پر پاڻ ۾ ڪجهہ تہ ھوندي! يا بس ائين مڙئي ھڪڙو لفظ آھي ۽ جيئن حراري سمجهيو آھي فقط ائين آھي؟ اڳتي ھو لکي ٿو تہ ”معلومات کي ھن دور جا فلسفي، حياتياتدان ۽ ايتري تائين جو طبعياتدان بہ، مادي ۽ انرجي کان بنيادي جزو سمجهن ٿا“ حراري 2024.
ھي تہ ھڪڙو نجو فلسفياڻو سوال آھي. پر ان کان پھرين جو ان جي فلسفياڻي بحث ۾ لھون، حراري کان اھو پڻ پڇون تہ ڪھڙا فلسفي آھن ۽ ڪھڙا طبعياتدان جيڪي اھو ٿا سمجهن ٿا معلومات مادي ۽ توانائيءَ کان بنيادي حيثيت رکي ٿي؟ ھن تہ اھڙي ڪنھن بہ فلسفيءَ يا سائنسدان کي ڪٿي بہ نقل ناھي ڪيو تہ اھو آخر ڪيئن ٿي سگهي ٿو تہ اسان مادي کان اول معلومات يا شعور جو تصور ڪري سگهون. مادي وجود کان ٻاھر معلومات، جيڪا شعوري ڪوشش آھي، سا ڪيئن ممڪن آھي؟ ھي اھو بحث آھي جيڪو مادي ۽ روح جي اوليت ۾ مقابلي واري ڪلاسيڪل سوال ڏانھن وٺي وڃي ٿو.
ساھن، 2009 مطابق، ” سڀ کان پھرين اھا ڳالھ افلاطون ڪئي ھئي تہ مادي دنيا ۽ خيالي دنيا ٻہ الڳ الڳ دنيائون آھن. جن ۾ حواسن واري دنيا، وجودي يا مادي دنيا آھي جڏھن تہ، تصور واري دنيا روحاني دنيا آھي. اڳتي ھلي ارسطو ۽ بعد ۾ سينٽ ٿامس ان ڳالھ جي مخالفت ڪئي. ڊيڪارٽ ۽ بيڪن بہ الڳ الڳ رايا ڏنا پر اسان اھو چئي سگهون ٿا تہ شين جو روح ھڪ بحث جوڳو موضوع آھي.“ جيئن تہ اھو فڪري سوال جو بنياد آھي ان ڪري اسان ان سوال ڏانھن وٺي ٿا ھلون جنھن جي جواب ۾ اھو طئہ ڪري سگهون تہ مادو اڳ ۾ آھي شعور؟
اينجلس اھا ڳالھ لکي آھي تہ، ” فلسفي ۾ سڀ کان بنيادي سوال مادي ۽ شعور جي تعلق جو آھي“ اينجلس، 1925. ”مادو مادي شين جي ھوند کان الڳ ڪو وجود ڪونہ ٿو رکي“ اينجلس، 1925. ان جو مطلب تہ، ”ھڪڙي پاسي ڪرسيون، دماغ، رنگ، روپ، ايٽم ۽ اليڪٽرانن جو وجود آھي، جن ۾ ھڪجھڙيون خاصيتون آھن، انھن کي اسين مادي شيون سڏيون ٿا. ٻئي پاسي، ڪنھن جا خيال، احساس، جذبا، خواھشون وغيرہ، جن ۾ پڻ ھڪجھڙيون خاصيتون آھن، اسان کين غير مادي سڏيون ٿا“ گريو، 1953. ھاڻي جي اسين ان سوال کي اڳتي کڻي ٿا ھلون تہ اسان کي سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ مادو ۽ خيال (شعور) ھڪٻئي کان الڳ ناھن. اھي ھڪ ئي شيءِ جا ٻہ مختلف نالا آھن. پر جيئن تہ ”اسان مادي کي ڏسي سگهون ٿا، ڇھي سگهون ٿا ۽ کائي سگهون ٿا“ گريو 1953. ان ڪري بنيادي حيثيت ان جي مادي وجود کي ڏيون ٿا ڇو تہ اسان جو علم اسان جو ان مادي وجود ڏانھن حسياتي شعوري لاڙو ۽ ان جو ماحاصل آھي.
ڳالھ تمام وڏي ٿي ويندي ان ڪري پاڻ وري واپس موٽي ڪتاب ڏانھن اچون ٿا. معلومات جي باري ۾ سندس ٻيو خيال اھو بہ آھي تہ معلومات حقيقت تي مبني ھجي اھو ضروري ڪونھي. ھو ان حوالي سان جيڪو بحث ڪري ٿو ان جو ھڪڙو مثال ھي آھي، ”معلومات سچ تائين پھچڻ جو ذريعو ناھي.“ ”انساني سماج، حياتياتي نظام ۽ طبعي نظام ۾ معلومات ڪنھن لڪل سچ جي ترجمان ناھي“ حراري، 2024. ان جو مطلب تہ معلومات جي ذريعي اسان سچ تائين نہ ٿا پھچي سگهون. ڇو تہ معلومات مختلف نڪتئہ نظر ۾ ورھائيل آھي. ٿورو ٿورو سچ ھر نڪتئہ نظر جو آھي. مطلب تہ سچ جو الڳ وجود ڪونھي. اھو ھڪڙو نسبتي لاڙو آھي جنھن ۾ ماڻھو اھو يقين رکندا آھيون تہ سچ ورھائيل آھي ۽ ھر ڪنھن وٽ مڪمل نہ پر ٿورو ٿورو سچ آھي. حراري پنھنجي ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ھڪڙو مثال ڊي اين اي جي اسٽرڪچر مان ٿو ڏئي تہ ان جي اسٽرڪچر جي پويان ڪو بہ سچ لڪل ناھي. وري اھو بہ چوري ٿو تہ ”حقيقت معروضي بہ آھي، موضوعي بہ آھي بدلجندڙ (بين الموضوعي) پڻ آھي“ حراري، 2024 . ان جي لاءِ ھو مذھبي عقيدن، پزا جي بٽڪوائن جي ڀيٽ ۾ بدلجندڙ قيمت ۽ ٻين مختلف موضوعن مان مثال ڏئي ٿو جيڪي پڙھندي پڙھندي عجيب بيزاري محسوس ٿئي ٿي. ڪيڏي مھل اھو ٿو لکي تہ ڀلي کڻي اسان جي لاءِ علم نجوم جي اھميت نہ ھجي پر رومي شھنشاھ پنھنجا سڀ فيصلا نجومين سان مشورو ڪري پوءِ وٺندا ھيا. وري اتي ئي اھو بہ لکي ٿو تہ موسيقي اھڙي معلومات آھي جنھن جي ڪابہ معنا ڪونھي. مطلب ھن کي پنھنجي ڳالھ ثابت ڪرڻ لاءِ پنھنجي اڳ ۾ ڪيل ڳالھين کي رد ڪرڻو پوي تہ بہ ھو ان ڳالھ کان گهٻرائي ڪونہ ٿو. ھاڻي جي ھن جي ڳالھ تي بيھجي تہ معلومات جو سچ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي تہ اھي سڀ مثال اجايا ٿا محسوس ٿين. ۽ جي ان جي ڪجي تہ بہ سندس پنھنجا آندل مثال سندس بيانيي جي ترديد ڪن ٿا.
بھرحال سندس سموري بحث جو ماحاصل اھو آھي تہ مختلف قسم جي معلومات ھڪٻئي سان گڏجي ھڪڙو نيٽورڪ ٺاھي ٿي ۽ انساني تھذيبي اوسر ۾ وڏي ۾ وڏو ڪمال ان معلومات جي نيٽورڪ جو آھي جنھن جو ڪنھن بہ لڪل سچ يا مطلب سان ڪو تعلق ڪونھي. اڳتي ھلي ان ئي باب جي ٻئي حصي ۾ ھو اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ ڪھاڻيون ۽ قصا ان معلومات جي نيٽورڪ جو وڏي ۾ وڏو ھٿيار آھن. ان معلومات ۽ ڪھاڻين جي ذريعي ماڻھن کي عقل، طاقت، نظام ۽ سچ جا نوان نمونا ملن ٿا. ماڻھو فقط انھن قصن ڪھاڻين جي ذريعي ھڪٻئي سان جڙن ٿا. سندس خيال ۾ ”مارڪسوادي، ڪھاڻين کي مادي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي تعلق جو اظھار سمجهن ٿا، پر ان ڳالھ ۾ مارڪسوادي غلط آھن ڇو تہ ماڻھو انھن ڪھاڻين ۾ پنھنجي عقيدن، احساسن، قومي جذبن ۽ ٻين نظرياتي لاڳاپن جي بنياد تي ڳانڍاپو جوڙين ٿا“ حراري 2024.
ان کان اڳئين باب ۾ ھو انھن ڪھاڻين جي تحريري اظھار ۽ انھن جي مجموعي طور انساني اوسر جي عمل ۾ اھميت جي ڳالھ ڪري ٿو. ھو اھو ثابت ڪرڻ چاھي ٿو تہ اصل ۾ بدلجندڙ وقت جي ضرورتن جي ڪري پراڻن خيالن کي جاري رکڻ يا انھن کي ختم ڪرڻ جي چونڊ جو ڪم تحرير دستاويزن ڪيو. اڳتي ھلي اھي دستاويز حڪمرانن لاءِ ھڪڙو مددگار ٽول بڻيا جن جي ذريعي ھنن پنھنجي مرضيءَ حقائق ۾ ردو بدل ڪرايو. بيورو ڪريسي جي باري ۾ چوي ٿو تہ، ” بيوروڪريسي دنيا جي مسئلن کي ٽيبل جي خانن ۾ ورھائڻ جو نالو آھي، ڇو تہ اھا کين خبر آھي تہ ڪھڙي دستاويز کي ڪھڙي خاني ۾ رکڻو آھي“ حراري، 2024. جيتوڻيڪ بيوروڪريسيءَ جي حوالي سان سندس راءِ سان سھمت ٿي سگهجي ٿو پر مجموعي طور تي لکت جو ڪارج ئي اھو آھي جو ھن رياست جي مدد ڪئي آھي، اھو تمام وڏي بحث جوڳو موضوع آھي. ڪتاب جا باقي ٻہ حصا انھن فڪري بنيادن جي توسيع آھن جنھن ۾ ھن پنھنجي ان ئي مرڪزي خيال کي ساڳي کي ترڪيب سان اڳتي وڌائي جديد دنيا جي نظرين، سياست ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي چيلينجز سان اچي ملايو آھي.
ھن پوري مضمون پڙھڻ دوران جيڪا بيزاري توھان محسوس ڪندا ھوندئو، اھا ھن ڪتاب کي پڙھڻ دوران محسوس ٿيندڙ بيزاريءَ جو ھڪ ڀاڱي سئون حصو ھوندي. ڪتاب جي لڳ ڀڳ پنجاھ صفحن تي ببلو گرافي ڏنل آھي، مطلب انھن ڪتابن ۽ آرٽيڪلز جا حوالا ڏنل آھن جيڪي ھن ڪتاب لکڻ دوران ليکڪ پڙھيا يا انھن مان ڪي اقتباس کنيائين. جيتوڻيڪ علمي طور اھا تمام سگهاري روايت آھي تہ جيترا وڌيڪ ممڪن ھجن ايترا لاڳاپيل مواد جا ڪتاب رفر ڪجن. پر شرط اھا آھي تہ فقط پنھنجي مقصد جي ڳالھ کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ لائبرريءَ ۾ موجود ھر مضمون ۽ موضوع جي ڪتاب مان ٽڪرا کڻي پڙھندڙ جي دماغ جي کچڻي نہ بنائجي. مطلب توھان کي پنھنجي اڻچٽي ڳالھ ثابت ڪرڻي آھي تہ ان لاءِ دنيا جي ڪنھن بہ مضمون جي ڪنھن بہ ڪتاب ۾ ڪو واقعو، ڪا ڪھاڻي، ڪو نظم، ڪا ڳالھ يا مثال کڻي اچي ويھندئو، ڀلي ان جي اڻت ڪيتري بہ ڪمزور ۽ اڻلاڳاپيل ڇو نہ ھجي! اھو مجموعي طور ھن ڪتاب جو ھڪڙو خاڪو آھن جنھن ۾ ليکڪ ائين نظرياتي ڌڪن جي بنياد تي ھڪڙن مٿان ٻيا ۽ ٻين مٿان ٽيان خيال ھڻندو ھڪڙو وڏو ٽھلڙو ٺاھي ويٺو آھي جنھن ۾ بيشمار حوالا، بيحد خوبصورت ٻولي ۽ تمام گهڻي معلومات آھي پر سچي ڳالھ آھي اھا معلومات ايتري تہ اڻپوري آھي جو دنيا جي علمي تاريخ ۾ ھڪڙي ٻاراڻي راءِ کان وڌيڪ اھميت ڪونہ ٿي رکي.
1. Nexus, Harari, Y.N, 2024, Random House NewYork, 2024, p1.
2. ساڳيو
3. Van Niekerk, A.A., 2020, ‘Building the future in the 21st century: In conversation with Yuval Noah Harari’, HTS Teologiese Studies/ Theological Studies 76(1), a6058. https://doi.org/ 10.4102/hts.v76i1.6058
4. Nexus, Harari, Y.N, 2024, Random House NewYork, 2024, p4
5. ساڳيو
6. ساڳيو
7. Social Systems (1995: 65-69, Ch. 4.II); Selbstorganisation und Information im
politischen System (1991).
8. Shenon, K. (1963). Works on Information and Cybernetics. Inostrannaya literatura, Moscow
9. Wiener, N. (1983). Cybernetics. Nauka, Moscow
10. Nexus, Harari, Y.N, 2024, Random House NewYork, 2024, p1.

11. “Existentialism and Ibn Sînâ (Avicenna), Sahin, Ayup”, Journal of Islamic Research, December (2009, Vol. 2, pp. 101-115)
12. Engels, 1925, Dialectics of Nature, Progress Publishers Moscow, 1925
13. ساڳيو
14. Grave, S. A. “The Marxist Theory Of Matter And Mind.” The Australian Quarterly, vol. 25, no. 1, 1953, pp. 91–102. JSTOR, http://www.jstor.org/stable/41317734. Accessed 4 July 2025.
15. ساڳيو
16. Nexus, Harari, Y.N, 2024, Random House NewYork, 2024, p 14
17. ساڳيو
18. ساڳيو
19. ساڳيو

"Man's Search for Meaning" by Viktor E. Frankl is a profound exploration of the human spirit's resilience in the face of...
07/06/2025

"Man's Search for Meaning" by Viktor E. Frankl is a profound exploration of the human spirit's resilience in the face of unimaginable suffering. Drawing from his experiences as a Holocaust survivor and psychiatrist, Frankl presents a compelling narrative that highlights the importance of finding purpose and meaning in life, even in the most dire circumstances.
The book is divided into two parts: the first recounts Frankl's harrowing experiences in N**i concentration camps, where he witnessed the depths of human despair and cruelty, yet also the remarkable capacity for hope. The second part introduces Frankl's psychological approach known as logotherapy, which emphasizes the search for meaning as the primary motivational force in human beings. He argues that individuals can find meaning through suffering, love, and purposeful work, ultimately shaping their own destinies. "Man's Search for Meaning" serves as a testament to the strength of the human spirit and the transformative power of meaning in life.

10 Key Lessons

1. The Search for Meaning is Fundamental: Recognize that the search for meaning is a primary human motivation; understanding your purpose can provide strength during difficult times.

2. Suffering Can Lead to Growth: Understand that suffering is an inevitable part of life; finding meaning in suffering can lead to personal growth and resilience.

3. Freedom of Choice: Acknowledge that while we cannot control our circumstances, we have the freedom to choose our attitudes and responses; this choice is a form of inner freedom.

4. Embrace Responsibility: Accept responsibility for your life and choices; taking ownership empowers you to create a fulfilling and meaningful existence.

5. Find Purpose in Work: Engage in work that is meaningful to you; pursuing a calling can provide a sense of purpose and fulfillment.

6. The Importance of Love: Recognize that love is a powerful source of meaning; deep connections with others can provide comfort and motivation in the face of adversity.

7. Cultivate Hope: Maintain hope and optimism, even in the darkest situations; hope can be a guiding light that helps you persevere through challenges.

8. Live in the Present: Focus on the present moment; being mindful of the here and now allows you to appreciate life and find meaning in everyday experiences.

9. Create Meaning Through Action: Understand that meaning is not simply found but created through our actions and choices; engage in activities that resonate with your values.

10. Help Others Find Meaning: Support others in their search for meaning; contributing to the well-being of others can enhance your own sense of purpose.

"Man's Search for Meaning" reflect Viktor E. Frankl's insights into the human condition and the profound impact of meaning on our lives. The book serves as a powerful reminder of the resilience of the human spirit and the enduring search for purpose, even in the face of suffering and adversity.

کتابوں کی کتابنایاب حسنسونالی بندرے مشہور بالی ووڈ اداکارہ ہیں، مگر ان کی ایک شناخت کتاب، مطالعے اور کہانیوں سے بھی وابس...
12/05/2025

کتابوں کی کتاب

نایاب حسن

سونالی بندرے مشہور بالی ووڈ اداکارہ ہیں، مگر ان کی ایک شناخت کتاب، مطالعے اور کہانیوں سے بھی وابستہ ہے۔ کتاب بینی کا والہانہ ذوق رکھتی ہیں ۔ ’سونالی بک کلب‘ ایک ڈیجیٹل پلیٹ فارم انھوں نے تشکیل دیا ہے، جہاں ادب، کتاب اور معاشرتی اقدار کی تعمیر و تشکیل میں اس کے کردار پر گفتگو کی جاتی ہے،ان کی شخصیت کا ایک دلچسپ اور سبق آموز پہلو یہ ہے کہ 2018 میں جب وہ کینسر جیسے مہلک مرض سے لڑ رہی تھیں ،تو ماہر ڈاکٹرز ،ہمدرد عیادت کرنے والوں کے ساتھ کتابوں کی صحبت نے بھی انھیں بہت ہمت و حوصلہ بخشا اور وہ اس جان لیوا بیماری کو مات دینے میں کامیاب رہیں۔ بچوں کی تربیت کے حوالے سے ذاتی تجربات پر مشتمل ان کی کتاب The Modern Gurukul کو غیر معمولی مقبولیت حاصل ہوئی تھی اور اب اپریل 2025 کے اواخر میں ان کی تازہ کتاب A Book of Books منظر عام پر آئی ہے، جسے مشہور پبلشنگ ہاؤس ہارپر کولنز نے شائع کیا ہے۔

دوسو سے کچھ زائد صفحات پر مشتمل چہار رنگی ، آرٹ پیپر پر شائع شدہ یہ کتاب نہایت دلچسپ اسلوب میں کتاب کہانی بیان کرتی ہے اور ڈیجیٹل عہد میں مطالعے کی اہمیت اور قدر و قیمت پر روشنی ڈالتے ہوئے اس کے مختلف طریقوں کی نشان دہی کرتی ہے۔ مصنفہ کی زبان بھی بہت صاف ستھری ،شستہ و نستعلیق ہے اور انھوں نے چھوٹے چھوٹے فقروں/جملوں/ نکات کی شکل میں موضوع سے متعلق نہایت قیمتی مواد اس کتاب میں پیش کیاہے۔

کتاب کے کل آٹھ ابواب ہیں، پہلے باب میں اس سوال کے 13 جوابات دیے ہیں کہ انسان کو مطالعہ کیوں کرنا چاہیے؟ دوسرے باب میں ایسے چالیس طریقے اور عملی اصول بیان کیے گئے ہیں، جو ایک انسان کے اندر کتاب اور مطالعے سے محبت پیدا کرسکتے ہیں۔تیسرے باب میں انھوں نے یہ بتایا ہے کہ کتابوں کی وسیع و عریض کائنات میں متنوع انسانی حالات و کیفیات کی عکاسی کرنے والی ، یعنی خوشی،غم، اشتیاق، حسرت، تجسس، ہیجان، غصہ، جھنجھلاہٹ، بوریت، خمار، چڑچڑاپن، شرمندگی، کسل مندی، تردد و تشکک اور جھینپ میں سے ہر کیفیت کے مناسب آپ کو کتابیں مل جائیں گی، جو انسان کو حالتِ اعتدال میں رکھنے اور بے اعتدالی اور کسی بھی کیفیت کی انتہا پر پہنچنے سے محفوظ رکھنے میں معاون ہیں۔ مصنفہ نے ہر انسانی کیفیت کے لیے موزوں کتابوں کی نشان دہی بھی کی ہے۔ اسی باب میں انھوں نے ان لوگوں /بچوں کو کتاب، مطالعہ اور تعلیم و تعلم کی راہ پر لگانے کے لیے بہت عمدہ تدبیریں بتائی ہیں، جو کسی جسمانی یا ذہنی عارضے کے شکار ہیں اور ان کے لیے نارمل انسان کی طرح مطالعہ کرنا/پڑھنا مشکل ہے۔ چوتھے باب کا عنوان ہے Fifty shades of books جس میں اختصار کے ساتھ قدیم مصر،میسوپوٹامیا اور چین سے لے کر آج تک کتاب کی بدلتی شکلوں ،اسے لکھنے کے مختلف طریقوں اور کاغذ سے پہلے کن چیزوں پر تحریریں لکھی جاتی رہی ہیں،ان کی تفصیلات بیان کی ہیں اور یہ بھی بتایا ہے کہ اکیسویں صدی میں ہم محسوس اور مطبوعہ کتابوں کے علاوہ اور کس کس طرح مطالعہ کرسکتے ہیں۔

پانچویں باب میں مصنفہ نےاس پہلو پر فوکس کیا ہے کہ اگر ہم نئی نسل کو مطالعے کی عادی اور کتاب دوست بنانا چاہتے ہیں، تو بچپن سے ہی اس پر توجہ دینی چاہیے۔اس حوالے سے انھوں نے بڑے کارآمد اور مفید نکات بیان کیے ہیں۔ چھٹے باب میں سونالی بندرے نے پندرہ ادبِ اطفال کی کتابوں کی ، سولہ ان کتابوں کی جو بچوں کے لیے ہیں،مگر انھیں بڑوں کو بھی پڑھنا چاہیے اور 17کلاسیکی ادبی کتابوں کی نشان دہی کی ہے، جنھیں ان کے خیال میں ہر شخص کو پڑھنا چاہیے۔انھوں نے اختصار کے ساتھ ان کتابوں کے مصنفین، مشمولات اوران کے زمانۂ تخلیق پر بھی روشنی ڈالی ہے۔

ساتواں باب مطالعے اور کتب بینی کا عمومی ماحول پیدا کرنے اور اس کے استحکام میں لائبریری کے کردار کو واضح کرتا ہے۔چاہے وہ تعلیمی ادارے کی لائبریری ہو ، پبلک لائبریری ہو یا شخصی لائبریری؛ ان سب کی انسان کو کتاب سے قریب کرنے اور کتاب کلچر کی تعمیر و تشکیل میں غیر معمولی اہمیت ہے۔مصنفہ نے اس باب میں لائبریری میں موجود کتابوں کے ذخائر کے علاوہ ان کے ذریعے اسٹوری ٹیلنگ، ریڈنگ پروگرام،بک کلب،مصنف سے ملاقات، مطالعاتی مسابقوں، ادبی پروگرام، کتاب میلوں، مختلف تعلیمی منصوبوں میں اسکولوں کے ساتھ شراکت وغیرہ جیسی پیش رفتوں کی اہمیت پر بھی زور دیا ہے۔ وہ بتاتی ہیں کہ 1.4بلین آبادی والا ہندوستان اس وقت دوسری سب سے زیادہ انگلش اسپیکنگ اکانومی ہے اور مطبوعہ کتابوں کی تیسری سب سے بڑی مارکیٹ ہے۔ یہاں پانچ سے چوبیس سال کے بچے اور نوجوانوں کی تعداد 500ملین ہے اور اسکول جانے والی آبادی 265 ملین ہے، جس کی وجہ سے یہاں کتابوں کی مارکیٹنگ کے امکانات بھی بہت زیادہ ہیں اور معاشرتی بیداری اور ثقافتی شعور کو بیدار کرنے اور استحکام بخشنے کی بھی سخت ضرورت ہے۔ وہ بتاتی ہیں کہ اسی وجہ سے دنیا کے دوسرے ملکوں کے مانند ہمارے یہاں کتاب میلوں اور لٹریچر فیسٹیول کا قدیم سلسلہ ہے۔ این بی ٹی کے زیر اہتمام دہلی میں منعقد ہونے والا ورلڈبک فیئر ملک کا دوسرا سب سے قدیم بک فیئر ہے، جو1972 سے ہر سال منعقد ہوتا ہے، جبکہ دنیا کا سب سے قدیم کتاب میلہ’فرینکفرٹ بک فیئر‘ ہے،جس کا اہتمام 1454 سے مسلسل کیا جارہا ہے۔ یعنی جرمن سائنٹسٹ جوہانس گٹنبرگ کے ذریعے متحرک ٹائپ پرنٹنگ مشین کی ایجاد کے چند سال بعد سے ہی یہ کتاب میلہ منعقد ہورہا ہے۔ اسی طرح بچوں کی کتابوں کا سب سے قدیم میلہ اٹلی کے بولوگونا میں پچھلے ساٹھ سال سے منعقد ہورہا ہے،جس میں بچوں کے ادب سے وابستہ مصنفین و مترجمین کے علاوہ پبلشرز، گرافک ڈزائنرز، ادبی ایجنٹ، موبائل ڈیولپرز، آڈیو بک تیار کرنے والے، بک سیلرز، لائبریرینز اور اساتذہ وغیرہ پوری دنیا سے شرکت کرتے ہیں۔اس میلے کو اپنے حجم اور تنوع کے اعتبار سے دنیا کا سب سے بڑا پبلشنگ ایونٹ قرار دیا جاتا ہے۔

کتاب کے آخری حصے میں سونالی بندرے نے انسانی زندگی پر مطالعے کے اثرات اور اس کے انفرادی و اجتماعی معاملات میں اس کے عمل دخل کو نہایت اختصار ، مگر پر اثر انداز میں بیان کیا ہے۔ آخر میں وہ لکھتی ہیں’’پڑھنے کا عمل محض کاغذ پر بکھرے ہوئے الفاظ سے گزرنا نہیں ہے؛ بلکہ یہ انسانی تجربے کے حاصلات سے مکالمہ ، مصنفِ کتاب سے معانقہ اور زمان و مکان سے ماورا خیالات کا تبادلہ ہے۔ مطالعے کے دوران قارئین کا واسطہ ایسے کرداروں سے پڑتا ہے ،جن کا اپنا بیانیہ ہوتا ہے،مگر ساتھ ہی ان کرداروں میں انھیں اپنی جھلکیاں بھی دیکھنے کو ملتی ہیں۔ اسی وجہ سے کتابوں کی دکانیں اور لائبریریاں کتابوں کے شائقین کے لیے مقدس مقامات کے مانند ہوتی ہیں۔ اس کتاب کی خوشبو،جو ابھی کھولی نہیں گئی، ان صفحات کی خاموش سرگوشی ، جنھیں قاری پلٹتا ہے اور کتابوں سے لدی شیلفوں کا مسحور کن نظارہ اُن نادیدہ جہانوں کی سیر کرواتے ہیں، جو نہایت دل انگیز و پرکشش ہوتے ہیں۔ کسی نئی کتاب کا حصول محض لین دین کا معاملہ نہیں ؛ بلکہ ذہن کے نامعلوم علاقوں کی طرف بڑھنے والا پہلا قدم اور مسرت بخش ساعتوں کی ضمانت ہے.....خلاصہ یہ ہے کہ مطالعہ ایک ایسی متحرک سرگرمی ہے ،جو نئے نئے بیانیے سے روبرو کرواتا ہے۔ یہ ایک ذاتی سفر ہے،جہاں ہر کتاب؛ بلکہ فی الحقیقت ہر صفحہ قاری کی روح پر انمٹ نقوش چھوڑتا ہے۔ بچپن کی حیرت انگیز معصومیت سے لے کر کبر سنی کی حکمت و دانائی تک، ایک قاری کا سفر کہانیوں کی لازوال طاقت کا ثبوت ہے، جو زندگی کے اس غیر معمولی سفر میں اس کی شخصیت کی تشکیل ، تحریک اور تعاون کا سرچشمہ ہے۔ ہر اس کتاب سے، جو آپ کے سونے کے کمرے اور مطالعے کے شیلفوں پر رکھی ہے اور رات کے وقت ای- ریڈرز اور آئی پیڈز میں جس کے حروف و نقوش جھلملاتے ہیں، پڑھنے کا جذبہ روشن ہوتا ہے، جو دراصل ہماری زندگی کے لیے مشعلِ راہ ہے‘‘۔

3ڏينھن ڪتابن جو اسٽال شھيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي  جنهن ۾ ڪتابن سان پيار ڪندڙ دوستن کي آگاھ  ڪجي ٿو ته  اتي ...
03/05/2025

3ڏينھن ڪتابن جو اسٽال شھيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي جنهن ۾ ڪتابن سان پيار ڪندڙ دوستن کي آگاھ ڪجي ٿو ته اتي اچي پنهنجي پسند جا ڪتاب رعايتي ملھ ۾ خريد ڪن .جنھن ۾ سنڌي اردو انگريزي ڪتاب موجود آھن

اڄ کان شھيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪتابن جو اسٽال لڳو آهي جنهن ۾ ڪتابن سان پيار ڪندڙ دوستن کي آگاھ  ڪجي ٿو...
02/05/2025

اڄ کان شھيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪتابن جو اسٽال لڳو آهي جنهن ۾ ڪتابن سان پيار ڪندڙ دوستن کي آگاھ ڪجي ٿو ته اتي وڃي پنهنجي پسند جا ڪتاب رعايتي ملھ ۾ خريد ڪن .

The Art of Being Alone. Want this great book? Just type B𝗼𝗼𝗸 📚
29/04/2025

The Art of Being Alone.
Want this great book? Just type B𝗼𝗼𝗸 📚

World Book and Copyright Day23 AprilWhat is World Book and Copyright DayWorld Book and Copyright Day is a celebration to...
09/04/2025

World Book and Copyright Day
23 April
What is World Book and Copyright Day
World Book and Copyright Day is a celebration to promote the enjoyment of books and reading. Each year, on 23 April, celebrations take place all over the world to recognize the scope of books - a link between the past and the future, a bridge between generations and across cultures. On this occasion, UNESCO and the international organizations representing the three major sectors of the book industry - publishers, booksellers and libraries, select the World Book Capital for a year to maintain, through its own initiatives, the impetus of the Day’s celebrations.

23 April is a symbolic date in world literature. It is the date on which several prominent authors, William Shakespeare, Miguel de Cervantes and Inca Garcilaso de la Vega all died. This date was a natural choice for UNESCO's General Conference, held in Paris in 1995, to pay a world-wide tribute to books and authors on this date, encouraging everyone to access books.



indus valley books is celebration world book day  in karachi our them is "Reviving the Joy of Reading in the Digital Age...
09/04/2025

indus valley books is celebration world book day in karachi
our them is "Reviving the Joy of Reading in the Digital Age"
contact :-03130009428



















"Celebrating at ! Join our movement & take the challenge 📚➡️ "

عيد مبارڪ
31/03/2025

عيد مبارڪ

Address

Flate No 802 Rafiq Center Abdullah Haroon Road
Sindh
71500

Opening Hours

Monday 09:00 - 22:00
Tuesday 09:00 - 22:00
Wednesday 09:00 - 22:00
Thursday 09:00 - 22:00
Saturday 09:00 - 22:00
Sunday 09:00 - 22:00

Telephone

03012409583

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus valley Books posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Indus valley Books:

Share

Category